گل محمد شاه راشدي
سينيئر رڪن
اسان جي ڀٽڪڻ اسان کي بيحد ڀوڳايو آھي. پنھنجي ذاتي زندگيءَ ۾ به عذابن مان گذريا آھيون ۽ قومي زندگيءَ ۾ به اسان جي ڀوڳنائن جو ڪو انت ڪونھي. انھيءَ ڪري اچو ته پاڻ بدلايون ۽ فضيلتن ۽ ماڻھپي جو، خدا کي گھربل نئون جھان اڏيون. سڀ کان پھرين پنھنجي خواھشن ۽ ماحول جي اثر ۾ چونڊيل ڪوبه ھٿ ٺوڪيو مذھب ۽ طريقو پنھنجي مٿان مسلط نه ڪريون بلڪه اھڙا سڀ طريقا ڇڏي پالڻھار جي پاران انسانيت جي لاءِ موڪليل حتمي ھدايت قرآن جي ذريعي پنھنجي خلقيندڙ ۽ پالڻھار ذات سان وفاداري ۽ اطاعت جو عھد ڪريون. الله تعاليٰ جي ٻڌايل ضابطن کي اکين تي رکئون ۽ سندس رضا ۽ مھربانيءَ کي ان جي خلق ۾ تلاش ڪريون. صرف قرآن کي پنھنجو مرشد، ھادي ۽ رھنما بڻائي ان جي ھدايت کي پنھنجو لائحه عمل بڻايون. پنھنجي ذات جي چوڌاري ڦرڻ بند ڪريون ۽ انساني مقصدن ۾ سڀ جو خير گھرڻ شروع ڪريون. پنھنجي وسيلن ۽ ھوند کي پاڻ وٽ مالڪ جي امانت سمجھي جيئن پنھنجي اولاد تي خرچ ڪريون تيئن حال سارو پنھنجي عزيزن ۽ چوڌاري ماڻھن جو حصو به ان ۾ سمجھون. پاڻ ۾ قربانيءَ جو ڪلچر پيدا ڪريون ۽ ھر ھڪ مسلمان ۽ ھم وطن کي عملي طرح پنھنجو ڀاءُ مڃڻ شروع ڪيون.
ـــــــــــــــــــــــــــ ارڙھين صديءَ ۾ اسان جو واسطو ڌرتيءَ جي بدترين عالمي ڦورن ۽ غنيمن يعني انگريزن سان پيو جن اسان کي غلام بڻائي ورتو. ھنن کي، ڌرتيءَ تي سوين قومن کي غلام بڻائي کين پنھنجي پنجي ۾ ڦاسائي رکڻ جو ھڪ عالمي رڪارڊ حاصل ھو. ھنن اسان جي غلاميءَ کي سگھارو ڪرڻ رکڻ لاءِ سنڌ کي بمبئيءَ سان ڳنڍي ھڪ طرف اقتصادي طور اپاھج ۽ لاچار بڻائي ڇڏيو ته ٻئي طرف ھندو مسلم نفاق جو ٻج ڇٽي مستقل سياسي عدم استحڪام ڏانھن ڌڪي ڇڏيو. ھنن جاگيرداري ۽ مرشديءَ جي مشرڪاڻي سسٽم کي سگھارو ڪيو ته جيئن اسين جھالتن ۽ محڪوميءَ جي گھڻين ڪوڙڪين ۾ ڦاٿل ھجون. ھنن اسان کي ھڪ الله جي غلاميءَ مان ڪڍڻ جي لاءِ غلامين جون سوين صورتون پيدا ڪري ڏنيون ته جيئن ان سان اسان انيڪ ڏچن جي ور چڙھيل ھجون. ھنن ڇھ ھزار ماڻھن تي مشتمل خانگي ڊريس ۾ ھڪ انٽيليجنس فورس تيار ڪئي، جنھن ۾ جعلي مرشدن، مولوين ۽ ڪاٽڪو معتبرن جي لوڌ پيدا ڪري اسان جي سماج کي جھالت، فرسودہ عقيدن ۽ ھاڃيڪار روايتن ۾ وڪوڙي ڇڏيو. پوءِ جڏھن اسان ھڪ الله جو در ڇڏيو ته سوين غلامين اسان ۾ واسو ڪري ورتو. ائين ڏيڍ سؤ سالن جي غلاميءَ جي پنجوڙن اسان جي سماجي نقشي کي ئي تبديل ڪري ڇڏيو. ـــــــــــــــ اسان جي توحيد پرست عالمن ۽ اڳواڻن توحيد جي پيغام ذريعي ھميشه اسان جي جھالتن ۽ بد رسمن کي ختم ڪرڻ لاءِ تعليم، تبليغ ۽ تربيت ذريعي ھر دور ۾ وڏا وس ڪيا. انھن اسان کي انگريزن جي غلاميءَ مان ڪڍڻ جون پنھنجي جاءِ تي وڏيون ڪوششون ڪيون پر ھينئر ڌرتيءَ جي بدترين غاصبن سان واسطو پيل ھو. پير صبغت الله راشدي (پھرين ۽ ٻئي) حر تحريڪن جي ذريعي، سيد تاج محمد امروٽي، مولانا عبيدالله سنڌي ۽ مولانا محمد صادق کڏي واري ريشمي رومال تحريڪ جي ذريعي انگريزي اقتدار جي خاتمي لاءِ جاکوڙيو. پر چالاڪ انگريزن پنھنجي انٽيليجنس ايجنٽن جي ذريعي ھنن تحريڪن کي سنڌ جي آزاديءَ لاءِ عوام جون تحريڪون بنجڻ نه ڏنو ۽ وقت کان اڳ ۾ ئي انھن کي چٿي ڇڏيو. 1857ع جي جنگ آزادي، حر تحريڪ، ريشمي رومال ۽ ٻين تحريڪن انگريزن کي نيستو ضرور ڪري ڇڏيو ھو. پوءِ جڏھن ٻي عالمگير جنگ جي پڄاڻيءَ تي انگريزن ھندوستان کي ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو ته اسان جي سنڌ کي اُن جي اصلي صورت ۾ آزاد ڪرڻ بجاءِ ھن خطي ۾ پنھنجي عالمي سامراجي مفادن جي تحفظ لاءِ تيار ڪيل ڪارن انگريزن جي حوالي ڪري ڇڏيو. اسان جا نوان آقا پنھنجي پيشرو (انگريز) آقائن کان مختلف ثابت نه ٿيا. اسين حقيقي آزاديءَ جي عمل مان ڪونه نڪتاسون. فرق رڳو ھيءُ ھو ته اسان اڇن جي بدران ڪارن جا غلام بڻيل رھياسون.

هميشه دعائن ۾ ياد رکندا سنڌ سلامت ساٿ سلامت

![CENTER]](http://[CENTER][url]http://1.bp.blogspot.com/-kT4p9t93Kd4/T0Eiq3kiszI/AAAAAAAAAIA/M0tavsQLjkM/s758/fg.bmp[/url][/CENTER])