رضوان علي جمالي
سينيئر رڪن
هونئن ته آءُ وهمي ڪونه آهيان پر الائجي ڇو مونکي اپريل جو مهينو نه وڻندو آهي ۔ اِن مهيني کي اَڀاڳو تصور ڪندو آهيان ۔ جڏهن ته اپريل مهيني ۾ ڪوئيٽا شهر ۾ سڳنڌ جا هڳاءَ ٿي ويندا آهن هن مهيني ۾ وڻ ٽڙي پوندا آهن گلن جون مکڙيون ٽڙي ، حسن نکري پوندو ،ملڪي ۽ غير ملڪي سياحت خاطر ڪوئيٽا شهر جو رُخ ڪندا آهن ۔ 2003ع کان جيترو ڪوس هن شهر ۾ ٿيو آهي شايد ئي پاڪستان جي ڪنهن ٻئي شهر ۾ ٿيو هجي۔ پويان ڪهڙا لڪل هٿ ۽ مفاد آهن ، اهوته صرف رَب سائين بهتر ٿو ڄاڻي۔ پر صرف هڪ ئي قبيلو ڇو نِشاني تي آهي ؟ مسلمانن جو هڪ ئي فقه ڇو بيدردي سان ذبح ڪيو ٿو وڃي ؟ ۽ ايڏي بيدردي ته شايد شڪاري به ڪڏهن ڪنهن جانور سان نه ڪندا هجن۔ نتيجي ۾ ٽائرن کي باهيون دڪان بند معيشت تباهه تعليمي اداره بند ٽرانسپورٽ بند هڪ علائقي کان ٻئي علائقي تائين نو گوايريا لڳي پئي آهي ۔ 64 ميمبرن تي ٻڌل بلوچستان جي صوبائي اسيمبلي سوا هڪ جا هڙ جا هڙ وزير پوءِ به امن امان ٻُڙي لڳو پيو آهي ۔ نشاني تي آيل قبيلي جو قبرستان ڀريو پيو آهي چئن سالن جي معصوم ابهڙي کان وٺي 87 سالن جي پوڙهي تائين ۔ انهن کي پاڻ کي به خبر نه آهي ته اُهي ڇو ٿا قتل ڪيا وڃن اُنهن جو ڏوهه ڪهڙو آهي ؟ لڳي ته ايئن ٿو ته قاتلن کي به خبر ڪونهي ته اُهي ڇو ٿا هِنن کي بيدردي سان قتل ڪن۔
اڄ صبح جو به 11 ڄڻا قتل ڪيا ويا آهن اُن جو رَدِعمل فطري آهي هن وقت ڪوئيٽا شهر ۾ راڪاس گهمي ويو آهي ۔ ٽي وي جي مختلف چئنلن تي پَٽي هلي رهي آهي جنهن ۾ متاثر قبيلي جي طرفان گهريلو جنگي حالت جو اعلان ڪيو ويو آهي ۔
الله سائين اسانجي هن ڌرتي تي رحم فرمائي آمين ثم آمين ۔
دعائن جو طلبگار