سنڌ سلامت جي ٽين سالگرهه تي سنڌ سلامت جي سمورن ساٿين کي واڌايون

'جنم مبارڪ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏14 اپريل 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    محبتي ميڙي ڳوٺ ٻڌجي هڪڙو
    انهن جي ويڙهي پاڻ ئي ايندو شاهه

    سنڌ سلامت جي انتظاميه، سنڌ سلامت جي سمورن ميمبرن ۽ سنڌ سلامت تي ڀيرو ڀڃندڙ سڀني ساٿين کي انٽرنيٽ جي دنيا ۾ سنڌي ٻوليء جي سڀ کان وڏي سنڌي فورم سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي ٽين سالگره تي واڌايون پيش ڪري ٿي۔

    مان انهن دوستن کي سلام پيش ٿو ڪيان جن سنڌ سلامت جي شروعات ڪئي ۽ ڏکين حالتن ۾ به فورم کي هلائيندا رهيا۔ هنن ان دور ۾ سنڌ سلامت لاء ڪم ڪيو جڏهن سوشل ميڊيا تي سنڌي لکڻ وارا گهٽ تعداد ۾ هئا۔

    مان مبارڪباد ڏيندس سائين نثار ابڙي، نثار ناز، رشيد سمون، علي علي، فقير عبدالوحيد ڦلپوٽي، اسد ميرجت مست، مولوي رحيم بخش، عامر ضياء چارڻ ۽ ٻين سمورن ميمبرن کي جن هن ميلي کي مچائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي۔ اڄ سنڌ سلامت پنهنجا ٽي سال پورا ڪيا آهن ۽ سنڌ سلامت انٽرنيٽ جي دنيا جو سڀ کان وڏو ۽ سڀ کان مقبول سنڌي فورم بڻجي ويو آهي۔ دوستن کي لک شاباسون هجن جن پنهنجي گهران، پنهنجي هڙان وڙان ڏئي هن فورم کي سجايو آهي، منهنجو کين سلام آهي ۽ دعا آهي ته سنڌ سلامت سنڌين کي جاڳائڻ ۽ سنڌ جي مسئلن ۽ ڄاڻ جو هڪ اهم ذريعو بڻجي وڃي۔
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ سلامت جي ٽين سالگرهه تي سنڌ سلامت جي سمورن ساٿين کي واڌايون

    سنڌ سلامت جي سڀني دوستن کي، رڪنن کي ۽ ڀيرو ڀڃندڙ دوستن کي ان ڳالهه جون واڌايون ڏيندس ته سنڌي ٻولي جي واڌ ويجهه ۽ سنڌيت جي پرچارڪ ٿي سنڌ سلامت ٽن سالن کان پاڻ ملهائي رهي آهي ۔۔۔

    هن اوطاق جي اڱڻ تي هزارين سنڌي پنهنجي پنهنجي سوچ ۽ لوچ سان اچي پنهنجي پنهنجي خوشبو پکيڙي وڃن ٿا ۽ سنڌيت جي رهنمائي ٿئي ٿي ۔۔۔ سلام سڀني دوستن کي ۔۔۔ سنڌ سلامت سڀني دوستن جي تهه دل سان ٿورائتي آهي ۔۔۔

    ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي دنيا جيئن جيئن وسيع ۽ ترقي ڪري ٿي تيئن تيئن دنيا جون قومون پنهنجو پنهنجو حصو ڳنڍين ٿيون، جيتوڻيڪ سنڌي ٻولي ۾ ايترو ڪم ناهي ٿيو پر پو به ڪجهه سهڻن سنڌين پنهنجي قومي فرض کي محسوس ڪندي سنڌي ٻولي جي هڪ ڪنڊ قائم ڪئي ۽ الله جا شڪر آهن ته هاڻ اها ڪنڊ وڌي هڪ ميدان ٿيندي وڃي ۔۔۔

    سنڌ سلامت سميت ڪئي ننڍا ننڍا بلاگ ۽ فورم ڪم ڪري رهيا آهن ۽ خاص ڪري فيسبڪ ذريعي پڻ هزارين نوجوان اچي سنڌي ٻولي ۾ لکڻ واري ميدان ۾ ڀڙ ٿي رهيا آهن، ڪجهه ڀينرون پڻ اچي پنهنجو حصو ڳنڍين ٿيون ۔۔۔ حاصل مطلب ته هاڻ ائين نٿو چئي سگهجي ته سنڌي ٻولي انٽرنيٽ ته ناهي ۔۔۔ ها اڃان گهٽتائي آهي پر موجودگي آهي ۔۔۔

    سنڌ سلامت جي ڏاهن دوستن پاڻ ملهايو آهي ۔۔۔ ۽ هن اوطاق کي سنڌي ٻولي لا خاص ڪري مثال قائم ڪيو ويو آهي، هن وقت سنڌ سلامت تي هزارين دوست ڀيرو ڀڃن ٿا ۽ پنهنجو پنهنجو وارو وڄائي وڃن ٿا ۔۔۔

    منزل ناهي ڏور او ساٿي منزل ناهي ڏور ۔۔۔

    سچائي سان کينل پير هميشه ڪامياب ۽ ڪامران ٿيندا آهن ۔۔۔ سنڌ سلامت جا سڀ کينل پيرا سچائي جي وارياسي تي چٽا ۽ واضح نظر اچنٿا ۔۔۔۔ محبت سان ڪيل ننڍڙا عمل به وڏا اثر پئدا ڪندا آهن ۔۔۔ سنڌ سلامت جي دوستن ڪڏهن همٿ ناهي هاري ۽ اهڙا اهڙا ڪم ڪري ڏيکاريا آهن جيڪي ڪنهن به سائيٽ ناهن ڪيا ۔۔۔ جن ۾ خاص ساليانه سنڌي ڪئلينڊر شايع ڪرائڻ پڻ آهي۔

    سلام دوستو! اميد اٿم ته اوهانجو جذبو اڳ کان اڳتي هوندو ۽ کنيل وکون اڃان تڪڙيون منزل ڏانهن هلنديون ۔۔۔ اسانجون دعائون، نيڪ خواهشون ۽ پيار اوهان دوستن لا هميشه دائم ۽ قائم رهنديون ۔۔۔

    سنڀريو جيان، ڳالهيون، پريم تنهنجيون،
    ڪهڙا ڳــڻ ڳڻيــان، ٿـورن مٿـو نـاه ڪو۔
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌ سلامت جي ٽين سالگرهه تي سنڌ سلامت جي سمورن ساٿين کي واڌايون

    سلام دوستو! اميد اٿم ته اوهانجو جذبو اڳ کان اڳتي هوندو ۽ کنيل وکون اڃان تڪڙيون منزل ڏانهن هلنديون ۔۔۔ اسانجون دعائون، نيڪ خواهشون ۽ پيار اوهان دوستن لا۽ هميشه دائم ۽ قائم رهن

    پر افسوس صرف ان ڳالهه جو آهي ته مان ان سالگره جي موقعي کي مس ڪيو

    خيئر الله مالڪ آهي الله ڀلي ڪندو

    دوستن جي محنت کي ساراهڻ کان سوا۽ رهي نه ٿو سگهجي

    سالگره جي حوالي سان سنڌ سلامت جو نئون لباس به سٺو لڳو



    سدائين گڏ
     
  4. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت جي ٽين سالگرهه تي سنڌ سلامت جي سمورن ساٿين کي واڌايون

    سالگره! هڪ اهو ڏينهن جيڪو اسان کي ياد ڏياريندو آهي ته جڏنهن اوهان دنيا ۾ آيا ته ان وقت جا ڪهڙا حال هئا۔ ان وقت ڇا وهي واپري رهيو هو۔ انهي موسم جو اوهان جي زندگي تي ڪهڙو اثر هوندو آهي؟
    جيئن چون ٿا بينظير شهيد جي والده اصفهان جي ٿڌن علائقن مان هئي۔ ۽ والد صاحب لاڙڪاڻي جي گرم علائقي مان۔ پر جنم 21 جون تي ٿيو سو هو جوش واري مائي ثابت ٿي۔

    اهڙي طرح جڏنهن سنڌ سلامت کي ڏسجي ٿو ته هن ملڪ جي موسمي ڦيرن جي حساب سان 1جِن ڏينهن ۾ ڄائي اهي ڏينهن بهار جا هئا۔ بهار جي رُت ۾ جڏنهن مکڙيون ٽڙي گل ٿيڻ لڳنديون آهن ۽ ڏينهن رات هڪ جيڏا ٿيو وڃن ۽ جڏنهن طبيعتن ۾ رومانس وڌي ويندو آهي ته انهن ڏينهن ۾ اسان جو دلبر رشيد سمون خيرن سان اميد سان هو۔!!!!!!!!!!!!!!!! جي ها دوستو يقناً کيس پورن مهينن جو پِيٽ هو (ڀلي کڻي 9 مهينن جو نه ئي سهي) پر بهرحال هيو پورن مهينن جو۔ اها ڳالهه متان دوستن کي عجيب لڳي يا نه وڻي پر سنڌسلامت به هڪ اڻ ڄاول ٻار جيان پيٽ ۾ به گذاريو آهي۔ جنهن جي شاهدي منتظمين دوستن مان هڪ پياري دوست نثار ابڙو جِن پنهنجي ليک ۾ ڏيئي چڪا آهن۔ ۽ اهو جنم ڪيتري تڪليفن ۽ پريشانين سان ٿيو اهو ان وقت جي داين (جيئن عي علي) وارن کي خبر هوندي پر انهي دادلي ٻار جي ساعت ڏاڍي هئي۔ ڇو ته سنڌ جي جهر جهنگ ۽ پري پري کان سڀني دوستن انهي ٻار کي پالڻ نپائيڻ ۽ سنوارڻ لا وسان نه گهٽايو۔ ۽ اڄ سنڌسلامت ماشاالله ٽين بهار ڏسي ٿي پئي۔

    ادا سليمان جهڙي پر خلوص، مهربان ۽ سڄڻ دوست جنهن کي شايد پنهنجي ذات کان وڌيڪ سنڌسلامت جو اونو رهندو آهي ۽ هي پيارو انسان هر ڪنهن جي غمي خوشي جي ڀيٽا بهترين ڊزائين سان ڏيندو آهي۔ تنهن جي خوشي جي اڄ ڇا ڪيفيت هوندي انهي جو اندازو اسان سڀني کي چڱي ريت آهي۔ ڇو ته سنڌسلامت هنن ئي دوستن جي ڪري وڌي وڏي ٿي آهي۔ ۽ اسان لاغرضن جي ڪچن ڦڪن ليکن جي واکاڻ ڪري لکڻ ۽ پڙهڻ تي همٿايو آهي۔ آئون ضرور نالا ڳڻائيندس منتظمين دوستن جا جيڪي اڄ کيرون لهڻن۔

    هر دلعزيز جادوگر سائين رشيد سمون جنهن سان پيار جو هڪ بي مثال رشتو آهي
    پيارو دوست علي علي، جنهن کي دوست سدائين پيا ڇيڙين پر هر تصوير ۾ چهري مسڪراهٽ هوندي آهي۔
    دوست نثار ابڙو۔ جنهن جا ليک، جنهن جي صورت جنهن جي شخصيت ۾ مٺاڻ ڀريل آهي۔ نرمي ۽ شائستگي سندس وجود جوحصو آهي۔
    نثار ناز۔ جن جا وڏا ليک ۽ لکڻ جي روانگي سنڌسلامت جي زينت جو حصو رهي آهي۔
    مست سائين۔ ڄامشوري جي رومانٽڪ شهر جو پيارو شخص۔ دعا آهي ته ملاقات ٿئي۔
    ڦلپوٽو فقير۔ ظاهري طور ته تمام حضور شرم ۽ چُپ چُپ۔ پر ليک ۾ مستي ڀريل۔
    عامر ضياع چارڻ۔ جنهن سنڌسلامت کي ڪنهن ڪوسي وا لڳڻ کان بچايو آهي۔
    سائين رحيم بخش۔ جن جي سدائين مثبت ائپروچ دنياوي ڳالهين جا ديني حل ٻڌائڻ جي ڪوشش۔ الله آباد رکيس۔


    جڏنهن اهڙا دوست سنڌسلامت کي پالڻ نپائڻ وارا هجن ته پو رشيد جي انهي ڄاول ٻار کي ڪير پيار نه ڪندو۔ ڇو اهو ٻار جڳ واکاڻيو نه ويندو۔ ڇو هر ڪنهن جو دعائون انهي سان گڏ نه هونديون۔
    آئون هتي پنهنجي پياري دوست امين ارباب جي دعا لکندس ته شل سونهن، سِڪ، سورهيائي، سچائي، سنڌ ۽ ساٿ سلامت رهي۔ انهي دعا ۾ سنڌسلامت جي دعا آهي۔ هي دعا ورهين کان امين ريڊيو تي پنهنجي هر پروگرام جي آخر ۾ گهر آهي ۽ اسان آمين چئي آهي۔ هتي به اهوئي ته سنڌ سلامت، ساٿ سلامت۔
     
  5. مجيب سنڌي ڪورائي

    مجيب سنڌي ڪورائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    285
    ورتل پسنديدگيون:
    298
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    سنڌ سلامت سٿ کي سالگره مبارڪ

    [​IMG]



    سنڌي ٻولي جي ترقي ۽ واڌاري واري ڪم ۾ هڪ اهم اڳڀرائي “ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام“

    جنهن جو بنياد 15 اپريل 2009 تي سنڌ جي ڪجھ ساڃاھ وندن رکيو ، جنهن ۾ محترم رشيد سمون جون محنتون ۽ خدمتون قابل ديد آهن ، ان کان علاوه سنڌ سلامت کي سنواريندڙن ۾ محترم نثار احمد ناز ، محترم محمد سليمان وساڻ ، محترم نثار احمد ابڙو ، محترم ضياءَ چارڻ ، محترم علي ظفر ، محترم مولوي رحيم بخش ، محترم وحيد ڦلپوٽو ، ۽ محترم اسد ميرجت جيڪي هن وقت به پنهنجي سچائي سان سنڌي ٻولي جي واڌاري ۽ ترقي لئه ڪم ڪري رهيا آهن ،
    جنهن ۾ سنڌ سلامت طرفان فورم تي ته انتهائي سٺو ڪم ڪيو پيو وڃي پر فورم جو ڪم فورم کان ٻاهر هڪ ادبي ۽ سماجي ڪم پڻ ڪري رهيا آهن ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام “ پاران سال جا تاريخن وارا تمام سهڻا ڪلينڊر پڻ ڇپايا ۽ سڄي سنڌ ۾ ساڃاھ وندن ۽ ادب دوستن تائين پهچائڻ وارو ڪم قابل تعريف آهي ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي سنڌي ٻوليءَ ۾ اڻ کُٽ موضوع شامل ٿيل آهن جن ۾ خاص ڪري اسلامي سيڪشن ، اقوال زرين، تازه ترين خبرون ۽ تبصرا ، سنڌ جا تاريخي ماڳ مڪان ، سنڌ جون وسنديون ، سنڌي شخصيتون ، سنڌي ادب ، مقالا ، ڪهاڻيون ، سنڌي شاعري ، مزاحيه شاعري ، صحت بابت تحريرون ، سنڌ سلامت روزگار ، ڪمپيوٽر جي سکيا سنڌيء ۾ ، سنڌي ۽ معلوماتي ويب سائيٽس ، سافٽويئرس ۽ ڊائونلوڊز جو تازه ترين ۽ اڻ کُٽ خزانو ، ڊرائيورز ، سنڌي ڪتاب ، موبائل جي دنيا جي معلومات ، آئي ٽي بابت خبرون ، دلچسپ خبرون ، دلچسپ وڊيوز ۽ تصويرون، سنڌي آڊيو ۽ وڊيو موسيقي ، کِل ڀوڳ شامل آهن ، هن فورم تي شامل مواد کي ڏسي پڙهي ۽ ڪاپي پيسٽ يا ڊائونلوڊ به ڪري سگجي ٿو ، هن فورم تي پنهنجون تحريرون ، يا ويڊيو وغيره ، ڪو به مواد شامل ڪري سگهجي ٿو.
    سنڌ سلامت جي جاکوڙي سٿ کي “ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام “ جي 3 سالگره جي موقعي تي کوڙ ساريون دعائون ته شال سنڌي ٻولي جي واڌاري لئه جاکوڙيندا رهن ،
    سنڌ سلامت جي سالگره محترم بشير خان قريشي جي وڇوڙي سبب سادگي سان ملهائڻ جو فيصلو سٺو لڳو ، سنڌ جي ارڏي پٽ جي وڇڙڻ تي سڄي سنڌ سوڳوار آهي ، گهٽ ۾ گهٽ قومي ڪارڪنن ، سنڌ ۽ سنڌيت سان چاھ رکندڙ دوستن لئه لازمي آهي ته سوڳ وارن ڏينهن ۾ ڪنهن به خوشي ملهائڻ بجاءِ سادگي اختيار ڪئي وڃي ، ان ڪري اڄ سنڌ سلامت سٿ کي يتيمي واري احساس سان گڏ مقرر تاريخ جي مجبوري تحت سالگره مبارڪ.
     
  6. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: سنڌ سلامت سٿ کي سالگره مبارڪ

    سنڌ سلامت جي ٽين سالگرهه جي موقعي تي سنڌ سلامت جي انتظاميه سان گڏ سڀني ميمبرن، پڙهندڙ دوستن ۽ سمورن سنڌين کي واڌايون پيش ڪجن ٿيون
     
  7. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: سنڌ سلامت جي ٽين سالگرهه تي سنڌ سلامت جي سمورن ساٿين کي واڌايون

    سنڌ سلامت جي ٽين سالگرهه جي موقعي تي سنڌ سلامت جي انتظاميه سان گڏ سڀني ميمبرن، پڙهندڙ دوستن ۽ سمورن سنڌين کي واڌايون پيش ڪجن ٿيون
    سندائين گڏ
     
  8. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سلامت جي ٽين سالگرهه تي سنڌ سلامت جي سمورن ساٿين کي واڌايون

    ساري دنيا ۾ وسندڙ ڪروڙين سنڌي سٻاجهڙن کي دنيا جي پهرين سنڌي فورم سنڌ سلامت جي ٽين سالگرھ جون لک لک واڌايون.
    جيئي منهنجي سنڌ، مان ته گهوريان پنهنجي جند پنهنجي اباڻي وطن تان..
     
  9. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    سالگراهه جون واڌايون

    [​IMG][/IMG]
    سڄي سنگت کي سالگراهه جون واڌايون هجن، شل هي ساٿ سدائين سلامت هجي )آمين(
     
  10. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    جواب: سنڌ سلامت جي ٽين سالگرهه تي سنڌ سلامت جي سمورن ساٿين کي واڌايون

    شال مولا هن فورم کي وڌائيندو رهي۔ (آمين)
     
  11. نرمل

    نرمل
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2010
    تحريرون:
    131
    ورتل پسنديدگيون:
    73
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ادب سان دلچسپي ۽ وڪالت
    ماڳ:
    شاهه لطيف چوڪ ڪوٽڙي
    جواب: سنڌ سلامت جي ٽين سالگرهه تي سنڌ سلامت جي سمورن ساٿين کي واڌايون

    سنڌ سلامت جي سڀني سنگتين کي ٽن سالن جي سفر جي ڪاميابين جون واڌايون

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  12. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    مبارڪون سنڌ سلامت کي

    ادا سليمان صاحب توهان جا ٿورا جوسنڌسلامت جهڙي سائيٽ کولي سنڌ تي ٿورا ڪري ڇڏيوِ هي توهان جي خدمت هميشه ياد رکي ويندي

    ادا رشيد ڀاء کي به جس هجي ڪروڙين مبارڪون هجن هن جذبي ۽ ڏاهپ تي
     
  13. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: سنڌ سلامت جي ٽين سالگرهه تي سنڌ سلامت جي سمورن ساٿين کي واڌايون

    سنڌ سلامت جي ٽين سالگره تي تمام سنڌ سلامت جي ميمبرن کي دلي مبارڪ باد پيش ڪجي ، جس لهڻ اهي دوست جنهن هي منڊل مچايو ء سنڌي دوستن کي بهترين پليٽفارم ٺاهي ڏنو جتي اچي ڪري پنهنجائپ محسوس ٿئي ٿي، انهن دوستن کي به جس هجي جيڪي هن محفل ۾ پنهنجو مچايون ويٺا آهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    تمام دوستن کي سنڌ سلامت جي سالگره مبارڪ هجي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ دعا آهي ته سنڌ سلامت هميشه سلامت هجي
     
  14. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌ سلامت جي ٽين سالگرهه تي سنڌ سلامت جي سمورن ساٿين کي واڌايون

    [JUSTIFY]لاکيڻي لطيف جو بيت ، مون سي ڏٺا ماءُ جنين ڏٺو پرينءَ کي جڏهن به پڙهندو آهيان تڏهن سوچون مهراڻ جي ڇولين وانگر منهنجي اندر جي ڪناري تي شڙپ شڙپ ڪنديون اچي ٽڪرائينديون آهن، ته هُن اهي ڪهڙا محبتي ماڻهو ڏٺا جو لاکيڻي لطيف بي اختيار جيجل ماءُ کي پُڪاري انهن دل گهرين دوستن جي باري ۾ چيو ته هنن پرين مطلب منزل، پرين مطلب پنهنجي محور، پرين مطلب پنهنجي ماڳ، پرين مطلب پنهنجي سڄڻن، پرين مطلب پنهنجي پيارن، پرين مطلب ڪائنات جي هِن سري کان وٺي هُن سري تائين [/JUSTIFY]
    پنهنجي تپسيا، پنهنجي محنت، پنهنجي لڳن، پنهنجي عشق سنڌ جي گهوٽ ڀٽائي جي مصداق:

    پاڻهي ملندم هوت ڪجهه آئون به اڳڀري ٿيان،
    متان چويم خان بلوچ ڪميڻي مان ڪين ٿيو
    يا وري ،
    تتيءَ ڪوسِيءَ ڪاهه ڪانهي ويل ويهڻ جي
    متان ٿئي اونده پير نه لهين پرينءَ جو.!
    يا وري،
    ٿڪيائي ٿر ٿيلهه چڙهه چُڪيائِي چوٽيئنءَ
    هلندي هوت پنهون ڏي ڀئو مڙئي ڀيل،
    اٿي رائو ريل ويٺن تان واري وري....!!​


    [JUSTIFY]
    پريَنِ کي پسي ورتو، ۽ هو اهڙا ته مانائتا ، شانائتا، سُهڻا من مهڻا، پيارا، دل وارا آهن جن جي باري ۾ ڪا ڳالهه جي ڪري ته ڪري نٿو سگهي ڇو ته عظيم ماڻهو جيڪي پنهنجي محور کي پسڻ لاءِ هميشه سندرو ٻڌيو بيٺا هوندا آهن ، انهن جو هر قدم حق ۽ سچ لاءِ کڄندو آهي انهيءَ ساڳوڻي بيت مون سي ڏٺا ماءُ ، جنين ڏٺو پرينءَ جي حسين دل ڪش منظر جي تناضر ۾ مونکي هن محبتي اڱڻ جي انتهائي محنتي ساٿي، سائين نثاراحمد ابڙو سائين عبدالرشيد سمون، سائين عامر ضياءُ چارڻ ، سائين محمد سليمان وساڻ، سائين ابو واصف ، سائين رحيم بخش ڏاهري، سائين اسد حُسيني مست، سائين فقير وحيد ڦلپوٽو سائين علي ظفر علي علي ، سائين طاهر سنڌي ، سائين ممتاز علي وگهيو، سائين غلام مصطفى ميمڻ، سائين رسول بخش دائود پوٽه، سائين عرس پريو، ۽ کوڙ سارا سنڌ سلامت جا ساٿي انهي بيت جي هوبهو تصوير نظر آيا، هنن پنهنجو سک چين ڦٽائي، هنن هر گرمي سردي، ۾ جيجل امڙ سنڌ جو، سنڌي ٻوليءَ جو ۽ سنڌي ماڻهن جو سنڌ سلامت جي محبتي ايڪتا چين جهڙي اڱڻ تان هم قدم ٿي ، متحد ٿي، ڪڙو منجهه ڪڙي ٿي مان ۽ شان وڌائيندا نظر آيا، منهنجو سنڌ سلامت جي انهن عظيم ساٿين کي ٻنهي هٿن جو سلام آهي ، کين لکين شاباسون آهن . دوستو زندگي الائي ڪيتري آهي ، هلندي گهمندي ڪٿي به ماڻهو راهِ عدم جو راهي ٿي سگهي ٿو انهن جو نام نشان به ڪنهن کي ياد ڪونه رهندو آهي پر جيڪي ماڻهون تاريخ جو اڻ مٽ باب ٿِي پنهنجي ڌرتيءَ جي ماڻهن جو، پنهنجي ڌرتيءَ جو ۽ پنهنجي مٺڙي ٻوليءَ جو فخر سان ڳاٽ اونچو ڪندا آهن ، پنهنجي ديس جي سينڌ سائي رکندا آهن انهن کي تاريخ پنهنجي ورقن ۾ ارڏن پٽن جي لقب سان ياد رکندي آهي، هو هميشه ديس واسين جي دل جي ڌڙڪنن ۾ ڌڪ ڌڪ ٿي ڌڙڪندا آهن، ساٿيو اڄ سنڌ سلامت جو هي اڱڻ مٿين دوستن جي اڻٿڪ محنتن جي عيوض ساري دنيا جي سنڌي ماڻهن سان سائبر ميڊيا جي صورت ۾ سنڌ جي اديبن، سنڌ جي ڏات ڌڻين ، سنڌ جي سياسي اٿل پُٿل، سنڌ جي ماڳن مڪانن، سنڌ جي هر اشو کي ونڊيندو نظر ايندو آهي، اڄ اسان جو سنڌي ماڻهو ڀلي ست سمنڊ پار انهن علائقن ۾ رهندو هُجي جتي سنڌ جي اليڪٽرانڪ ميڊيا يا سنڌ جي پرنٽنگ ميڊيا جو حصول ناممڪن هُجي پر هُو سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تان سنڌ جا تازه ترين حال احوال هڪڙي آڱريءَ جي ٽچ تي معلوم ڪري سگهي ٿو اهو به اسان جي مٺڙي سنڌي ٻوليءَ ۾ ، سنڌ سلامت جا ساٿين سنڌ جي هن خوبصورت ماٿريءَ کي سنڌ وطن کي سنڌ سلامت جي ارڏن سپوت پٽن پنهنجي جاکوڙ ذريعي انٽرنيٽ تان ترقي يافته ملڪن جي سٿ ۾ باقائده آڻي بيهاريو آهي ۽ اسان جا جيڪي سنڌي ڀائر ۽ ڀينرون جيڪي پنهنجي رزق حلال جي ڪري پنهنجي سنڌ کان ڌار آهن پري آهن اهي به سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي وزٽ ڪري خوشي محسوس ڪري نازان آهن، اسان جي سنڌ ديس يا اسان جي ملڪ جو هر اهو سنڌي ماڻهو جنهن کي جڏهن به سنڌ سلامت جي خبر پوي ٿي سنڌ سلا مت جي وزٽ ڪري ان جو ميمبر ٿي پنهنجي پاڻ لاءِ اعزاز محسوس ڪري ٿو. اڄ سنڌ سلامت جي سالگره آهي، سنڌ سلامت جي سموري سٿ کي پنهنجي دل جي گهرائين سان واڌايون پيش ٿو ڪريان، ۽ دعا ٿو ڪريان ته الله سائين کين اڃان به وڌيڪ همت ڏي، جو سنڌ ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ نت نوان مضمون نت نوان فلسفا ، نت نوان حال احوال ، نت نوان منصوبا ساري دنيا جي سنڌين سان متعارف ڪرائي پنهنجو پاڻ ملهائيندا ، تاريخ ۾ پنهنجي جاڳرتا کي سهيڙي سنڌ سلامت ساٿ سلامت جي نعري کي عملي طور اجاگرڪندا۽ محبتن جي سفر کي دڳ دڳ جاري رکندا ۔ الله توهان جو حامي ۽ ناصر۔[/JUSTIFY]
     
  15. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    جواب: سنڌ سلامت جي ٽين سالگرهه تي سنڌ سلامت جي سمورن ساٿين کي واڌايون

    سنڌ سلامت جي ٽين سالگرهه جي موقعي تي سنڌ سلامت جي انتظاميه سان گڏ سڀني ميمبرن، پڙهندڙ دوستن ۽ سمورن سنڌين کي واڌايون پيش ڪجن ٿيون
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو