”هي سانول آهي۔۔۔ آهي ته بلوچ پر پاڻ کي سنڌي سڏائيندو آهي۔۔۔“ مون پنهنجي ٽن سالن جي پٽ جو تعارف ڪرائيندي چيو۔۔
بشير خان جي چهري تي مسڪراهٽ اڀري جيڪا خوشي جي کل ۾ تبديل ٿيندي وئي۔۔۔ گهڻو پيار سان هن سانول کي پنهنجي جهولي ۾ ويهاريو۔۔۔
”بابو خوش آن۔۔“
سانول هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو۔۔
”سنڌي هين۔۔“
سانول وري هاڪاري ڪنڌ ڌوڻيو۔۔۔
بشير خان اخلاق کي ڏسي خوشي مان وري کليو ۽ کيسي مان سو روپيا ڪڍي سانول کي خرچي ڏنائين۔۔۔ جيڪو رواج آهي۔۔۔
”سائين هي شرجيل آهي۔۔۔ هن به وڏو ڪم ڪيو آ۔۔۔“ اخلاق مون ڏانهن اشارو ڪيو۔۔۔
بشير خان سواليه انداز ۾ ڏٺو ۔۔۔ هو گفتگو تمام گهٽ ۽ ضرورت جي ڪندو هو۔۔۔
”هن سنڌ تي ڊاڪيومينٽري ٺاهي آهي۔۔ صوفين تي۔۔۔ ڊاڪيومينٽري پهريون انعام کٽيو آ۔۔ ٻاهرين ملڪ ۾۔۔۔“
بشير خان حيرت ۽ غور سان چند لمحا ڏسندو رهيو ۽ پوءِ پنهنجي وزني هٿن ۾ منهنجو هٿ پڪڙي چيو۔۔
”سائين توهان جا ٿورا۔۔۔!“
ڳالهائيندي سندس اکين ۾ اچانڪ ڪٿان ڳوڙها اچي ويا۔۔۔ اها ڳالهه ڪو ٻيو نه ڪري سگهندو سواءِ ان ديواني عاشق جي جيڪو پنهنجي محبوبا جي تعريف ڪرڻ واري کي به پنهنجو محسن سمجهندو هجي۔۔۔۔
**************
دوستو هي ٽڪرو بي بي سي اردو ڊاٽ ڪام جي پني تان ترجمو ڪيو ويو آهي ۔۔۔ جنهن ۾ ليکڪ شرجيل بلوچ سنڌ جي جوڌي مرحوم بشير خان قريشي سان گهاريل ڪجهه پلن جو ذڪر ڪيو آهي۔۔ سندس پورو ليک پڙهڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو۔۔