اي سنڌ جا سنڌيو!

'مختلف موضوع' فورم ۾ گل محمد شاه راشدي طرفان آندل موضوعَ ‏11 اپريل 2012۔

  1. گل محمد شاه راشدي

    گل محمد شاه راشدي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    179
    ورتل پسنديدگيون:
    1,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    خيرپور
    اسان جي ڀٽڪڻ اسان کي بيحد ڀوڳايو آھي. پنھنجي ذاتي زندگيءَ ۾ به عذابن مان گذريا آھيون ۽ قومي زندگيءَ ۾ به اسان جي ڀوڳنائن جو ڪو انت ڪونھي. انھيءَ ڪري اچو ته پاڻ بدلايون ۽ فضيلتن ۽ ماڻھپي جو، خدا کي گھربل نئون جھان اڏيون. سڀ کان پھرين پنھنجي خواھشن ۽ ماحول جي اثر ۾ چونڊيل ڪوبه ھٿ ٺوڪيو مذھب ۽ طريقو پنھنجي مٿان مسلط نه ڪريون بلڪه اھڙا سڀ طريقا ڇڏي پالڻھار جي پاران انسانيت جي لاءِ موڪليل حتمي ھدايت قرآن جي ذريعي پنھنجي خلقيندڙ ۽ پالڻھار ذات سان وفاداري ۽ اطاعت جو عھد ڪريون. الله تعاليٰ جي ٻڌايل ضابطن کي اکين تي رکئون ۽ سندس رضا ۽ مھربانيءَ کي ان جي خلق ۾ تلاش ڪريون. صرف قرآن کي پنھنجو مرشد، ھادي ۽ رھنما بڻائي ان جي ھدايت کي پنھنجو لائحه عمل بڻايون. پنھنجي ذات جي چوڌاري ڦرڻ بند ڪريون ۽ انساني مقصدن ۾ سڀ جو خير گھرڻ شروع ڪريون. پنھنجي وسيلن ۽ ھوند کي پاڻ وٽ مالڪ جي امانت سمجھي جيئن پنھنجي اولاد تي خرچ ڪريون تيئن حال سارو پنھنجي عزيزن ۽ چوڌاري ماڻھن جو حصو به ان ۾ سمجھون. پاڻ ۾ قربانيءَ جو ڪلچر پيدا ڪريون ۽ ھر ھڪ مسلمان ۽ ھم وطن کي عملي طرح پنھنجو ڀاءُ مڃڻ شروع ڪيون.
    ـــــــــــــــــــــــــــ ارڙھين صديءَ ۾ اسان جو واسطو ڌرتيءَ جي بدترين عالمي ڦورن ۽ غنيمن يعني انگريزن سان پيو جن اسان کي غلام بڻائي ورتو. ھنن کي، ڌرتيءَ تي سوين قومن کي غلام بڻائي کين پنھنجي پنجي ۾ ڦاسائي رکڻ جو ھڪ عالمي رڪارڊ حاصل ھو. ھنن اسان جي غلاميءَ کي سگھارو ڪرڻ رکڻ لاءِ سنڌ کي بمبئيءَ سان ڳنڍي ھڪ طرف اقتصادي طور اپاھج ۽ لاچار بڻائي ڇڏيو ته ٻئي طرف ھندو مسلم نفاق جو ٻج ڇٽي مستقل سياسي عدم استحڪام ڏانھن ڌڪي ڇڏيو. ھنن جاگيرداري ۽ مرشديءَ جي مشرڪاڻي سسٽم کي سگھارو ڪيو ته جيئن اسين جھالتن ۽ محڪوميءَ جي گھڻين ڪوڙڪين ۾ ڦاٿل ھجون. ھنن اسان کي ھڪ الله جي غلاميءَ مان ڪڍڻ جي لاءِ غلامين جون سوين صورتون پيدا ڪري ڏنيون ته جيئن ان سان اسان انيڪ ڏچن جي ور چڙھيل ھجون. ھنن ڇھ ھزار ماڻھن تي مشتمل خانگي ڊريس ۾ ھڪ انٽيليجنس فورس تيار ڪئي، جنھن ۾ جعلي مرشدن، مولوين ۽ ڪاٽڪو معتبرن جي لوڌ پيدا ڪري اسان جي سماج کي جھالت، فرسودہ عقيدن ۽ ھاڃيڪار روايتن ۾ وڪوڙي ڇڏيو. پوءِ جڏھن اسان ھڪ الله جو در ڇڏيو ته سوين غلامين اسان ۾ واسو ڪري ورتو. ائين ڏيڍ سؤ سالن جي غلاميءَ جي پنجوڙن اسان جي سماجي نقشي کي ئي تبديل ڪري ڇڏيو. ـــــــــــــــ اسان جي توحيد پرست عالمن ۽ اڳواڻن توحيد جي پيغام ذريعي ھميشه اسان جي جھالتن ۽ بد رسمن کي ختم ڪرڻ لاءِ تعليم، تبليغ ۽ تربيت ذريعي ھر دور ۾ وڏا وس ڪيا. انھن اسان کي انگريزن جي غلاميءَ مان ڪڍڻ جون پنھنجي جاءِ تي وڏيون ڪوششون ڪيون پر ھينئر ڌرتيءَ جي بدترين غاصبن سان واسطو پيل ھو. پير صبغت الله راشدي (پھرين ۽ ٻئي) حر تحريڪن جي ذريعي، سيد تاج محمد امروٽي، مولانا عبيدالله سنڌي ۽ مولانا محمد صادق کڏي واري ريشمي رومال تحريڪ جي ذريعي انگريزي اقتدار جي خاتمي لاءِ جاکوڙيو. پر چالاڪ انگريزن پنھنجي انٽيليجنس ايجنٽن جي ذريعي ھنن تحريڪن کي سنڌ جي آزاديءَ لاءِ عوام جون تحريڪون بنجڻ نه ڏنو ۽ وقت کان اڳ ۾ ئي انھن کي چٿي ڇڏيو. 1857ع جي جنگ آزادي، حر تحريڪ، ريشمي رومال ۽ ٻين تحريڪن انگريزن کي نيستو ضرور ڪري ڇڏيو ھو. پوءِ جڏھن ٻي عالمگير جنگ جي پڄاڻيءَ تي انگريزن ھندوستان کي ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو ته اسان جي سنڌ کي اُن جي اصلي صورت ۾ آزاد ڪرڻ بجاءِ ھن خطي ۾ پنھنجي عالمي سامراجي مفادن جي تحفظ لاءِ تيار ڪيل ڪارن انگريزن جي حوالي ڪري ڇڏيو. اسان جا نوان آقا پنھنجي پيشرو (انگريز) آقائن کان مختلف ثابت نه ٿيا. اسين حقيقي آزاديءَ جي عمل مان ڪونه نڪتاسون. فرق رڳو ھيءُ ھو ته اسان اڇن جي بدران ڪارن جا غلام بڻيل رھياسون.

    هميشه دعائن ۾ ياد رکندا سنڌ سلامت ساٿ سلامت

    [​IMG]

    [​IMG]
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: اي سنڌ جا سنڌيو!

    اي ستن آسمانن جاخدا، پنهنجي حبيب جي صدقي، سنڌ تان هي ڏرت ۽ ڏاڍ ڏور ڪر! هاڻ اسان ۾ سهڻ جي طاقت ڪانهي! تون ته مظلومن ۽ مجبورن جو اجهو آهين. پوءِ.... اسان کي پنهنجي پناه ۾ رک، يا اسان کي ساڃهه ڏي ته سمجهي سگهون ته هي سڀ اسانجي آزمائش به آخر ڪيستائين؟ آخر ڪيستائين؟ آخر ڪيستائين؟.....ــ مرڻ مون سي آءُ (سراج)
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: اي سنڌ جا سنڌيو!

    سائين گل محمد شاھ راشدي صاحب اوهان جو پيغام سنڌ جي سنڌين لا تمام عمده آهي، پر سائين اصل ۾ هي ليک نور احمد ميمڻ صاحب جي ڪتابڙي اي سنڌ جا سنڌيو مان ورتل آهي، جنهن جو حوالو ڏيڻ بهتر هو، ٻي ڳالھ ته اڄ ڪلھ ڪٍجھ مفاد پرست سڌي راھ کان ڀٽڪيل ماڻهو صرف قران مجيد کان رهنمائي وٺڻ جا راڳ ڳائيندا اوهان کي نظر ايندا، اصل ۾ اهڙا ڪجھ ماڻهو اوهان کي سچا نظر ايندا ، صرف قرآن ئي قرآن انهن جي زبان تي هوندو، حديث جا منڪر هوندا، حالانڪه قرآن کي صحيح طرح سمجهڻ لا حديث کي سمجهڻ تمام ضروري آهي، پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته سنڌين ۾ به ڪجھ اهڙا بگهڙ پيدا ٿي ويا آهن، جيڪي قران قرآن ڪندي ٿڪندا نه آهن، پر حقيقت ۾ هو قرآن سان سچا نه هوندا آهن انهن جا غرض ئي ٻيا هوندا آهن، هو حديث جا منڪر هوندا آهن، ان ڪري اهڙن ماڻهن کي پرکڻ تمام ضروري آهي۔
     
  4. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: اي سنڌ جا سنڌيو!

    ادا طاهر تمام نازڪ ٽاپڪس کي ڇيڙي ڇڏيو اٿو ، اسان اوهان کي شابشون ڏيون ٿا ته اوهان اسان جو اکيون کولي ڇڏيونآهن ، ادا طاهر ضرورت آهي اهڙن ڀڳهڙن کي بي نقاب ڪرڻ ۽ هنن جو خباثتن کي منظر عام تي آڻڻ جئين سادا صفت انسان هنن جي وڇايل ڄار مان ڦاسجڻ کان بچي وڃن ، اسان کي اميد آهي ته ضرور اوهان اهو فريضو سر انجام ڏيندا ، مهرباني ۽ لک قرب اوهان جا
     
  5. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: اي سنڌ جا سنڌيو!

    ادا طاهر سنڌي ۽ ننڍڙا گلن وانگر مسڪرائيندڙ ڀاء گل محمد شاه راشدي صاحب اسلام عليڪم۔توهان جا لک لائق جو هڪ تمام اهم ۽ بقول ادا افتخار چوهاڻ صاحب جي نازڪ ايشو کي توهان پنهنجن ليکن ۾ موضوع بنايو آهي۔قران ڪريم ۽ احاديث سرڪار دوعالم،محسن انسانيت حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وسلم پنهنجي ظاهري ۽ باطني صفتن جي ڪري تمام عالم لاء هڪ مڪمل دستور حيات آهي،جيئن جيئن زمانو ترقي ڪندو ويندو،تيئن تيئن انساني زندگي جي استواري ۽ همواري جي لاء انهن بنهي جي ضرورت شديد کان شديد تر ٿيندي ويندي۔زمانو ۽ تمدين اڄڪله ،ڪٿان کان ڪٿان پهچي ويو آهي پر انساني مسئلاء جيڪي بغير قران شريف ۽ حديث جي روشني ۾ حل ڪيا ويا آهن،اڃا تائين تشنه آهن،جيڪڏهن اهئي مسئلاء قران پاڪ ۽ حديث جي روشني ۾ ڪيا وڃن ها۔ ته پنهنجي اصلي ڪامياب انجام تي پهچن هان۔

    قران ڪريم ۾ لامحدود علمي عجائبات آهن ۽ احاديث ذات بابرڪت ۾ اهئي عجائبات عملي صورت ۾ آهن۔ان جو مطلب آهي ته قران شريف ۾ جيڪو ڪجھ فرمايو ويو آهي،اهو سڄُو حضور سائين جن جو ڪيل آهي ۽ اهئي سڀ عمل حضور جن جا حديث شريف جي شڪل ۾ اسلامي اڪابر اسان لاء جمع ڪري تحريري ڪتابي انداز ۾ ڇڏي ويا آهن۔

    حقيقت ۾ قران پاڪ جي شرعي تفسير حديث پاڪ آهي،قران پاڪ جيڪڏهن متن آهي ته حديث شريف ان متن جي شرح(گائيڊ) آهي،جنهن سان قران پاڪ جي آيتن جو صحيح مطلب نمايان ٿئي ويندو آهي۔جيڪڏهن قران پاڪ ۽ حديث جي مضمونن جو باريڪ بيني سان جائزو وٺندا ته اوهان تي اها ڳاله عالم آشڪار ٿيندي ته جن مضمونن کي قران پاڪ ۾ اوليت ۽ فوقيت حاصل آهي،اهئي مضمون حديث پاڪ ۾ به اوليت ۽ فوقيت رکن ٿا۔مثلاء احاديث مبارڪه ۾ ابتدا ايمان ۽ عقائد کي ۽ پو ء عبادت کي ڏني ويئي آهي،ته اها ساڳئي صورت قران پاڪ ۾ به آهي۔ان ڪري جيڪڏهن اسان انهن احاديث مبارڪ کي پنهنجي روزمره زندگي ۾ صحيحي بنيادن تي کڻو ،ته اسان جو ڪو به مسئلو بعير صحيحي حل ٿيڻ جي نه رهندو ۽ اسان جي زندگي قران شريف ۽ حديث جي روشني ۾گذريندي،انهي طرح اسان قيامت جي ڏينهن پياري نبي سائين جي سامهون سرخرو ٿي سگهنداسين۔
    سٺي ۽ وڏي فضليت واري موضوع تي ليک لکڻ تا اوهان سڄڻن جون مهربانيون هميشه خوش رهو۔ 
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: اي سنڌ جا سنڌيو!

    ڀاءُ راشدي صاحب؛

    سڀ کان پهريان ته سٺو سهڻو ۽ گهڻن رخن وارو موضوع ونڊ ڪرڻ جا ٿورا ۔۔۔۔ انکانپوءِ ادي طاهر جي ڳالهه ته جڏهن به ڪنهن ليکڪ جو ليک يا ڪنهن ڪتاب مان ڪو ليک ونڊ ڪيو ته انجو حوالو ضرور لکندا ڪريو ۔۔۔ اهو اخلاقي فرض آهي ۽ ان سان ليک وڌيڪ جاندار ۽ پڙهڻ واري لاءِ اتسهائيندڙ ٿيندو۔ اميد ته اوهان هن صلاح کي دل سان هنڊائيندا۔

    هن مٿئين موضوع ۾ ڪيترائي ننڍڙا ننڍڙا موضوع آهن ۔۔۔ دوستن کي صرف هڪ شئي نظر آئي شايد ۔۔ اهو هو مذهبي سڏ ۽ قومي سڏ دوستن کي نظر نه آيو شايد۔

    الله جي سنت کي قائم ڪرڻ قرآن شريف کي پنهنجو رهبر ڪري وٺڻ ۔۔۔ جڏهن قرآن جي رهبري حاصل ڪبي ته قرآن تعليم ڏئي ٿو رسولن، ملائڪن، پيغمبرن ۽ آخرت واري ڏينهن تي ايمان آڻڻ جي ۔۔۔ اسانجو رسول پيارو محمد صلي الله عليه وسلم جيڪا سنت اسانکي ڏئي ويو آهي ۽ قرآن شريف جي جيڪا تعليم آهي ان جي روشنيءَ ۾ زندگي گذارڻ غنيمت آهي ۔۔۔۔ اکين تي

    دين اسانکي انساني ۽ سماجي ڀلائيءَ جا حڪم ڪري ٿو، جنهن کان بغير عبادتون به ڪا اهميت نٿيون رکن، هن مضمون ۾ سماجي ۽ انساني ڀلائيءَ جو ڏس ڏنل آهي ۔۔۔ اکين تي

    انکانپوءِ هن مضمون ۾ انگريزن جي ڳالهه ڪيل آهي جن هندستان ۾ ڇا سموري دنيا جي غريب ۽ گهٽ شاطر قومن تي قبضو ڪري ، ويڙهايو راڄ ڪيو جي نظريي تحت حڪومت ڪندا رهيا ۔۔۔ انهن جي خلاف اسانجي ڪيترن ئي ڏاهن جنگ جوٽي پر افسوس جو سنڌي قوم کي بجاءِ آزاد ڪرڻ جي هڪ اهڙو ملڪ ٺاهي ويا آهن جنهن ۾ شامل ٿيڻ سان اڃان تائين ته نقصان ئي نقصان ٿيا آهن ۔۔۔ انڪري هن مضمون ۾ سنڌي حب الوطنيءَ جي وڪالت ڪيل آهي ۔۔۔

    اکين تي ۔۔۔ سڀ ڳالهيون برابر آهن ۔۔۔

    ڪنڌيءَ مٿي جهوپڙا، مورک اڃ مرن
    جر ڪجر جن اکين ۾ سي ڪيئين پرين پسن۔

    اسانجي ڪجهه سنڌي ڀائرن جي اکين تي هڪ چشمو چڙهيل آهي الله ڪري اهو چشمو لهي ته کين حب الوطنيءَ جو احساس ٿئي ته جيئن سنڌين جو اتحاد ۽ ايڪو قائم ٿي سگهي ۔۔۔

    اميدن تي جهان قائم آهي ۔۔۔ جيڏو رب تيڏو آسرو

    سچ جي ٻيڙي لڏڻي آهي ٻڏڻي ناهي ۔۔۔ رب جي اڳيان دير ته ٿي سگهي ٿي پر انڌير نه ٿو ٿي سگهي۔

    اندر جينن اڌ، ڏونگر سي ڏورينديون۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  7. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: اي سنڌ جا سنڌيو!

    سڀني دوستن جا مون رايا پڙهيا، تمام وزنائتيون ڳالهيون ونڊيون ويون، پر مان گهڻن ڪتابن منجهه پڙهيو آهي۔ جيڪي ڪتاب خاص ڪري قوميت ۽ مذهب جي حوالي سان لکيل آهن، ممڪن آهي توهان به اهڙو مواد پڙهيو هوندو، ۔۔ مان سمجهان ٿو ته انساني زندگي سان ٻه شيون واسطو رکن ٿيون، هڪ قومپرستي، ٻيو مذهبي لاڳاپو،،، هميشه هر دور ۾ جنهن به قوم مذهبي ڪٽرپڻي ۾ گهڻو مشغول ٿي يا ان ڪٽرپڻي کي پنهنجي سياست ۾ شامل ڪيو آهي اهي قومون پنهنجو وقار وڃائي ويٺيون آهن۔۔۽ ان ملڪ توڙي قوم ۾ هڪٻئي سان گهڻي حد تائين مذهبي ڪٽرپڻي جي ڪري ويڇا وڌي ٿي ويا، پر جنهن قوم مذهب کي هر ان ماڻهون جو ذاتي مسئلو سمجهي ان کي قومي مفادن ، قومي ايڪي ۽ قوم ۽ ملڪ جي بقا کان ڌار رکيو اهي، اهو ملڪ توڙي قومون اڄ به پنهنجو وقار بلند ڪيون پيون اچن ڇو ته مذهب هر انساني جو روحاني مسئلو آهي، ان کي سياست ۽ ملڪي معاملن کان الڳ رکيو وڃي پر ان ملڪ ۾ رهندڙ هر مذهب سان لاڳاپيل انهن ماڻهن لا جيڪي قانون جوڙجن اهي انهن جي مذهب مطابق هجن ته جئين هر اهو ماڻهون پنهنجي ملڪ جي حڪومت کان ۔ پنهنجي پنهنجي مذهبي عقيدي مطابق ڪي به اختلاف نه رکي سگهي ۽ پو يقينن اها حڪومت به پنهنجي عوام سان انهن جي ريتن رواجن مطابق ڳانڍاپو قائم رکي سگهي ٿي۔۔۔سدائين گڏ
    هن لکڻي ۾ جيڪڏهن ڪنهن به دوست کي اختلاف محسوس ٿئي ته يقينن اهو پنهنجي رايو ڏئي سگهي ٿو۔۔ منظور عباسي
     
  8. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: اي سنڌ جا سنڌيو!

    اسلام عليڪم
    ادا منظور علي عباسي صاحب اوهان جي تحرير پڙهيم ، اوهان جي قول مطابق جيڪر ڪنهن دوست پنهنجو رايو ڏيڻ چاهي ٿو ته اهو ڏئي سگهي ٿو ، آئون ڪوشش ڪري اوهان جي ڳالھ کي مد نظر رکندي پنهنجو رايو ڏيان پيو ، اميد آهي ته مسئلي جي گهرائي کي سمجهي وٺندا ، مهرباني
    سڀ کان اڳ ۾ اهو چوندس ته اوهان جي تحرير ۾ شايد اڻڄاڻائي ۾ ئي سهي پر اسان جي موقف جي تائيد ٿيل آهي ، اها آهي سياست ۾ مذهب جو دخل ضروري آهي ، خير پهريون ته آئون اها ڳالھ ڪندم ته مذهب ۽ سياست کي ڌار هجڻ گهرجي اها ڳالھ ٺيڪ اُها ئي آهي جنهن کي مستشرقين اسان کي اڳ ۾ ئي چئي چڪا آهن ، ۽ هن ڳالھ مان اسان کي اهو درس اچي مليو ته اسين هنن جي ڳالھ کي مڃي وٺون ۽ سياسي رول جيڪو اسان جي آقائي نامدار حضرت محمد ﷺ ادا ڪري ويا آهن تنهن تان دستبردار ٿيون ، الله تعالى فرمائن ٿا [FONT="Al_Mushaf"]”1 ‏لَّقَدْ كَانَ لَكُمْ فِى رَسُولِ ٱللَّهِ أُسْوَةٌ حَسَنَةٌۭ لِّمَن كَانَ يَرْجُوا۟ ٱللَّهَ وَٱلْيَوْمَ ٱلْءَاخِرَ وَذَكَرَ ٱللَّهَ كَثِيرًۭا[/FONT] سورت االاحزاب آيت 21
    ترجمو ؛
    21. بيشڪ اوھان لاءِ الله جي پيغمبر جي طريقي ۾ عمدي پيروي اُنھيءَ لاءِ آھي جيڪو الله (جي رضا جي اُميد) ۽ قيامت جي ڏينھن (جي اچڻ) جي اميد رکندو ھجي ۽ الله کي گھڻو ياد ڪندو ھجي. ٺيڪ اهڙي طرح اسين چوندا اچو پيا ته اسلام هڪ پورو ضابطه حيات رکي ٿو
    (ترجمو ؛امروٽي رحمة الله عليه)
    ۽ جڏهن ته ااهو پڻ تسليم ڪريون ٿا ته
    Islam is complete code of life
    ٻي ڳالھ جيڪا لکي وئي آهي ته “جنهن قوم مذهب کي هر ان ماڻهون جو ذاتي مسئلو سمجهي ان کي قومي مفادن ، قومي ايڪي ۽ قوم ۽ ملڪ جي بقا کان ڌار رکيو اهي، اهو ملڪ توڙي قومون اڄ به پنهنجو وقار بلند ڪيون پيون اچن“
    ادا بلڪل وقار قائم ڪري ويٺيون آهن پر هن وقار جو ڪجه نمونو جيڪر پيش ڪجي ها ته لفظ وقار جي مفهوم چنگي نموني سمجه ۾ اچي وڃي ها ، جيڪر بي حيائي ، فحاشي ، زنا ڪاري ، شراب نوشي ، آزادي هم جنس پرستي وغيره وقار ۽ ترقي ڪوٺجي ته پوءِ اهڙي ترقي کان آسان بيزاري جو اعلان ڪريون ٿا ،
    اڳتي جيڪي خاص ڳالھ اوهان ذڪر ڪئي آهي جنهن مان اسان جي ڳالھ کي تقويت ملي ٿي سا اها آهي “پر ان ملڪ ۾ رهندڙ هر مذهب سان لاڳاپيل انهن ماڻهن لا جيڪي قانون جوڙجن اهي انهن جي مذهب مطابق هجن ته جئين هر اهو ماڻهون پنهنجي ملڪ جي حڪومت کان ۔ پنهنجي پنهنجي مذهبي عقيدي مطابق ڪي به اختلاف نه رکي سگهي ۽ پو يقينن اها حڪومت به پنهنجي عوام سان انهن جي ريتن رواجن مطابق ڳانڍاپو قائم رکي سگهي ٿي“
    اها ڳالھ ٺيڪ هن تي ٽهڪي ٿي جنهن کا اسان جي پياري نبي ڪريم ﷺ رهنمائي ڪري ويا آهن ۽ اهو دستور ته اسلام ۾ اڳ ۾ ئي موجود آهي ته هر مذهب کي پنهنجي آزادي ملڻ گهرجي هر ڪنهن کي پنهنجي مذهب تي عمل پيرا ٿيڻ ۾ ڪا رڪاوٽ نه هئڻ گهرجي ، ۽ اقليت مذهب کي تحفظ فراهم ڪرڻ مسلمان حڪمران تي فرض هوندو آهي ،
    ادا هن مان اها ڳالھ به پڌري ٿئي ٿي ته سياست ۾ مذهب لاءِ ڪي قانون ڄوڙيا وڃن معلوم ٿيو ته سياست ۾ مذهب جو دخل آهي ، بغير مذهب جي رياست نٿي هلي سگهي ، مذهب لاءِ سياست ۾ جاءِ نه هجڻ ڪري ملڪ جو هلڻ ناممڪن آهي ،
    اسين اڄ ڏسون پيا ته انگريزن جڏهن قوم پرستي جو ٻڄ ڇٽيو هو ته سلطنت عثمانيه ۾ ڪمال اتاترڪ قومپرستي جي حمايت ۽ اسلام کي سياست مان خارج ڪيو هو جنهن ڪري سلطنت عثمايه جو زوال ٿي ويو هو ، ۽ عرب ملڪ ۾ قومپرستي جي ڪري پاڻ ۾ وڙهي ٽڪڙا ٽڪڙا ٿي ويا ، ٺيڪ ٻه اڏهائي سو سال بعد اڄ وري ترڪي ۾ اسلام ڦهيلجي رهيو آهي هتي اڄ صدر ۽ وزير اعظم اسلامي دستور تي عمل پيرا ٿي يورپ کان بيزاري جو اعلان ڪندا نظر اچن پيا ، مصر جيڪو قومپرستي ۾ سڀنن عربن مٿان سوپر پاور جي حيثيت رکندو هو جنهن عربن ۾ قوم پرستي کي پروان چاڙهڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو اچ هتي اسلام جي لهر ايل آهي ، اخوان المسلمون جي روپ ۾ اڄ هتي حڪومت پئي ٺهي صدر لاءِ به اخوان المسلمون جي هڪ عالم دين کي نامزد ڪرڻ جون ڪوششون لڳيون پيون آهن .
    هن جي ابتڙ اڄ اسان کي اتاترڪ ، جمال ناصر ، ڪرنل قذافي ، سادات حسيني ، حسن مبارڪ ، شاه حسين جو مشن ناڪام ۽ شاه فيصل ۽ شيخ ياسين ، حسن البنا جهڙا اسلام لاءِ پاڻ کي وقف ڪرڻ وارن جو مشن ڪامياب ٿيندو نظر ٿو اچي ،
    ٻي ڳالھ ته ادا مذهب جي دخل اندازي سان جيڪر ناڪاميون ٿيون به آهن ته هن ۾ انگريزن جون سازشون شامل آهن اهي نٿا چاهن ته اسلامي نظام قائم ٿئي ڇو ته هن صورت ۾ هنن جي ناڪامي مقدر آهي ، اوهان کي خبر هوندي ته جڏهن ذولفقار علي ڀٽي ٻي اسلامي گول ميز ڪانفرنس گهرائي ۽ اسلامي ملڪن جو اتحاد قائم ڪرڻ چاهيو ته ڪئين نه هن کي رستي تان هٽايو ويو، شاه فيصل کي پنهنجي ڀائٽي جي هتان شهيد ڪرايو ويو ، ۽ هاڻي عراق ، افغانستان ۾ مداخلت ڪري بين الاقوامي حدن جي ڀنڃڪڙي ڪري ڪئين نه اسلامي رياستن کي ختم ڪيو ويو.
    ادا وقت ڦرڻو گهرڻو آهي ، باطل افڪار باطل نظريه نيٺ نامراد ۽ ناڪام ٿيندا ، بقول جارج برناڊ شاه جي ته “ اچڻ واري صدي ۾ دنيا جا سڀئي مذهب فنا ٿي ويندا سواءِ هڪ اسلام جي ڇو ته اهو واحد مذهب آهي جيڪو وقت جي سڀنن تقاضائن تي پورو لهي ٿو۽ يقينن اها ڳالھ سو سيڪڙو درست آهي جو اسان کي چنگي ريت خبر آهي ته امام مهدي رح جي اچڻ کان پوءِ اسلام جو غلبو ٿيندو ، ۽ باقي جيڪي مستشرقينن جا نظريا ۽ شوشا ، ٿيوريون آهن سي نيٺ پنهنجي منطقي انجام تي پنهنچندوين ، پوءِ نه رهندو قوم پرستي واري سياست ۽ نه هن جا باقيات .
    والسلام عليڪم ،
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    145
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: اي سنڌ جا سنڌيو!

    ”1 ‏لَّقَدْ كَانَ لَكُمْ فِى رَسُولِ ٱللَّهِ أُسْوَةٌ حَسَنَةٌۭ لِّمَن كَانَ يَرْجُوا۟ ٱللَّهَ وَٱلْيَوْمَ ٱلْءَاخِرَ وَذَكَرَ ٱللَّهَ كَثِيرًۭا سورت االاحزاب آيت 21
    ترجمو ؛
    21. بيشڪ اوھان لاءِ الله جي پيغمبر جي طريقي ۾ عمدي پيروي اُنھيءَ لاءِ آھي جيڪو الله (جي رضا جي اُميد) ۽ قيامت جي ڏينھن (جي اچڻ) جي اميد رکندو ھجي ۽ الله کي گھڻو ياد ڪندو ھجي. ٺيڪ اهڙي طرح اسين چوندا اچو پيا ته اسلام هڪ پورو ضابطه حيات رکي ٿو


    بيشڪ سائين اسين مسلمان آهيون شڪر الحمد لله اسلام اسان جو واحد سچو دين آهي
    الله پنهنجي پنهنجي ڪتان قرآن ۾ فرمائي ٿو
    ان الله لا يغير ما بقوم آحتيٰ يغير واما بانفسهم
    ترجمو؛ بيشڪ الله تعاليٰ ان قوم جي حالت ايسيتائين نٿو بدلائي جيسيتائين هو پنهنجو پاڻ حالت بدلائڻ نٿي گهري

    سائين افتخار قومن جي حقن جي ڳالهه اسلام ۾ آهي پوءِ اسان ڇو غلامن واري زندگي گذاريون، جن قومن جو وقار بلند آهي اهي آمريڪا ۽ صرف يورپ جا ملڪ نه آهن جتي فحاشي سري عام آهي

    ڇا اسان جي سهڻي نبي جو ملڪ سعودي عرب نه آهي جنهن جو وقار بلند آهي ڇا اتي به اهي سڀ برايون جيڪي اوهان مٿي چيون آهن اهي موجود آهن
    اسان جو سنڌ ملڪ هزارين سالن جو آزاد وجود رکندڙ ملڪ رهي چڪو آهي اسان جي قوم هزارين سالن تهزيب رکندڙ قوم آهي هن وقت اسان کي قومي ٻڌي جي بيحد ضرورت آهي جيڪا اسان جي غلام قوم کي آزادي جي راهه ڏيکاري سگهي ٿي
    باقي اهن براين کي قوئي به مذهب اجازت نٿو ڏيئي ۽ اسان جي سنڌ ۾ به اهڙيون هزارين برايون ٿينديون رهيون آهن
    ياد رکجو ته غلامي ناجائز ٻار پيدا ڪندي آهي ۽ ناجائز ٻار مان مراد اسان جا مسعلا آهن
    جيڪڏهن اوهان پليس وٽ فريادي ٿي وڃو ته اڳ ۾ رشوت جي صورت ۾ پئسه ورتا وڃن ٿا
    اسان جي ڳوٺن جا اسڪو وڏيرن جون اوطاقون آهن
    اسان جا مريض سرڪاري اسپتال مان دوا به نٿا وٺي سگهن
    ڇا پوءِ به اسان جي قوم کي ٻڌي جو حق حاصل ناهي

    وسلام
     
  10. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: اي سنڌ جا سنڌيو!

    السلام عليڪم ، ڪافي عرصي بعد اوهان جو فورم هڪ دفعو ٻيهر جوائن ڪرڻ تي خوشي ٿي ، دوستن کي هڪ ٻئي جي خيالاتن کي پاڻ ۾ شئير ڪرڻ ۽ علمي صلاحيتن کي اڳتي آڻڻ گهرجي جا پڻ هڪ سٺي ڳالھ آهي ، مونکي خوشي ٿي اهي جو اوهان هڪ نازڪ مسئلي کي سمجهڻ جي ڪوشش ۾ پنهنجو حصو ورتو ، اوهان جي تحرير پڙهي ڪي ڳالھيون اڳيان آيون جن کي اوهان جي نظر ڪريان پيو ،

    اوهان جيڪي آيتون پيش ڪري اهو ثابت ڪيو آهي ته قرآن ۾ قومن جي حقن جي ڳالھ آهي سا اکين تي منهنجي تحرير ۾ حقن کي حاصل ڪرڻ جي نفي ڪٿي به ڪون آهي ، بلڪه قومپرستي کي اسلام جي حدن ۽ قيودن کان آجي ڪرڻ جي مخالفت ڪئي وئي آهي ، ۽ هن ٻنهن ڳالھين ۾ فرق ڪرڻ گهرجي ، ٻي ڳالھ اوهان ”وقار “ جي ڪئي آهي سو ادا اوهان جنهن ملڪ جو حوالو ڏنو آهي سو الحمدلله هن مان اسان جي موقف جي حمايت سامهون ائي آهي جو الحمدلله سعودي عرب ۾ اسلام جي روشني ۾ ملڪ هلي رهيو آهي نه ڪه اسلام کان الڳ ڇڙو قوم پرستي جي بنياد تي ، تنهن ڪري هتان جو وقار ٻين ملڪن جتي قومپرستي کي فروغ حاصل آهي تنهن وقار ۾ زمين آسمان جو فرق آهي ،
    ادا ماضي قديم ۾ وڃڻ ۽ پنهنجي تهذيب تباه شده قومن کان ڳنڊڻ کان بهتر آهي ته اسلامي دور سان پنهنجي تهذيب کي ڳنڊيون اسلامي ورثي کي اپنايون ، اسلامي تهذيب ۾ پاڻ کي ڍاليون جو هٿان جي اصل رهواسين کان نوي سيڪڙو قومون ٻاهران اچي هتي آباد ٿيون آهن هنن جو ڳانڊاپو ڪنهن به نموني تباه شده تهذيب سان نه آهي ۽ ستر سيڪڙي کان مٿي قومون رڳو راجپوت سان واسطو رکن ٿيون پر جڏهن اهي قومون هتي اچي آباد ٿيون آهن ته هنن سنڌي سڏرائڻ ۾ فخر محسوس ڪيو ۽ سنڌ لاءِ اهي پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ پڻ هنن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو،
    مونکي هن ڳالھ جو نهايت ڏک ٿو ٿئي جو غلط تعليم اسان کي ڏني پئي وڃي ،


    ادا برابر اسان جي سنڌ ۾ حق نه پيا ملن پر سنڌ ته ڇا پوري ملڪ پاڪستان ۾ ڪٿي به حق نٿا ملن ، اها ڳالھ اوهان جي برابر سو سيڪڙو درست آهي ، آئون پاڻ هنن حڪومتي اقدامن جو پوءِ ڇو نه جمهوري حڪومت هجي يا آمريت هجي تنهن جومخالف آهيان ، جو هنن ڪڏهن به ملڪ جي مفاد ۾ ڪم نه ڪيو آهي الاماشاء الله! ،


    منهنجي مضمون جي تحرير ۾ اها ڳالھ آهي ته اسلام جي رسي کي مضبوطي سان جهليو وڃي ۽ اسلام جي روشني ۾ پنهنجا حق ڳولھڻ ۽ وٺڻ جو طريقو اپنايو وڃي ، ڪاميابي ۽ الله تعالى جو راضپو ۽ هن ملڪ جي ڀلائي لاءِ اهو واحد ئي رستو آهي ،
    والسلام عليڪم
     
  11. گل محمد شاه راشدي

    گل محمد شاه راشدي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    179
    ورتل پسنديدگيون:
    1,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    خيرپور
    جواب: اي سنڌ جا سنڌيو!

    مهرباني دوستو۔ مونکي اهو ڄاڻي بيحد خوشي ٿي ته اسان جا سنڌي ڀائر اڄ به سنڌ جي لا اونو ۽ فڪر رکن ٿا، جو انهن کي پنهنجي سنڌ جي لا ڪنهن به موضوع تي ڳالهائڻ لا ڪافي ڄاڻ آهي مان "اي سنڌ جا سنڌيو!" موضوع ۾ جواب موڪليندڙ سڀني دوستن جو نهايت شڪرگذار آهيان ۽ اميد ڪريان ٿو ته ۽ ٻين دوستن کي به دعوت ڏيان ٿو ته اهي به هن موضوع ۾ پنهنجي را شامل ڪن ۔ مهرباني۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    هميشه دعائن ۾ ياد رکندا
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
    پاران سيد گل محمد شاه راشدي
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. گل محمد شاه راشدي

    گل محمد شاه راشدي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    179
    ورتل پسنديدگيون:
    1,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    خيرپور
    ايڇ ٽي ايم ايل:
    [CODE]<marquee behavior="alternate">Gul Muhammad Shah Rashdi</marquee>[/CODE]
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. احمد علي عباسي

    احمد علي عباسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏6 جون 2012
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    12
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    هيڊ ماستر
    ماڳ:
    پير جو ڳوٺ
    اسان جي ڀٽڪڻ اسان کي بيحد ڀوڳايو آھي. پنھنجي ذاتي زندگيءَ ۾ به عذابن مان گذريا آھيون ۽ قومي زندگيءَ ۾ به اسان جي ڀوڳنائن جو ڪو انت ڪونھي. انھيءَ ڪري اچو ته پاڻ بدلايون ۽ فضيلتن ۽ ماڻھپي جو، خدا کي گھربل نئون جھان اڏيون. سڀ کان پھرين پنھنجي خواھشن ۽ ماحول جي اثر ۾ چونڊيل ڪوبه ھٿ ٺوڪيو مذھب ۽ طريقو پنھنجي مٿان مسلط نه ڪريون بلڪه اھڙا سڀ طريقا ڇڏي پالڻھار جي پاران انسانيت جي لاءِ موڪليل حتمي ھدايت قرآن جي ذريعي پنھنجي خلقيندڙ ۽ پالڻھار ذات سان وفاداري ۽ اطاعت جو عھد ڪريون. الله تعاليٰ جي ٻڌايل ضابطن کي اکين تي رکئون ۽ سندس رضا ۽ مھربانيءَ کي ان جي خلق ۾ تلاش ڪريون. صرف قرآن کي پنھنجو مرشد، ھادي ۽ رھنما بڻائي ان جي ھدايت کي پنھنجو لائحه عمل بڻايون. پنھنجي ذات جي چوڌاري ڦرڻ بند ڪريون ۽ انساني مقصدن ۾ سڀ جو خير گھرڻ شروع ڪريون. پنھنجي وسيلن ۽ ھوند کي پاڻ وٽ مالڪ جي امانت سمجھي جيئن پنھنجي اولاد تي خرچ ڪريون تيئن حال سارو پنھنجي عزيزن ۽ چوڌاري ماڻھن جو حصو به ان ۾ سمجھون. پاڻ ۾ قربانيءَ جو ڪلچر پيدا ڪريون ۽ ھر ھڪ مسلمان ۽ ھم وطن کي عملي طرح پنھنجو ڀاءُ مڃڻ شروع ڪيون.
    ـــــــــــــــــــــــــــ ارڙھين صديءَ ۾ اسان جو واسطو ڌرتيءَ جي بدترين عالمي ڦورن ۽ غنيمن يعني انگريزن سان پيو جن اسان کي غلام بڻائي ورتو. ھنن کي، ڌرتيءَ تي سوين قومن کي غلام بڻائي کين پنھنجي پنجي ۾ ڦاسائي رکڻ جو ھڪ عالمي رڪارڊ حاصل ھو. ھنن اسان جي غلاميءَ کي سگھارو ڪرڻ رکڻ لاءِ سنڌ کي بمبئيءَ سان ڳنڍي ھڪ طرف اقتصادي طور اپاھج ۽ لاچار بڻائي ڇڏيو ته ٻئي طرف ھندو مسلم نفاق جو ٻج ڇٽي مستقل سياسي عدم استحڪام ڏانھن ڌڪي ڇڏيو. ھنن جاگيرداري ۽ مرشديءَ جي مشرڪاڻي سسٽم کي سگھارو ڪيو ته جيئن اسين جھالتن ۽ محڪوميءَ جي گھڻين ڪوڙڪين ۾ ڦاٿل ھجون. ھنن اسان کي ھڪ الله جي غلاميءَ مان ڪڍڻ جي لاءِ غلامين جون سوين صورتون پيدا ڪري ڏنيون ته جيئن ان سان اسان انيڪ ڏچن جي ور چڙھيل ھجون. ھنن ڇھ ھزار ماڻھن تي مشتمل خانگي ڊريس ۾ ھڪ انٽيليجنس فورس تيار ڪئي، جنھن ۾ جعلي مرشدن، مولوين ۽ ڪاٽڪو معتبرن جي لوڌ پيدا ڪري اسان جي سماج کي جھالت، فرسودہ عقيدن ۽ ھاڃيڪار روايتن ۾ وڪوڙي ڇڏيو. پوءِ جڏھن اسان ھڪ الله جو در ڇڏيو ته سوين غلامين اسان ۾ واسو ڪري ورتو. ائين ڏيڍ سؤ سالن جي غلاميءَ جي پنجوڙن اسان جي سماجي نقشي کي ئي تبديل ڪري ڇڏيو. ـــــــــــــــ اسان جي توحيد پرست عالمن ۽ اڳواڻن توحيد جي پيغام ذريعي ھميشه اسان جي جھالتن ۽ بد رسمن کي ختم ڪرڻ لاءِ تعليم، تبليغ ۽ تربيت ذريعي ھر دور ۾ وڏا وس ڪيا. انھن اسان کي انگريزن جي غلاميءَ مان ڪڍڻ جون پنھنجي جاءِ تي وڏيون ڪوششون ڪيون پر ھينئر ڌرتيءَ جي بدترين غاصبن سان واسطو پيل ھو. پير صبغت الله راشدي (پھرين ۽ ٻئي) حر تحريڪن جي ذريعي، سيد تاج محمد امروٽي، مولانا عبيدالله سنڌي ۽ مولانا محمد صادق کڏي واري ريشمي رومال تحريڪ جي ذريعي انگريزي اقتدار جي خاتمي لاءِ جاکوڙيو. پر چالاڪ انگريزن پنھنجي انٽيليجنس ايجنٽن جي ذريعي ھنن تحريڪن کي سنڌ جي آزاديءَ لاءِ عوام جون تحريڪون بنجڻ نه ڏنو ۽ وقت کان اڳ ۾ ئي انھن کي چٿي ڇڏيو. 1857ع جي جنگ آزادي، حر تحريڪ، ريشمي رومال ۽ ٻين تحريڪن انگريزن کي نيستو ضرور ڪري ڇڏيو ھو. پوءِ جڏھن ٻي عالمگير جنگ جي پڄاڻيءَ تي انگريزن ھندوستان کي ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو ته اسان جي سنڌ کي اُن جي اصلي صورت ۾ آزاد ڪرڻ بجاءِ ھن خطي ۾ پنھنجي عالمي سامراجي مفادن جي تحفظ لاءِ تيار ڪيل ڪارن انگريزن جي حوالي ڪري ڇڏيو. اسان جا نوان آقا پنھنجي پيشرو (انگريز) آقائن کان مختلف ثابت نه ٿيا. اسين حقيقي آزاديءَ جي عمل مان ڪونه نڪتاسون. فرق رڳو ھيءُ ھو ته اسان اڇن جي بدران ڪارن جا غلام بڻيل رھياسون.

    تمام سٺو ادا سنڌين لا سٺو پيغام آهي
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. احمد علي عباسي

    احمد علي عباسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏6 جون 2012
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    12
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    هيڊ ماستر
    ماڳ:
    پير جو ڳوٺ
    اي سنڌ جا نوجوانو سنڌيو!
    اوهان گهبرايو نه، ڇو ته اوهان خوشبو آهيو، اوهان مهڪ آهيو، منهنجي ديس جي
    اوهان مرجهايل رهيو ”غلط ڪارين“ ته منهنجي ديس جون واڳون ڪير سنڀاليندو
    آمريڪا جي سياسي قيادت پريشان آهي ته سندن نوجوان ”سياست“ کان پري آهن، اِهو رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جو هن عظيم قوم تي احسان آهي، جنهن وڏيرن ۽ پارليامينٽرين کان سياست کان آجو ڪري ”اسٽريٽ پاليڪٽس“ کي اهميت ڏني جو اڄ هر گلي ۾ ڪو اين جي او يا ڪنهن سياسي پارٽي جو ورڪر آهي، ڀلي اهو پنهنجو مفاد لاءِ ڪم ڪري پر ”سياست“ کي رومانس مان ڪڍي بنياد تي هلايو ته ڏسو ته سنڌ ڪيئن نه خوشحال ٿيندي.
    تاريخ اوهان کي ان موڙ تي وٺي آئي آهي، جتي اوهان رڳو ”منظم“ ٿيو رياست ۽ رياستي ادارا اوهان جي آڏو گوڏا کوڙيندا ۽ تبديلي اوهان جو انتظار ڪري رهي آهي، ائين نه ٿئي ڪو ايم آر ڊي جي تحريڪ ۽ سنڌ قومي اتحاد جي هليل جدوجهد کي ڪيئن ڪرائي هي وڏيرا ”سنڌ ڪارڊ“ استعمال ڪن. اچو ته ”نئين سنڌ“ جو وجود ”باصلاحيت نوجوان قيادت“ تي رکون، سن ۾ مون سان جيڪي جٺون ٿيون اهو بيان ڪرڻ مناسب ٿو سمجهان، مون کي قائم چني ۽ ايس اين پي وارن بسترو نه ڏنو ۽ مون ”غلم“ وڌو، سن ۾ قومي ورڪرن جي عزت نٿي ٿئي ۽ اتي چاپلوسي جي عزت ٿئي ٿي پر مايوس نه ٿيو، سن، سيوهڻ اوهان جا آهن انشاءَ ا· جلد بهتر فيصلا ٿيندا ۽ ايندا مگر اوهان ”گل“ آهيو ۽ مرجهايو نه پر هروقت ٽڙيل رهجو.
    ڊرامن رومن ۽ بنگلن جي سياست نه هلندي پر تبديلي ”منظم انقلابي“ ڌريون آڻينديون مان جلد فيصلن ڪن مرحلي ۾ ڪو بهتر فيصلو ڪندس.
    7 1 جنوري تي سن ۽ ڀٽ شاهه ۾ متحده قومي موومينٽ جو جلسو ٻڌائي ٿو ته تبديلي اوهانجو انتظار ڪري رهي آهي، اسان سنڌ جي اردو ڳالهائيندڙن کي اهو پيغام ٿا ڏيون ته اوهان به سنڌي آهيو جنرل پرويز مشرف صاحب 4 4 سال آرمي ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون آخر ۾ ق ليگ جي چوڌرين کيس ذليل ڪري پاڪستان مان ڪڍيو ۽ ان کان علاوه قائد تحريڪ الطاف حسين لنڊن ۾ جلاوطني ڪيو ويٺو آهي،
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. اسلم ڀٽي

    اسلم ڀٽي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    بيشڪ اسان سنڌين ۽ اسن جي وڏڙن تمام تڪليفون برداشت ڪيون اسان کي گهرجي ته هميشه سنڌ جو مان مٿانهون ڪندا رهون۔
     
  16. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    انهن سڀن مشڪلاتن ۽ مجبورين هوندي به سنڌ جي سوره پٽن ڪئي ڪارنامه سرانجام ڏ نا آهن جيڪي تاريخ ۾ سهيڙيل آهن
    ويچار ڪيو موئن جي دڙي جو وقت ۽ تهذيبي ترقي جوجنهن کي ڏسي اڄ به انسان دنگ رهجيو وڃي
    ان کان پو
    وري مورڙي ميربحر جو عقل مندي سان پاڻي جي بلا يعني مانگر مڇ سان ويڙه جيڪاب دنيا وارن لا اچرج جو بائس آهي ته هڪ انسان جڏڙو پنهنجي ڀائن جو پلاند هڪ آبي جانور کان به وٺي ٿو ۽ ان کي سڪي تي ٻاهر ڪڍي تڙپائي تڙپائي ماري ٿو۔۔۔۔
    وري تاتارين ،منگولن،ارغونن ۽ سامراج انگريزن سان حر مجاهدن ،هوشو ،هيمو ٿي مسلسل ويڙه ڪندي انهن کي هتان ڀڄائي ڪڌڻ به ياد رکيو وڃي ته هوند اڄ جو سنڌي نوجوان پوڙهو پڪو پنهنجي اعتماد کي بحال رکي اڄ جي ڊشمن سنڌ سان جنگ جوٽي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جنگيون ۽ معرڪا حوصلن همتن ۽ جذبن سان کٽيون وينديون آهن نه ڪي صرف هٿيارن سان
    جيئن مٿال ڏنو ويندو آهي ته
    هڪ تارو پاڻي ۾ انهي ڪري ٻڏي ويو جو ڪناري تي بيٺل هر ماڻهو ان کي چئي رهيو هوته تون ٻڏي وئين ٻڏي وئين۔۔۔۔
    ۽ ساڳو ٻيو مٿال ان اڻ تاري جو ڏنو ٿو وڃي ته هو هيو ته ان تارو پر ڪناري تي هجومن هن کي بلند آواز سان چئي رهيا هئا ته اجهو تو ڪناري کي پيو ڇهين اجهو تون ٻاهر پيو اچين وغيرو وغيره۔۔
    سو پنهنجي سنڌي ماڻهن کي ان حوصلي جي ضرورت آهي ۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو