رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
اڄوڪي ڪامياب هڙتال سان ثابت ٿي ويو آهي ته سنڌي ماڻهو لاوارث ناهنجسقم اڳواڻ
جسقم جي مرڪزي قيادت بشير خان قريشي جي پوسٽ مارٽم رپورٽ جي معاملي تي حڪومتي رويي خلاف هڙتال جي سڏ کي ڀرپور موٽ ڏيڻ تي سنڌ جي عوام جو ٿورو مڃيندي چيو آهي ته اڄوڪي ڪامياب هڙتال سان ثابت ٿي ويو آهي ته سنڌي ماڻهو لاوارث ناهن.. رتيديري ۾ جسقم اڳواڻن نياز ڪالاڻي، آصف بالادي، آڪاش ملاح، ثنان قريشي ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ جي قومپرست پارٽين ۽ ٻين ڌرين سندن ساٿ ڏئي اڄوڪي هڙتال کي ڪامياب ڪرايو آهي ۽ اهو تاثر غلط ثابت ٿي ويو آهي ته سنڌ جا ماڻهو لاوارث آهن.. هُنن چيو ته سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پرامن احتجاج باوجود 500 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي بنا جواز گرفتار ڪيو ويو آهي، پوليس ۽ رينجرز ڪراچي، نوابشاهه، ڪنڊيارو ۽ ٻين شهرن ۾ ڏنڊي جي زور تي زبرستي دڪان کولرائڻ جي ڪوشش ڪئي.. جسقم اڳواڻن چيو ته ڊيرا موڙ وٽ سندن ڪارڪنن کي ڪپڙن کان آجو ڪري مٿن تشدد ڪيو ويو آهي، جيڪا زيادتي آهي.. هُنن چيو ته جيستائين بشير قريشي جي قاتلن کي گرفتار نه ڪيو ويندو، تيستائين هُو خاموش نه ويهندا، سنڌين کي ڪراچي خالي ڪرڻ لاءِ چيو وڃي ٿو، پر هُو اهو ٻڌائڻ چاهين ٿا ته ڪراچي سنڌ آهي… ان موقعي تي بشير خان قريشي جي ڀاءُ مقصود قريشي چيو ته سنڌ حڪومت پوسٽ مارٽم جا جُزا ضايع ڪيا آهن ۽ هُو اِهو ثابت ڪري ڏيکاريندا