Follow along with the video below to see how to install our site as a web app on your home screen.
نوٽ: This feature may not be available in some browsers.
ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟ سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!
سنڌ سلامت جي انتظاميه، سنڌ سلامت جي سمورن ميمبرن ۽ سنڌ سلامت تي ڀيرو ڀڃندڙ سڀني ساٿين کي انٽرنيٽ جي دنيا ۾ سنڌي ٻوليء جي سڀ کان وڏي سنڌي فورم سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي ٽين سالگره تي واڌايون پيش ڪري ٿي۔
مان انهن دوستن کي سلام پيش ٿو ڪيان جن سنڌ سلامت جي شروعات ڪئي ۽ ڏکين حالتن ۾ به فورم کي هلائيندا رهيا۔ هنن ان دور ۾ سنڌ سلامت لاء ڪم ڪيو جڏهن سوشل ميڊيا تي سنڌي لکڻ وارا گهٽ تعداد ۾ هئا۔
مان مبارڪباد ڏيندس سائين نثار ابڙي، نثار ناز، رشيد سمون، علي علي، فقير عبدالوحيد ڦلپوٽي، اسد ميرجت مست، مولوي رحيم بخش، عامر ضياء چارڻ ۽ ٻين سمورن ميمبرن کي جن هن ميلي کي مچائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي۔ اڄ سنڌ سلامت پنهنجا ٽي سال پورا ڪيا آهن ۽ سنڌ سلامت انٽرنيٽ جي دنيا جو سڀ کان وڏو ۽ سڀ کان مقبول سنڌي فورم بڻجي ويو آهي۔ دوستن کي لک شاباسون هجن جن پنهنجي گهران، پنهنجي هڙان وڙان ڏئي هن فورم کي سجايو آهي، منهنجو کين سلام آهي ۽ دعا آهي ته سنڌ سلامت سنڌين کي جاڳائڻ ۽ سنڌ جي مسئلن ۽ ڄاڻ جو هڪ اهم ذريعو بڻجي وڃي۔
جواب: سنڌ سلامت جي ٽين سالگرهه تي سنڌ سلامت جي سمورن ساٿين کي واڌايون
سالگره! هڪ اهو ڏينهن جيڪو اسان کي ياد ڏياريندو آهي ته جڏنهن اوهان دنيا ۾ آيا ته ان وقت جا ڪهڙا حال هئا۔ ان وقت ڇا وهي واپري رهيو هو۔ انهي موسم جو اوهان جي زندگي تي ڪهڙو اثر هوندو آهي؟
جيئن چون ٿا بينظير شهيد جي والده اصفهان جي ٿڌن علائقن مان هئي۔ ۽ والد صاحب لاڙڪاڻي جي گرم علائقي مان۔ پر جنم 21 جون تي ٿيو سو هو جوش واري مائي ثابت ٿي۔
اهڙي طرح جڏنهن سنڌ سلامت کي ڏسجي ٿو ته هن ملڪ جي موسمي ڦيرن جي حساب سان 1جِن ڏينهن ۾ ڄائي اهي ڏينهن بهار جا هئا۔ بهار جي رُت ۾ جڏنهن مکڙيون ٽڙي گل ٿيڻ لڳنديون آهن ۽ ڏينهن رات هڪ جيڏا ٿيو وڃن ۽ جڏنهن طبيعتن ۾ رومانس وڌي ويندو آهي ته انهن ڏينهن ۾ اسان جو دلبر رشيد سمون خيرن سان اميد سان هو۔!!!!!!!!!!!!!!!! جي ها دوستو يقناً کيس پورن مهينن جو پِيٽ هو (ڀلي کڻي 9 مهينن جو نه ئي سهي) پر بهرحال هيو پورن مهينن جو۔ اها ڳالهه متان دوستن کي عجيب لڳي يا نه وڻي پر سنڌسلامت به هڪ اڻ ڄاول ٻار جيان پيٽ ۾ به گذاريو آهي۔ جنهن جي شاهدي منتظمين دوستن مان هڪ پياري دوست نثار ابڙو جِن پنهنجي ليک ۾ ڏيئي چڪا آهن۔ ۽ اهو جنم ڪيتري تڪليفن ۽ پريشانين سان ٿيو اهو ان وقت جي داين (جيئن عي علي) وارن کي خبر هوندي پر انهي دادلي ٻار جي ساعت ڏاڍي هئي۔ ڇو ته سنڌ جي جهر جهنگ ۽ پري پري کان سڀني دوستن انهي ٻار کي پالڻ نپائيڻ ۽ سنوارڻ لا وسان نه گهٽايو۔ ۽ اڄ سنڌسلامت ماشاالله ٽين بهار ڏسي ٿي پئي۔
ادا سليمان جهڙي پر خلوص، مهربان ۽ سڄڻ دوست جنهن کي شايد پنهنجي ذات کان وڌيڪ سنڌسلامت جو اونو رهندو آهي ۽ هي پيارو انسان هر ڪنهن جي غمي خوشي جي ڀيٽا بهترين ڊزائين سان ڏيندو آهي۔ تنهن جي خوشي جي اڄ ڇا ڪيفيت هوندي انهي جو اندازو اسان سڀني کي چڱي ريت آهي۔ ڇو ته سنڌسلامت هنن ئي دوستن جي ڪري وڌي وڏي ٿي آهي۔ ۽ اسان لاغرضن جي ڪچن ڦڪن ليکن جي واکاڻ ڪري لکڻ ۽ پڙهڻ تي همٿايو آهي۔ آئون ضرور نالا ڳڻائيندس منتظمين دوستن جا جيڪي اڄ کيرون لهڻن۔
هر دلعزيز جادوگر سائين رشيد سمون جنهن سان پيار جو هڪ بي مثال رشتو آهي
پيارو دوست علي علي، جنهن کي دوست سدائين پيا ڇيڙين پر هر تصوير ۾ چهري مسڪراهٽ هوندي آهي۔
دوست نثار ابڙو۔ جنهن جا ليک، جنهن جي صورت جنهن جي شخصيت ۾ مٺاڻ ڀريل آهي۔ نرمي ۽ شائستگي سندس وجود جوحصو آهي۔
نثار ناز۔ جن جا وڏا ليک ۽ لکڻ جي روانگي سنڌسلامت جي زينت جو حصو رهي آهي۔
مست سائين۔ ڄامشوري جي رومانٽڪ شهر جو پيارو شخص۔ دعا آهي ته ملاقات ٿئي۔
ڦلپوٽو فقير۔ ظاهري طور ته تمام حضور شرم ۽ چُپ چُپ۔ پر ليک ۾ مستي ڀريل۔
عامر ضياع چارڻ۔ جنهن سنڌسلامت کي ڪنهن ڪوسي وا لڳڻ کان بچايو آهي۔
سائين رحيم بخش۔ جن جي سدائين مثبت ائپروچ دنياوي ڳالهين جا ديني حل ٻڌائڻ جي ڪوشش۔ الله آباد رکيس۔
جڏنهن اهڙا دوست سنڌسلامت کي پالڻ نپائڻ وارا هجن ته پو رشيد جي انهي ڄاول ٻار کي ڪير پيار نه ڪندو۔ ڇو اهو ٻار جڳ واکاڻيو نه ويندو۔ ڇو هر ڪنهن جو دعائون انهي سان گڏ نه هونديون۔
آئون هتي پنهنجي پياري دوست امين ارباب جي دعا لکندس ته شل سونهن، سِڪ، سورهيائي، سچائي، سنڌ ۽ ساٿ سلامت رهي۔ انهي دعا ۾ سنڌسلامت جي دعا آهي۔ هي دعا ورهين کان امين ريڊيو تي پنهنجي هر پروگرام جي آخر ۾ گهر آهي ۽ اسان آمين چئي آهي۔ هتي به اهوئي ته سنڌ سلامت، ساٿ سلامت۔
جواب: سنڌ سلامت جي ٽين سالگرهه تي سنڌ سلامت جي سمورن ساٿين کي واڌايون
سنڌ سلامت جي ٽين سالگره تي تمام سنڌ سلامت جي ميمبرن کي دلي مبارڪ باد پيش ڪجي ، جس لهڻ اهي دوست جنهن هي منڊل مچايو ء سنڌي دوستن کي بهترين پليٽفارم ٺاهي ڏنو جتي اچي ڪري پنهنجائپ محسوس ٿئي ٿي، انهن دوستن کي به جس هجي جيڪي هن محفل ۾ پنهنجو مچايون ويٺا آهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
تمام دوستن کي سنڌ سلامت جي سالگره مبارڪ هجي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ دعا آهي ته سنڌ سلامت هميشه سلامت هجي
جواب: سنڌ سلامت جي ٽين سالگرهه تي سنڌ سلامت جي سمورن ساٿين کي واڌايون
لاکيڻي لطيف جو بيت ، مون سي ڏٺا ماءُ جنين ڏٺو پرينءَ کي جڏهن به پڙهندو آهيان تڏهن سوچون مهراڻ جي ڇولين وانگر منهنجي اندر جي ڪناري تي شڙپ شڙپ ڪنديون اچي ٽڪرائينديون آهن، ته هُن اهي ڪهڙا محبتي ماڻهو ڏٺا جو لاکيڻي لطيف بي اختيار جيجل ماءُ کي پُڪاري انهن دل گهرين دوستن جي باري ۾ چيو ته هنن پرين مطلب منزل، پرين مطلب پنهنجي محور، پرين مطلب پنهنجي ماڳ، پرين مطلب پنهنجي سڄڻن، پرين مطلب پنهنجي پيارن، پرين مطلب ڪائنات جي هِن سري کان وٺي هُن سري تائين
پنهنجي تپسيا، پنهنجي محنت، پنهنجي لڳن، پنهنجي عشق سنڌ جي گهوٽ ڀٽائي جي مصداق:
پاڻهي ملندم هوت ڪجهه آئون به اڳڀري ٿيان،
متان چويم خان بلوچ ڪميڻي مان ڪين ٿيو
يا وري ،
تتيءَ ڪوسِيءَ ڪاهه ڪانهي ويل ويهڻ جي
متان ٿئي اونده پير نه لهين پرينءَ جو.!
يا وري،
ٿڪيائي ٿر ٿيلهه چڙهه چُڪيائِي چوٽيئنءَ
هلندي هوت پنهون ڏي ڀئو مڙئي ڀيل،
اٿي رائو ريل ويٺن تان واري وري....!!
پريَنِ کي پسي ورتو، ۽ هو اهڙا ته مانائتا ، شانائتا، سُهڻا من مهڻا، پيارا، دل وارا آهن جن جي باري ۾ ڪا ڳالهه جي ڪري ته ڪري نٿو سگهي ڇو ته عظيم ماڻهو جيڪي پنهنجي محور کي پسڻ لاءِ هميشه سندرو ٻڌيو بيٺا هوندا آهن ، انهن جو هر قدم حق ۽ سچ لاءِ کڄندو آهي انهيءَ ساڳوڻي بيت مون سي ڏٺا ماءُ ، جنين ڏٺو پرينءَ جي حسين دل ڪش منظر جي تناضر ۾ مونکي هن محبتي اڱڻ جي انتهائي محنتي ساٿي، سائين نثاراحمد ابڙو سائين عبدالرشيد سمون، سائين عامر ضياءُ چارڻ ، سائين محمد سليمان وساڻ، سائين ابو واصف ، سائين رحيم بخش ڏاهري، سائين اسد حُسيني مست، سائين فقير وحيد ڦلپوٽو سائين علي ظفر علي علي ، سائين طاهر سنڌي ، سائين ممتاز علي وگهيو، سائين غلام مصطفى ميمڻ، سائين رسول بخش دائود پوٽه، سائين عرس پريو، ۽ کوڙ سارا سنڌ سلامت جا ساٿي انهي بيت جي هوبهو تصوير نظر آيا، هنن پنهنجو سک چين ڦٽائي، هنن هر گرمي سردي، ۾ جيجل امڙ سنڌ جو، سنڌي ٻوليءَ جو ۽ سنڌي ماڻهن جو سنڌ سلامت جي محبتي ايڪتا چين جهڙي اڱڻ تان هم قدم ٿي ، متحد ٿي، ڪڙو منجهه ڪڙي ٿي مان ۽ شان وڌائيندا نظر آيا، منهنجو سنڌ سلامت جي انهن عظيم ساٿين کي ٻنهي هٿن جو سلام آهي ، کين لکين شاباسون آهن . دوستو زندگي الائي ڪيتري آهي ، هلندي گهمندي ڪٿي به ماڻهو راهِ عدم جو راهي ٿي سگهي ٿو انهن جو نام نشان به ڪنهن کي ياد ڪونه رهندو آهي پر جيڪي ماڻهون تاريخ جو اڻ مٽ باب ٿِي پنهنجي ڌرتيءَ جي ماڻهن جو، پنهنجي ڌرتيءَ جو ۽ پنهنجي مٺڙي ٻوليءَ جو فخر سان ڳاٽ اونچو ڪندا آهن ، پنهنجي ديس جي سينڌ سائي رکندا آهن انهن کي تاريخ پنهنجي ورقن ۾ ارڏن پٽن جي لقب سان ياد رکندي آهي، هو هميشه ديس واسين جي دل جي ڌڙڪنن ۾ ڌڪ ڌڪ ٿي ڌڙڪندا آهن، ساٿيو اڄ سنڌ سلامت جو هي اڱڻ مٿين دوستن جي اڻٿڪ محنتن جي عيوض ساري دنيا جي سنڌي ماڻهن سان سائبر ميڊيا جي صورت ۾ سنڌ جي اديبن، سنڌ جي ڏات ڌڻين ، سنڌ جي سياسي اٿل پُٿل، سنڌ جي ماڳن مڪانن، سنڌ جي هر اشو کي ونڊيندو نظر ايندو آهي، اڄ اسان جو سنڌي ماڻهو ڀلي ست سمنڊ پار انهن علائقن ۾ رهندو هُجي جتي سنڌ جي اليڪٽرانڪ ميڊيا يا سنڌ جي پرنٽنگ ميڊيا جو حصول ناممڪن هُجي پر هُو سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تان سنڌ جا تازه ترين حال احوال هڪڙي آڱريءَ جي ٽچ تي معلوم ڪري سگهي ٿو اهو به اسان جي مٺڙي سنڌي ٻوليءَ ۾ ، سنڌ سلامت جا ساٿين سنڌ جي هن خوبصورت ماٿريءَ کي سنڌ وطن کي سنڌ سلامت جي ارڏن سپوت پٽن پنهنجي جاکوڙ ذريعي انٽرنيٽ تان ترقي يافته ملڪن جي سٿ ۾ باقائده آڻي بيهاريو آهي ۽ اسان جا جيڪي سنڌي ڀائر ۽ ڀينرون جيڪي پنهنجي رزق حلال جي ڪري پنهنجي سنڌ کان ڌار آهن پري آهن اهي به سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي وزٽ ڪري خوشي محسوس ڪري نازان آهن، اسان جي سنڌ ديس يا اسان جي ملڪ جو هر اهو سنڌي ماڻهو جنهن کي جڏهن به سنڌ سلامت جي خبر پوي ٿي سنڌ سلا مت جي وزٽ ڪري ان جو ميمبر ٿي پنهنجي پاڻ لاءِ اعزاز محسوس ڪري ٿو. اڄ سنڌ سلامت جي سالگره آهي، سنڌ سلامت جي سموري سٿ کي پنهنجي دل جي گهرائين سان واڌايون پيش ٿو ڪريان، ۽ دعا ٿو ڪريان ته الله سائين کين اڃان به وڌيڪ همت ڏي، جو سنڌ ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ نت نوان مضمون نت نوان فلسفا ، نت نوان حال احوال ، نت نوان منصوبا ساري دنيا جي سنڌين سان متعارف ڪرائي پنهنجو پاڻ ملهائيندا ، تاريخ ۾ پنهنجي جاڳرتا کي سهيڙي سنڌ سلامت ساٿ سلامت جي نعري کي عملي طور اجاگرڪندا۽ محبتن جي سفر کي دڳ دڳ جاري رکندا ۔ الله توهان جو حامي ۽ ناصر۔