عورتن جو خاص ڏينهن

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏11 اپريل 2012۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    عورتن جو خاص ڏينهن
    منافقت جو شاهڪار


    ابو محمد چوهاڻ سليم الله سنڌي



    هي مضمون ماهنامه الفاروق سنڌي ڪراچي جي شماري اپريل 2012ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي
    ۔


    [JUSTIFY]
    اڄ 8 مارچ آهي ۽ اڄ سڄي دنيا ۾ يومِ خواتين (عورتن جو ڏهاڙو) ملهايو ويندو آهي. هي ڏينهن سڀ کان اڳ 28 فيبروري 1909ع ۾ آمريڪا ۾ ملهايو ويو. 1910ع ۾ پهريون ڀيرو ”ڪوپن هنگن“ ۾ پهرين عالمي عورت ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي. 19 مارچ 1911ع آسٽريا، ڊنمارڪ، جرمني ۽ سوئزرلينڊ ۾ عالمي عورتن جو ڏينهن ملهايو ويو. 8 مارچ 1913هه ۾ سڄي يورپ ۾ عورتن جو ريليون ڪڍيون ويون سٺ جي ڏهاڪي کان اڄ تائين هر سال عالمي سطح تي عورتن جو ڏينهن ملهايو ويندو آهي. انهيءَ ڏينهن چين، روس، نيپال، يوڪرائين ۽ ڪيوبا سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ عورتن جي عام موڪل هوندي آهي هن ڳالهه ۾ ڪي به ٻه رايا نه آهن ته نظامِ مصطفى ﷺ جي مقابلي ۾ هڪ مستقل دجالي نظام آهي. جنهن ۾ عورت لاءِ هڪ مستقل ۽ جداگانه ڪردار طئي ڪيو ويو آهي. عام طور تي انهيءَ کي نئين تهذيب چيو ويندو آهي حالانڪه هي انتهائي پراڻي ۽ فرسوده تهذيب آهي. توهان انسانيت جي تاريخ پڙهي ڏسو، جاهلي قومن جي ڪردار جو مطالعو ڪريو اوهان جي دل هي شاهدي ڏيندي ته موجوده مغربي تهذيب اهائي جاهلي تهذيب آهي جنهن ڪڏهن يوناني تهذيب جي نالي عبادت ۽ مذهب جي نالي تي عورت کي اگهاڙو ڪيو آهي. ڪڏهن ان رومي تهذيب جو ويس پائي روم جي اسٽيڊيم ۾ حوابي نياڻين کي اگهاڙو نچائي فخر ڪيو. ڪڏهن ان فارس جي تهذيب جي شڪل ۾ اچي ڀاءُ ڀيڻ کي شيطاني خرافتن ۾ جڪڙيو. ان جاهلي تهذيب جو ڪردار اڄ به ساڳيو ئي آهي ته پنهنجي حيواني خواهشن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ عورت کي بنا روڪ ٽوڪ جي استعمال ڪري کيس ذلت ۽ خواري جي اونهين کڙن ۾ دفن ڪيو وڃي. هي غلط تهذيب وک وک تي صنف نازڪ مان مزو وٺڻ چاهي ٿي ۽ ان لاءِ ڪو مستقل ۽ بي بقا ذميواري قبول ڪرڻ جي لاءِ به تيار نه آهن. جيڪڏهن توهان کي يورپ کان يورپ ۾ صنف نازڪ تي ٿيندڙ ۽ دل ڏڪائيندڙ ظلمن جي هڪ جهلڪ ڏسڻي هجي ته مولانا محمد مقصود احمد شهيد جو ڪتاب ”عورت اور يورپ“ ضرور پڙهو تڏهن اوهان کي خبر پوندي ته يورپ جو ڪردار عورت لاءِ ڪنهن بگهڙ کان گهٽ ڪونهي جيڪو پنهنجي شڪار کي ڀرپور تڪليف ڏيئي موت جي ننڊ سمهاري ٿو.
    اهلِ فضل و ڪمال عورت جي باري ۾ يورپ جي بدمعاش بابت جيڪو ڪجهه لکيو ويو آهي پر جيڪي ماڻهو فقط ’لڪير جا فقير‘ آهن انهن جي لاءِ مشهور فلسفي ۽ اديب خليل جبران جا هي لفظ اکيون کوليندڙ آهن: ”ماڊرن عورت: ماڊرن تهذيب عورت ذات کي هوشيار نه ڪيو آهي پر مرد جي حوس جي ڪري ان تهذيب عورت جي الجهنن ۾ واڌارو ڪيو آهي. ماضي جي هڪ خوش حال گهر واري هئي اڄ جي عورت تڪليفن ۾ وڪوڙيل ”ناجائز جنسي پارٽنز“ آهي. ماضي ۾ عورت اکيون ٻوٽي روشنيءَ ۾ هلي پر اڄ عورت اکيون کولي هلي ٿي پر اونداهين ۾. اڳ جي عورت بي خبري ۾ به حسين سادگي جي باوجود پاڪدامن ۽ پنهنجي ڪمزوريءَ ۾ به مضبوط ڪردار واري هئي. اڄ جي عورت هوشيار هوندي به بيڪار آهي، خبردار هوندي به بي خبر آهي (برمودا تکون اور دجل ص187)
    منهنجي آڏو هن وقت ڪتاب آهي جنهن ۾ فاضل ليکڪ ڪيترن ئي سالن جي تحقيق ۽ جاکوڙ کان پوءِ سڄي دنيا جي 81 نئين مسلمان عورتن جا حالات سهيڙيا آهن. مون جڏهن هن ڪتاب کي پڙهيو مون کي انهن سڀني ڀاڳ ڀرين عورتن جي حالات م هي ڳالهه گهڻي ڀاڱي مشترڪه نظر آئي ته اهي مغربي معاشري کي پنهنجي لاءِ نهايت سفاڪ ۽ ظالم سمجهن ٿيون. ۽ هن ڳالهه تي حيران آهن ته مسلمان عورتن کي آخر ڇا ٿيو آهي جو هو هن گندگيءَ جي پٺيان ڊوڙنديون هلنديون وڃن ٿيون. 13 نومبر 2005ع جو مشهور نئين مسلمان عورت ’ايوان ريڊلي‘ (جيڪا طالبان جي قيد کان آزادي ماڻڻ کان پوءِ مسلمان ٿي وئي هئي) روزاني ”جناح“ اسلام آباد کي انٽرويو ڏيندي چيو، ”مون کي حيراني ٿيندي آهي ته مسلمان مغربي اقدار جي پٺيان ڇو ڊوڙي رهيا آهن اهي ماڻهو مغربي رسمن ۽ رهڻ سهڻ کي ڇو پسند ڪن ٿا، هي انهن شين کي ڇو پسند ڪن ٿا، مان مسلمان جا طور طريقا ڏسي ڪري پريشاني ٿيندي آهيان. آئون سوچان ٿي ته مسلمان ايترو سٺو مذهب ۽ طريقو ڇڏي غفلت ۾ ڇو پون ٿا. هي دنيا جي پٺيان ڇو ڀڄي رهيا آهن، هي آئيڊيل مذهب جي تعليمات تي عمل ڇو نٿا ڪن؟؟؟!!!“
    سوويت يونين جي آخري صدر ميخائل گوربا چوف هڪ ڪتاب ”پرواسٽرئيڪا“ لکيو جنهن جي هڪ بابا ( ) ۾ انهيءَ واضح طور تي اقرار ڪيو آهي ته اسان عورتن کي گهر مان ڪڍي وڏي غلطي ڪئي آهي، ان مان جيتوڻيڪ اسانجي مصنوعات وڌي وئي پر معاشرتي اَبتَرِي جو شڪار ٿي ويون آهن.
    يورپ ۾ عورتن سان گڏوگڏ جيڪا سنگدلي وڌندي وڃي ٿي ان جي باري ۾ هڪ مستند واقعو پڙهو. مشهور عربي رسالي ’البحوث الاسلاميه‘ جي چيف ايڊيٽر ڊاڪٽر محمد بن سعد الشويعر لنڊن مان شايع ٿيندڙ عربي اخبار ”المسلمون“ شمارو1 ڊسمبر 1985ع ۾ پنهنجي آمريڪا واري سفر جو مشاهدو هن طرح بيان ڪيو آهي: هو لکي ٿو، ”1980ع ۾ سياري جي موسم ۾ پنهنجي ٻن ساٿين سان گڏجي ڪلورا ڊواسپرنگ ۾ مشرقي کاڌن جي ڳولا ۾ گهمي رهيو هوس، سيءُ تمام گهڻو هو تنهن ڪري تڪڙا تڪڙا هلي هيا هئاسين. رستي ۾ اسان هڪ نوجوان ڇوڪريءَ کي روڊ تي ڏڪندو ڏٺو. اها هر رستي ويندڙ کي پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. اسان جي دوست کي شڪ ٿيو هو ڇوڪريءَ جي ويجهو ٿيو ان کان حال احوال ورتائين، معلوم ٿيو اها ويچاري مجبوريءَ ۾ گهر کان نڪتي آهي ڇاڪاڻ ته سندس پيءُ ان کان جڳهه جو ڪرايو ۽ هفتي جو خرچ گهري رهيو هو. جڏهن ته ڇوڪريءَ جي عمر 18 سال آهي تنهن ڪري قانون جي حوالي سان ان کي پاڻ پنهنجي ڪفالت ڪرڻي آهي تنهن ڪري پيءُ ان کي صفت رهائش کاڌ خوراڪ جي سهولت ڏيڻ کان صاف انڪار ڪري ٿو. (عورت اور دور جديد)
    اسان وٽ جيتوڻيڪ عورتن جي حقن جا دعويدار اڳتي نٿا نڪرن، پر رستو اهو آهي جيڪو ان منزل تائين پهچي ٿو.
    هلو! هي سڀ ڪجهه ڇڏيو اسان ڪجهه دير جي لاءِ تسليم ڪيون ته مغرب جي خلاف ڳالهيون ڪرڻ وارا هي سڀ ماڻهو دقيانوسي اجڊ جاهل ۽ عورت جي ترقي جي خلاف آهن. پنهنجي عورتن کي گهر کان ٻاهر آڻي برقعي ۽ پردي مان آزاد ڪرڻ گهرجي، اسان کي هر دفتر جي ڪاونٽر تي هجي سناڪ نگاهن جو نشانو بڻجڻ جي لاءِ ويهارڻ گهرجي، اسان کي اگهاڙي لباس ۾ کيڏيندڙ عورتن جي ٽيلنٽ جي حوصله افزائي ڪرڻ گهرجي اسان کي اسمبلين جي اسپيڪرشپ ئي نه وزارت عظمى ۽ صدارت به عورتن جي حوالي ڪرڻ گهرجي، اسان کي مغرب جي نظر ۾ ترقي يافته نظر اچڻ جي لاءِ اسلامي ۽ اخلاقي قانون جو جنازو ڪڍڻ گهرجي. پر فقط هڪڙي منٽ جي لاءِ سوچو! ”ڇا! آمريڪا جيلن ۾ قيدي هر ڏينهن ذهني ۽ جسماني تشدد جو نشانو بڻجندڙ ڊاڪٽر عافيه صديقي خاتون نه آهي؟“، ”ڇا! فقط پردي جي ڏوهه ۾ جرمني ۾ قتل ٿيندڙ مروه شربيني خاتون نه آهي؟“ ”ڇا! فرانس ۾ جن عورتن تي پردي اوڙهڻ جي ڪري ڳرا جرمانا لاڳو ڪيا وڃن ٿا اهي عورتون نه آهن؟“
    هي عجيب راند آهي جيڪڏهن ڪا عورت ويٽر بڻجي ڪنهن مردن کي کاڌو کارائي، ايئر هوسٽس بڻجي ڌارين مردن جي لاءِ مهماني جا فرائض ادا ڪري ۽ ڪاؤنٽر تي ويهي هر ايندڙ ويندڙ جي جاچ پڙتال ڪري، هي آزادي آهي؟ اهڙي ريت جيڪڏهن عيسائي عورت ڪليسا ۾ وڃي ”فن“ بڻجي وڃي سڄي زندگي شاديءَ نه ڪري، پنهنجي سڄي جسم کي پردي ۾ ڌڪي نه هي ’اعلى مقاصد جي لاءِ قرباني‘ آهي پر جيڪڏهن ڪا مسلمان عورت پنهنجي گهر جي چار ديواري ۾ رهندي پنهنجي پيءُ ماءُ يا مڙس جي خدمت ڪري، پنهنجي ٻارن جي بهتري اسلامي اخلاقي تربيت ڪري ۽ پنهنجي سڀئي حقن حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجا فرائض ادا ڪري ته هي ’ويچاري‘ ظلم ۽ 0اڍ جو شڪار آهي. جنهن کي هر حال آزادي ملن گهرجي.
    ”جو چاہے آپ کا حسن کرشمہ ساز کرے“
    جيڪڏهن مغرب هڪ عورت کي بي پرده (اگهاڙو) ۽ بي حيا بڻجڻ جي اجازت ڏيئي ٿو هو پنهنجي سرزمين تي هڪ عورت کي باپرده باحيا ۽ باڪردار زندگي گذارڻ جي آزادي ڏيڻ جي لاءِ ڇو تيار نه آهي؟ ڇا هن جو مطلب هي نه آهي ته مغرب فقط هڪ طرفه ٽريفڪ هلائڻ چاهي ٿو هو اسلامي اقدار کي دنيا مان مٽائڻ چاهي ٿو، هو دجالي تهذيب جو علمبردار بڻجي سڄي دنيا تي هي غليظ تهذيب داخل ڪري ٿو، هو پاڪستان جي ڳوٺن ٻهراڙين ۾ ٿيندڙ ڪنهن قابل فرت واقعي کي ته ائين ايشو بنايو وڃي ٿو پر هو خود مسلم دنيا جي خواتين کي بي آبرو ڪرڻ گهرجي. ان وقت آئون عورتن جي ڏهاڙي کي منافقت جو شڪار نه چوان ته ٻيو ڇا چوان؟
    افسوس آهي هن پاڪستاني ميڊيا تي جيڪو انهيءَ ڏينهن فلمي ايوارڊ وٺڻ واري عزت ختم ڪندڙ اگهاڙين عورتن جا ”ڪارناما“ پيداوار آهن پر ان کي پنهنجي ئي ڀيڻ ۽ نياڻي ڊاڪٽر عافيه صديقي ياد ڪونهي؟
    جنهن قوم جي تاريخ ۾ ’سيده خديجهؒ، عائشهؒ، فاطمهؒ، رابعهؒ، بصريهؒ، زبيدهؒ ‘ جهڙيون روشن مثال موجود آهن انهن کي يورپ جي اونداهين ڏانهن ڌڪڻ جي ضرورت ڪونهي.

    [/JUSTIFY]
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: عورتن جو خاص ڏينهن

    ابا طاهر اسان لاءِ ته هر ڏينهن عورت جو آهي ۔۔۔ بس يورپ جون قومون پنهنجين عورتن کي اگهاڙو هلائي هڪ جنسي مجسمو بڻائي سمورو سال بي عزت ڪن ٿيون ۽ پوري سال ۾ هڪڙو ڏينهن انهن کي عزت ڏين ٿيون ۔۔۔ پر پاڻ وٽ الله جا شڪر آهن هر ڏينهن عورت کي عزت ملندي آهي ۔۔۔ اسين ته هر روز پنهنجين امڙين، ڀينرن، ڌيئرن ۽ زالن کي پنهنجو پنهنجو مقام ڏئي انهن کي عزت ڏيون ٿا ۔۔۔ سواءِ چند جاهل ۽ ظالم انسانن جي۔

    باقي شينهن کي ڪير چوندو ته سندس وات ۾ ڌپ آهي۔

    ماٺ ڀلي آهي
     
  3. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: عورتن جو خاص ڏينهن

    بلڪل ادا طاهر ، سائين محترم سليم الله چوهاڻ صاحب جو اهو مضمون حقيقتن جي عڪاسي ٿو ڪري ، ضرورت آهي ته عورتن کي جيڪو اسلام مقام ڏئي ٿو هن کي ئي عورت جي حق ۾ بهتر سمجهجي يا ٻي صورت ۾ يورپ جي نقالي ڪجي جنهن ۾ عورت کي جيڪي حقوق مليل آهن سا سڀنن اڳيان آهن ، الله تعالى مغربي روشن خيال ۽ مغربي تهذيب کان پنهنجي پناه ۾ رکي ۽ اسلام جي صحيح رستي تي سڀني مسلمانن کي هلائي ، آمين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو