رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
بشير قريشيءَ جو وڇوڙو ۽ تبديل ٿيندڙ سنڌ
ڊاڪٽر ايوب شيخ
جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳواڻ بشير خان قريشي جي وفات ۽ ان کانپوءِ سندس پوسٽ مارٽم تي ٿيندڙ سياست ۽ سرڪاري نااهلي جهڙيون ڳالهيون نوٽ ڪندي مان ان نتيجي تي پهتو آهيان ته هاڻي ميڊيا جي طوفاني واءَ ڳالهه اتي پهچائي ڇڏي آهي ته جيڪڏهن سرڪاري اسپتال ڪهڙو به رزلٽ ڏيندي ته ان تي اعتبار نه ڪيو ويندو ۽ خانگي اسپتال کي هر حال ۾ رپورٽ لاءِ وقت گذرڻ کانپوءِ چوڻ جو فائدو ڪهڙو؟ اچو ته ان تڪرار کي ڇڏي بشير خان تي ڳالهايون.
جيئي سنڌ وارن جي لڏي ۾ پنهنجي طبيعت ۾ هاڻي هو عرفان مهدي جهڙو ٿي پيو هيو يا هن کي اها سڌ هئي ته هاڻي هن سان گڏ سندس نظريو ڪنهن به ”بي علمي“ سان جي نٿو سگهي، هاڻي کيس اها ڳالهه پنهنجي دل ۽ دماغ اندر يقين جي حد تائين سمجهه ۾ اچي وئي هئي ته ”رواداري“ وسيلي هو سنڌ جي سياست جو انتهائي ڏکيو ۽ پيچيدو پنڌ ڪري سگهندو ۽ ”وفاداري“ جي لاجواب ۽ لاثاني مظهر سان هو الاهي ماڻهن سان نظرياتي مخالفت جي باوجود پنهنجي مڃتا ماڻي سگهندو. ان ڪري هڪ نئون، محنتي ۽ روادار بشير خان قريشي پنهنجي ارتقائي ڏاڪن (Process) مان گذري رهيو هيو. هن جا ”منٿ ميڙ قافلا“ ۽ برادرين ۾ تڪرار نبيرڻ واسطي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سفر ڪندي، لاڳاپا وڌائيندي ۽ نوان نوان تجربا ۽ دوستيون ڪندي اڳتي وڌنڌي پنهنجي ترقي جي ان ڏاڪڻ تي چڙهندي اوچتو موت هن جي محنت سان ٽڪر ۾ اچي ويو، ۽ بشير خان قريشي جهڙو مڙس ڪيرائي وڌو. موت جڏهن وحشي بنجي يلغار ڪري ٿو ته ان جي آڏو ماڻهن جا احساس، وفائون، محنتون، محبتون ۽ جدوجهدون ڪجهه به ڪري نٿيون سگهن. هن جي بي وقتائتي موت تي سنڌين سميت ٻين ۾ جيڪو ڏک محسوس ڪيو ويو آهي، ان جو سبب سندس جواني ۾ ڪُمهلو موت، سندس زندگي جي آخري 23 مارچ تي ڪراچي واري زبردست مارچ ۽ سندس ڪارڪن هئڻ وارا جذبا آهن. انهن ۽ ٻين تجربن بشير قريشي جي عملي سوچ کي بدلائڻ شروع ڪيو هيو. هن جي بدليل سوچ جو اهم نشان 23 مارچ 2012ع تي ڪراچي جي تاريخي ريلي ۾ ظاهر ٿيو هيو، جنهن پنهنجي توري تڪي لکيل ان تقرير کي پڙهي 1940ع جي قرارداد کي الوداع چيو هيو. سندس سياست جي Mindset ۾ تبديلي هن جي تقرير مان بنا ڪنهن وڌاءَ جي ڪري سگهجي ٿي. اچو ته بدلجندڙ سنڌ جي باري ۾ ڪجهه بحث ڪريون:
سنڌ بدلجي رهي آهي:
اڄ سنڌ جا سياسي ڪارڪن ڀلي اهي جمهوري سياست ڪندڙ هجن يا قومپرستي واري، انهن کي پنهنجي چوڌاري ٿيندڙ سياست جي باري ۾ مشاهدا ڪرڻا پوندا. سڀ کان اول اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻي پوندي ته جيڪو به عوام جي وچ ۾ هوندو، عوام ان کي موٽ ڏيندو. عوام ڪهڙي ڳالهه ۽ رويا پسند ڪري ٿو ان جو جائزو وٺڻو پوندو. اوهان ڪڏهن ان ڳالهه تي غور ڪيو آهي ته پاڪستان ٺاهيندڙ مسلم ليگ ڇو ختم ٿي ۽ هندستان ۾ ڀارت ٺاهيندڙ ڪانگريس پارٽي ڇو زنده آهي؟ پارٽين ۽ تنظيمن کي انهن جا منشور ۽ پروگرام تيستائين جيئرو رکي سگهندا آهن، جيستائين اهي عوام جي آسودگي جي باري ۾ تبديل ٿيل حالتن پٽاندڙ پنهنجو نيون نيون حڪمت عمليون پيش ڪري انهن تي عمل ڪندا آهن. مسلم ليگ کي پاڪستان ٺهڻ وقت سنڌ ۽ هاڻوڪي بنگلاديش جي حمايت حاصل هئي. مسلم ليگ ته 1906ع ۾ ٺهي ئي بنگالين جي ڌرتي تي هئي. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ اُهي مذهبي جماعتون ۽ پنجاب جيڪي پاڪستان ٺهڻ جي حق ۾ نه هئا، تن پاڪستان جي مالڪي جي ٺيڪيداري شروع ڪري ان جي نالي ۾ ملڪ جي عوام سان ڪلور ڪيا، قومي حق غضب ڪيا ۽ سڀ ڪجهه ”ملڪي سلامتي“ ۽ ”مذهب جي پائيداري“ جي نالي ۾ ڪيو ويو. بنگالين ۾ جڏهن عوام جي اميدن تي پورو نه لهڻ جو احساس وڌيو ته بنگلاديش ۾ مسلم ليگ توڙي پاڪستان خلاف نفرتون پنهنجي منطقي انجام تي پهچي ويون ۽ هڪ ڏينهن مسلم ليگ ۽ پاڪستان پنهنجو اصلوڪو وجود برقرار رکي نه سگهيا. مسلم ليگ جي پيدا ڪيل Vacuum (خال) جي ڪري هڪ پاسي کاٻي ڌر جون پارٽيون سامهون آيون ته ٻئي پاسي مسلم ليگ جون متبادل طور مختلف پارٽيون وجود ۾ آيون. ان ڪري هاڻي سوال پيدا ٿيو آهي ته مشاهدي لاءِ عرصو ڪهڙو مقرر ڪجي؟ پاڪستان جي ٺهڻ 1947ع کان يا ان جي ٽُٽڻ واري سال 1970ع کان؟ پر، ڪجهه مشاهدين جو خيال آهي ته 1977ع ۾ جناب ذوالفقار علي ڀٽو جي سرڪار کانپوءِ ضياءَ ۽ مشرف جي اڳواڻي ۾ جيڪي ٻه وڏيون مارشلائون آيون آهن، اهي ۽ انهن معرفت نيون سياسي پارٽيون ۽ تنظيمون خلقجڻ کان مشاهدو شروع ڪجي. ڪجهه تبديليون هي آهن:
(الف) بلوچن ۽ رياست جي پاور پاليٽڪس وچ ۾ ڪشمڪش ۽ تڪرار پنهنجي عروج تي پهتل آهن. پختونن جي نمائنده پارٽي (افغانستان جي حالتن مان فائدو وٺندي) عالمي قوتن سان دوستي وڌائي پاڪستان جي اقتداري ٽڪنڊي ۾ قبوليت حاصل ڪري چُڪي آهي. پاڪستان جي اهم ترين فوج جي بناوٽ هن طرح آهي ته پاڪستاني فوج جو وڏو حصو پنجاب ۽ ننڍو حصو اردو ۽ پشتو ڳالهائيندڙن تي ٻڌل آهي. بلوچ جهيڙي ۾، ۽ سنڌي آسري ۾ آهن.
(ب) پاڪستاني پاور پاليٽڪس ۾ سنڌين جي نمائندگي پيپلزپارٽي جي هٿ ۾ رهي آهي ۽ سنڌين هميشه پ پ پ ۾ آسرا ۽ اميدون رکي رڳو ان ئي پارٽي کي ووٽ ڏنا آهن. عوام جي ان موٽ پ پ پ ۾ اهو خيال پيدا ڪيو آهي ته ”سنڌي ٻيو ڪنهن کي به ووٽ نه ڏيندا“ ٻي معنيٰ ۾ هو سمجهن ٿا ته ڪنهن به متبادل نه هجڻ ڪري هنن جون ڏهه ئي گيهه ۾ آهن. ان سلسلي ۾، پيپلزپارٽي جا حامي يا همدرد دليل طور رڳو ٻن وڏيرن يا وڏيرن نما اميدوارن ۾ ڀيٽ ڪندي اهو خطرناڪ سوال ڪن ٿا ته ”ادا ! فلاڻي کي ڇڏي ڀلا فلاڻي کي پنهنجي سر تي ويهاريون ڇا؟“
(ت) سنڌ ۾ مختلف هنڌن تي ووٽ بئنڪ رکندڙ وڏيرن جهڙوڪ سردار علي گوهر خان مهر، سردار خان چانڊيو، الطاف حسين اُنڙ ۽ لياقت علي جتوئي سميت ٻين کي پ پ پ ۽ نواز ليگ پاران پنهنجي قالب ۾ آڻڻ جون ڪوششون ٿينديون رهيون آهن.
(ٿ) ايم ڪيو ايم پنهنجي جنم ساز جنرل ضيا سان 1984ع کان فوج ۽ رياست جي همنوا پاليسي سازن سان گڏ رهي آهي، سنڌي وري ان جي ابتڙ قومپرست پاور پاليٽڪس کان نفرت ڪري پاليسي سازي جي سموري عمل کان ٻاهر رهيا آهن. ان عمل جي ڪري ايم ڪيو هر محاذ تي ۽ سنڌي قومپرست ڪنهن به اقتداري محاذ تي موجود ناهن.
اها ڳالهه نوٽ ڪرڻ گهرجي ته مذهبي تنظيمن پاران 1977ع کان ڪشمير ۾ ڀارت مخالف ڪئمپن ۾ گذريل چاليهن سالن ۾ جهاد لاءِ موڪليل هزارين نوجوان تيار ٿيا آهن، اهي پڻ سياسي ميدان ۾ موجود آهن. ايم ڪيو ايم پنهنجي ميمبرن، همدردن ۽ رياستي حمايت سان موجود آهي. پيپلزپارٽي سنڌ ۾ چاليهن سالن جي سياسي جدوجهد، اقتداري ۽ مخالف ڌر جي تجربن، ليڊرشپ جي قرباني ۽ ڪارڪنن سان ٿيل جُٺين جو داستان سميت موجود آهي. سنڌ ۾ ڪيئي قومپرست گروپ موجود آهن، انهن قومپرستن ۾ خاص فرق هي آهي ته هڪڙا ”سنڌ کان ٻاهر“ سياست ڪرڻ کي ڏوهه ٿا سمجهن ۽ ٻيا وري ”سنڌ ۾ محدود“ ٿي سياست ڪرڻ کي غلط ٿا سمجهن. پنهنجي عمل ۾ ٻيئي هڪٻئي کان متضاد به آهن ته ابتڙن جو ميلاپ به آهن.
سنڌ جي اهڙي ماحول ۾ جتي سياست ڪرڻ لاءِ وڏو فصل موجود آهي، کوڙ فصل جوان ٿي رهيو آهي، اهڙي ماحول ۾ سنڌ جو مناسب تجزيو ڪرڻ ۽ سياسي توڙي سماجي رنگ ڏسڻ کانسواءِ ۽ اهڙو مشاهدو ڪرڻ کانسواءِ ڪير به ڪامياب ٿي نٿو سگهي. جيڪڏهن سنڌ ۾ ماحول اهو ئي رهيو ته ان سان جيڪي نتيجا سامهون ايندا، تن تي ڳالهائڻ جي ڪا به گهرج ناهي. ياد رکجو ! ڪئلي جيئري رهڻي آهي ۽ ڊائناسورس کي مرڻو آهي.
ayoubsindh@hotmail.com