بشير خان کي خراج تحسين ۾ احتجاج

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏11 اپريل 2012۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    اڄوڪي ڪامياب هڙتال سان ثابت ٿي ويو آهي ته سنڌي ماڻهو لاوارث ناهنجسقم اڳواڻ

    جسقم جي مرڪزي قيادت بشير خان قريشي جي پوسٽ مارٽم رپورٽ جي معاملي تي حڪومتي رويي خلاف هڙتال جي سڏ کي ڀرپور موٽ ڏيڻ تي سنڌ جي عوام جو ٿورو مڃيندي چيو آهي ته اڄوڪي ڪامياب هڙتال سان ثابت ٿي ويو آهي ته سنڌي ماڻهو لاوارث ناهن.. رتيديري ۾ جسقم اڳواڻن نياز ڪالاڻي، آصف بالادي، آڪاش ملاح، ثنان قريشي ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ جي قومپرست پارٽين ۽ ٻين ڌرين سندن ساٿ ڏئي اڄوڪي هڙتال کي ڪامياب ڪرايو آهي ۽ اهو تاثر غلط ثابت ٿي ويو آهي ته سنڌ جا ماڻهو لاوارث آهن.. هُنن چيو ته سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پرامن احتجاج باوجود 500 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي بنا جواز گرفتار ڪيو ويو آهي، پوليس ۽ رينجرز ڪراچي، نوابشاهه، ڪنڊيارو ۽ ٻين شهرن ۾ ڏنڊي جي زور تي زبرستي دڪان کولرائڻ جي ڪوشش ڪئي.. جسقم اڳواڻن چيو ته ڊيرا موڙ وٽ سندن ڪارڪنن کي ڪپڙن کان آجو ڪري مٿن تشدد ڪيو ويو آهي، جيڪا زيادتي آهي.. هُنن چيو ته جيستائين بشير قريشي جي قاتلن کي گرفتار نه ڪيو ويندو، تيستائين هُو خاموش نه ويهندا، سنڌين کي ڪراچي خالي ڪرڻ لاءِ چيو وڃي ٿو، پر هُو اهو ٻڌائڻ چاهين ٿا ته ڪراچي سنڌ آهي… ان موقعي تي بشير خان قريشي جي ڀاءُ مقصود قريشي چيو ته سنڌ حڪومت پوسٽ مارٽم جا جُزا ضايع ڪيا آهن ۽ هُو اِهو ثابت ڪري ڏيکاريندا
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: بشير خان کي خراج تحسين ۾ احتجاج

    اوهان جو عنوان ڪجهه مضمون سان ڪونه ٿو ٺهڪي ۔۔۔۔

    احتجاج ذريعي ڪنهن کي به ڀيٽا پيش ناهي ڪبي پر احتجاج اصل ۾ بيزاري جو اعلان هوندو آهي۔
     
  3. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    جواب: بشير خان کي خراج تحسين ۾ احتجاج

    ادا سليمان هي احتجاج بشير خان سان يڪجهتي طور هيو ۽ دشمن کي اهو ٻڌايو ويو ته اسان سنڌين جي منزل سوچ هڪ آهي جنهن ۾ سڀ قوم پرست ڌريون هڪ آواز ٿي پڪاري هيون آهن ته هن قتل جو رياستي ادارا حساب ڏين اهو هڪ وڏو خراج تحسين آ شهيد سنڌ سان انجي جدوجهد سان ان جي فڪر سان ۔۔۔۔۔۔ان جي وڇوڙي کان پوء به قوم انسان گڏ آهي ۽ وڏيڪ سگهاري سگه سان قدم اڳتي وڌائڻ لاء اتساهي آهي فڪر مند آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو