سچل سرمست ان سچل ڪانفرنس (زيب سنڌي)

'ڪهاڻيون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏13 اپريل 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    سچل سرمست ان سچل ڪانفرنس
    زيب سنڌي


    [JUSTIFY]سچل سرمست جنهن وقت هال ۾داخل ٿيو، ان وقت ادبي ڪانفرنس ۾ مشاعرو پنهنجي پوري عروج تي هو. اسٽيج تي ڊائيس جي پويان بيٺل بندري قد وارو شاعر، جنهن جو هال ۾ ويٺلن کي چهرو نه، پر فقط سندس مٿي تي ٻڌل طُرو ڊائيس مٿان نظر اچي رهيو هو، اهو ڪيڪڙاٽ ڪري پنهنجو ڪلام پيش ڪري رهيو هو، ”سچل سارو سچ.... سچ سارو سچ..... سچل سارو سچ...!“

    سچل سرمست حيرت مان هال جي در وٽ ئي بيٺل رهجي ويو. هال ۾ ويٺل سامعين مان هڪ شرارتي شخص ڊائيس ڏانهن ڏسندي رڙ ڪئي، ” طري جي هيٺان لڪل مهانڊو ته ڏيکار بندرا...!“

    ڊائيس جي پويان لڪل بندري شاعر، ڊائيس مٿان پنهنجو مهانڊو ماڻهن کي ڏيکارڻ جي ڪوشش ۾ٽپا ڏيندي پنهنجي ڪلام کي اڳتي وڌايو، ”سچ ته بيٺو نچ....سچ ته بيٺو نچ.....سچ ته بيٺو نچ....!“

    سچل سرمست اسٽيج ۽ هال ۾ ٿيندڙ تماشي کي نظر انداز ڪري، در وٽان اڳتي آيو ۽ هال جي پهرين لائين ۾ پيل هڪ خالي ڪرسيءَ طرف وڌيو، ته اوچتو هڪ اهلڪار سندس رستو روڪي ورتو، ” ايڏانهن وري ڪيڏانهن پيو وڃين درويش !“

    سچل سرمست خالي ڪرسيءَ طرف هٿ سان اشارو ڪيو، ته سرڪاري اهلڪار سچل سرمست جو هٿ پڪڙي ورتو ۽ چيائين ، ” اڳئين لائين وزيرن ، مشيرن ، اسيمبلي ميمبرن ، اعليٰ عملدارن ۽ پوليس ڪمانين لاءِ آهي. تون پوئتي هليو وڃ !“

    سچل سرمست ٻي لائين ۾ پيل هڪ خالي ڪرسيءَ ڏانهن وڌيو ته هڪ ٻيو اهلڪار سندس اڳيان ڦري آيو، ”هي لائين پوليس ۽ روينيو کاتي جي وچولن عملدارن لاءِ مخصوص آهي. تون هتي نٿو ويهي سگهين..“
    سچل سرمست اڳتي وڌي ويو. هو ڪنهن خالي ڪرسيءَ لاءِ واجهائيندو اٺين لائين تائين پهچي ويو ، جتي وچ ۾ هڪ ڪرسي خالي هئ . سچل سرمست ان خالي ڪرسيءَ تائين پهچڻ لاءِ ، هيٺ ڏسندو ۽ ڪنهن کي تڪليف ڏيڻ کان سواءِ اڳتي وڌيو ، پر ان لائين ۾ ويٺلن اندر بيچيني پکڙجي وئي. سچل سرمست اڃا ان خالي ڪرسيءَ کان پرتي هو ، جو هڪ ويٺل شخص اٿي بيهي رهيو. ان شخص ، سچل سرمست جي ڪرائِي پڪڙي زور سان ڪاوڙ مان رڙ ڪئي ، ” اسان شاعرن جي وچ ۾ هن اوپري شخص کي ويهڻ جي اجازت ڪنهن ڏني آهي !“

    هال ۾ ويٺل ڪيترائي شاعر ، اديب ۽ دانشور ڪاوڙجي پيا. هر طرف کان رڙيون شروع ٿي ويون ، ” اسان اديبن جي وچ مان فقيرن کي ٻاهر ڪڍو ، نه ته بائڪاٽ ڪنداسين !“

    شاعرن ۽ اديبن پاران بائڪاٽ جي ڌمڪيءَ سان انتظامي عملدارن ۾ ٿرٿلو مچي ويو. ڪيترائي سرڪاري ڪارندا ڊوڙندا آيا. هڪ اهلڪار ، سچل سرمست کي ٻانهن کان وٺي، اديبن ۽ شاعرن جي لائين مان ٻاهر ڪڍي آيو. اهلڪارن جي اڳواڻ، سچل سرمست ڏانهن ڏسندي چيو ،”ڊزن کن لائينون اديبن ۽ شاعرن لاءِ مخصوص آهن. تون پنهنجي لاءِ پوئتي وڃي ڪا جاءِ تاڙ.“

    سچل سرمست هال ۾ پوئتي هليو ويو. وچ ۾ ڪابه خالي جاءِ نه هئڻ سبب هو آخري لائين تائين پهچي ويو. آخري لائين ۾ ڪجهه ڪرسيون خالي هيون.. سچل سرمست هڪ خالي ڪرسيءَ تي ويهڻ وارو هو، ته هڪ نوجوان سچل سرمست ڏانهن ڏسي اٿي بيهي رهيو ۽ چيائين ، ” اچو سائين، توهان مون سان گڏجي ويهو.“

    سچل سرمست اڳتي وڌي نوجوان جي پاسي ۾وڃي ويٺو، ” تون ڪير آهين پٽ ؟“

    نوجوان وراڻيو، ”بابي ته منهنجو نالو بادشاهه رکيو هو ، پر هتي مون کي به ڌڪي پوئتي موڪليو اٿائون ته عوام پوئتي وڃي ويهي، سو مان عوام آهيان سائين !“

    سچل سرمست اسٽيج طرف ڏٺو.

    اسٽيج تي ڪيترائي شاعر نما شخص آيا، جيڪي سچل سرمست کي عقيدت جو نذرانو پيش ڪرڻ جي نالي ۾ ماڻهن جي مٿي جو سور وڌائي ، اسٽيج جي پاسي ۾ ويٺل سرڪاري خزانچيءَ کان پنهنجو نذرانو وصول ڪندا رهيا. هڪ شاعر خزانچيءَ سان اٽڪي بيهي رهيو. رڙ ڪري چيائين ، ”سکر جي شاعرن کي ٽي هزار ڏنا اَٿو ۽ خيرپور وارن کي پندرهن سئو ٿا ڏيو. مان انهيءَ ظلم خلاف احتجاج ڪندس!“ جڏهن انهيءَ شاعر اتي ئي زور زور سان رڙيون ڪري احتجاج شروع ڪري ڏنو ، تڏهن کيس هزار رپيا ٻيا ڏئي ، اڍائي هزارن تي راضي ڪري روانو ڪيو ويو.

    اسٽيج تي بيٺل هڪ شاعر ، سچل سرمست جي شان ۾نذرانه عقيدت جي نالي ۾ تُڪبنديءَ جا تير هلائي رهيو هو ۽ واهه واهه لاءِ هيڏانهن هوڏانهن واجهائي رهيو هو ، پر هال ۾ ويٺل سمورن سامعين جو سڄو ڌيان ان گهورڙئي طرف هو ، جيڪو هال ۾ مٿي جي سور جون گوريون ۽ پاڻيءَ جون بوتلون وڪرو ڪري رهيو هو !

    آخري لائين ۾ سچل سرمست جي پاسي ۾ ويٺل نوجوان پنهنجي مٿي کي زور ڏيندي ۽ سچل سرمست ڏانهن منهن ڪندي چيو ، ”سائين ! انهيءَ کان ته سٺو ٿئي ها، جيڪڏهن هتي فقط سچل سرمست جو ڪلام ٻڌائين ها !“

    سچل سرمست خاموش رهيو.

    انهيءَ نوجوان ، جنهن جو نالو ته بادشاهه هو، پرهن پاڻ کي عوام پئي چيو ، تنهن وري چيو ، ”مان ته هتي سچل سرمست جي شاعري ٻڌڻ آيو هئس سائين !“

    سچل سرمست ڪنڌ ورائي نوجوان طرف ڏٺو ۽ ڪجهه سوچي ، اٿي اسٽيج طرف هليو ويو.

    اسٽيج تي بيٺل ڪمپيئر جنهن وقت ڪنهن شاعر کي اسٽيج تي اچڻ جي دعوت ڏني ، ته ان وقت سچل سرمست سامهون اچي رهيو هو. ٿڪل اهلڪارن کيس اسٽيج تي سڏايل شاعر سمجهي نظر انداز ڪري ڇڏيو ۽ سچل سرمست اسٽيج جي ڀرسان وڃي پهتو. جنهن شاعر کي سڏيو ويو هو ، اهو ڊوڙندو آيو ۽ سچل سرمست کان اڳ ۾ اسٽيج تي چڙهي ويو.

    سچل سرمست کي اسٽيج جي ڏاڪڻ وٽ ڪمپيئر روڪي ورتو ، ”مون جنهن شاعر کي سڏيو هو ، اهو ته اسٽيج تي بيٺو سچل سرمست کي عقيدت جو نذرانو پيش پيو ڪري. توهان ڪير آهيو؟“
    ”مان سچل سرمست آهيان !“ سچل سرمست وراڻيو.

    ڪمپيئر ، سچل سرمست جي ڳالهه اڻ ٻڌي ڪندي ، تڪڙ ۾ پڇيو ، ” توهان کي مشاعري ۾ ڪلام پيش ڪرڻ لاءِ سرڪاري دعوت ملي آهي ؟“

    سچل سرمست انڪار سان ڪنڌ لوڏيو.

    ڪمپيئر چيو ، ”شاعرن جي ٻي لسٽ اُها آهي ، جن شاعرن احتجاجي مظاهرا ڪري، مشاعري جا دعوت ناما حاصل ڪيا آهن. توهان ڪو احتجاج ڪيو هو دعوت نامو حاصل ڪرڻ لاءِ ِ؟“

    سچل سرمست ٻيهر انڪار سان ڪنڌ لوڏيو.

    ڪمپيئر چيو ، ” ٽين انهن شاعرن جي لسٽ آهي ، جن ادبي ڪانفرنس جي بائڪاٽ جو اعلان ڪري پنهنجا نالا شامل ڪرايا آهن.. توهان انهن بائڪاٽي شاعرن ۾ شامل هيئو؟“

    سچل سرمست وري به انڪار سان ڪنڌ لوڏيو.

    ڪمپيئر ٿڌو ساهه کڻي چيو ، ”مون وٽ چوٿين لسٽ انهن شاعرن جي آهي، جن هتي مشاعرو هلندي، سرڪاري کاتي جي اعليٰ عملدارن کان سفارشي پرچيون حاصل ڪري مون تائين پهچايون آهن.. توهان وٽ ڪنهن اعليٰ عملدار جي سفارشي پرچي آهي ؟“

    سچل سرمست انڪار سان ڪنڌ لوڏيو.

    ڪمپيئر معذرت ڪندي چيو ، ” ته پوءِ هن مشاعري ۾ توهان پنهنجي شاعري نٿا ٻڌائي سگهو سائين !“ ايترو چئي ڪمپيئر ڏاڪڻ چڙهي ، تڪڙو تڪڙو ڊائيس طرف هليو ويو ، جو ڊائيس تي بيٺل شاعر ، سچل سرمست کي لفظن جو نذرانو پيش ڪري ، نوٽن جو نذرانو وٺڻ لاءِ کاتي جي خزانچيءَ طرف وڃي چڪو هو. ڪمپيئر ، مائيڪ وٽ پهچي، هڪ سفارشي پرچيءَ تان شاعر جو نالو پڙهي کيس پنهنجو ڪلام پيش ڪرڻ لاءِ اسٽيج تي اچڻ جي دعوت ڏني.

    سفارشي پرچيءَ وسيلي سڏايل شاعر ذري گهٽ ڊوڙندو آيو ۽ سچل سرمست کي ” لفاظيءَ جو نذرانو“ پيش ڪرڻ لاءِ ، سچل سرمست جي پاسي مان گذري اسٽيج تي چڙهي ويو......۽ سچل سرمست ٻاهرين در طرف وڃي ، هال مان ٻاهر نڪري ويو.!
    [/JUSTIFY]

    ڪهاڻي ۽ ڪارڊ رضوان گُل جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ البم سنڌي ڪهاڻيڪارن جي چونڊ ڪهاڻين جو البم تان ورتل
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو