• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪوئيٽا کي ڪنهن جي نظر لڳي ؟

رضوان علي جمالي

سينيئر رڪن
هونئن ته آءُ وهمي ڪونه آهيان پر الائجي ڇو مونکي اپريل جو مهينو نه وڻندو آهي ۔ اِن مهيني کي اَڀاڳو تصور ڪندو آهيان ۔ جڏهن ته اپريل مهيني ۾ ڪوئيٽا شهر ۾ سڳنڌ جا هڳاءَ ٿي ويندا آهن هن مهيني ۾ وڻ ٽڙي پوندا آهن گلن جون مکڙيون ٽڙي ، حسن نکري پوندو ،ملڪي ۽ غير ملڪي سياحت خاطر ڪوئيٽا شهر جو رُخ ڪندا آهن ۔ 2003ع کان جيترو ڪوس هن شهر ۾ ٿيو آهي شايد ئي پاڪستان جي ڪنهن ٻئي شهر ۾ ٿيو هجي۔ پويان ڪهڙا لڪل هٿ ۽ مفاد آهن ، اهوته صرف رَب سائين بهتر ٿو ڄاڻي۔ پر صرف هڪ ئي قبيلو ڇو نِشاني تي آهي ؟ مسلمانن جو هڪ ئي فقه ڇو بيدردي سان ذبح ڪيو ٿو وڃي ؟ ۽ ايڏي بيدردي ته شايد شڪاري به ڪڏهن ڪنهن جانور سان نه ڪندا هجن۔ نتيجي ۾ ٽائرن کي باهيون دڪان بند معيشت تباهه تعليمي اداره بند ٽرانسپورٽ بند هڪ علائقي کان ٻئي علائقي تائين نو گوايريا لڳي پئي آهي ۔ 64 ميمبرن تي ٻڌل بلوچستان جي صوبائي اسيمبلي سوا هڪ جا هڙ جا هڙ وزير پوءِ به امن امان ٻُڙي لڳو پيو آهي ۔ نشاني تي آيل قبيلي جو قبرستان ڀريو پيو آهي چئن سالن جي معصوم ابهڙي کان وٺي 87 سالن جي پوڙهي تائين ۔ انهن کي پاڻ کي به خبر نه آهي ته اُهي ڇو ٿا قتل ڪيا وڃن اُنهن جو ڏوهه ڪهڙو آهي ؟ لڳي ته ايئن ٿو ته قاتلن کي به خبر ڪونهي ته اُهي ڇو ٿا هِنن کي بيدردي سان قتل ڪن۔
اڄ صبح جو به 11 ڄڻا قتل ڪيا ويا آهن اُن جو رَدِعمل فطري آهي هن وقت ڪوئيٽا شهر ۾ راڪاس گهمي ويو آهي ۔ ٽي وي جي مختلف چئنلن تي پَٽي هلي رهي آهي جنهن ۾ متاثر قبيلي جي طرفان گهريلو جنگي حالت جو اعلان ڪيو ويو آهي ۔
الله سائين اسانجي هن ڌرتي تي رحم فرمائي آمين ثم آمين ۔
دعائن جو طلبگار
 
جواب: ڪوئيٽا کي ڪنهن جي نظر لڳي ؟

سائين محترم جمالي صاحب ! نظر صرف ڪوئيٽا کي ئي نه پر هن سموري خطي جي انسانن کي لڳل آهي ۔۔۔ ياد ڪريو جڏهن محترم سائين جي ايم سيد جينوا امن ڪانفرنس 1952 ۾ دنيا کي اهو ٻڌايو هو ته ”هن نئين ٺهيل ملڪ پاڪستان کي جيڪڏهن ائين ئي دڪانداري ملان جي مذهب تي هلڻ ڏنو ويو ته اهو ڏينهن پري ناهي جو هي پاڪستان هن خطي ۾ هڪ آتش فشان پهاڙ ٿي پوندو ۽ هن خطي جا ماڻهون بارود جي ڍير تي ويٺل هوندا“

انجو ترت نتيجو بنگلاديش ۾ نڪتو جت 30 لک بنگلاديشي مسلمان قتل ڪيا ويا، لکين عورتن جي عصمتدري ڪئي وئي ۽ ان سموري ماجري ۾ بنگال جو دڪانداري ملان ملوث رهيو ۔۔۔۔ بلوچستان، سنڌ، وزيرستان، افغانستان، ڪشمير ۽ هندستان ۾ ان طالباني سوچ سبب اڄ به قتلام جاري آهي ۔۔۔۔ سلامتي جو مذهب انسانيت جي قتل لا استعمال ٿي رهيو آهي۔

الله پناه ۾ رکي ان قاتل ۽ ظالم قوم کان جيڪا انسانيت جي قاتل آهي ۽ پنهنجي دڪانداري جي صدقي ڪروڙين انسانن کي مارڻ لا هر وقت ڏند تيز ڪري گهمندي وتي ۔۔۔۔

مان به ائين چوندس ته " لعنت الله علي الظالمين“
 
جواب: ڪوئيٽا کي ڪنهن جي نظر لڳي ؟

ڪوئيٽا ڪڏهن گهمڻ لاء مشهور هوندو هو پر هي شهر هاڻي گهڻو بد امني جي ور چڙهي ويو آهي۔

ڪاش هن شهر جون خوبصورتيون امن ذريعي بحال ٿين
 
Back
Top