گڏه جي جماعت

'مختلف موضوع' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏15 اپريل 2012۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]


    دوستو، اوهان پڪ سان سمجهندا هوند ا ته علي ظفر جي گڏهه ڪا جماعت ٺاهي هوندي يا وري پاڪستان جي ڪا اهڙي جماعت هوندي جنهن جو اڳواڻ ڪو گڏهه هوندو ... اوهان کي گهڻي سوچڻ جي ضرورت ناهي، آءُ ڳالهه ڪريانٿو ” عراق ڪردش گڏه پارٽيءَ“ جي.

    تازو هن پارٽيءَ لڳ ڀڳ 5 لک روپين جي لاڳت سان 5 فٽ ڊگهو ۽ 3 فوٽ ويڪرو گڏهه جو مجسمو ٺهرائي لڳرايو آهي جيڪو پتل جو ٺهيل آهي ... اهو ٽائي ڪوٽ پاتل گڏهه جو مجسمو Nali Street نالي گهٽيءَ سليمانيه شهر ۾ لڳايو ويو آهي، ۽ هي ڪردن جي مشهور شاعر جي نالي تي شهر آهي جنهن گڏهه تي مشهور نظم لکيو هو ۽ ڪردن لاءِ گڏه کي عظيم جانور ثابت ڪيو آهي.

    هي گڏهه پارٽي ڪردستان جي آزاديءَ لاءِ وڙهندڙ پارٽي آهي، جنهن عراق ۾ ڪردن جي الڳ شناخت لاءِ تمام گهڻي عرصي کان جدوجهد پئي ڪئي ۽ هاڻ کين دنيا پاران مڃتا ملي آهي، ڪردن پنهنجي شناخت کي قائم رکڻ لاءِ تمام وڏيون قربانيون ڏنيون ۽ ويڙهه جي ذريعي پنهنجي شناخت کي قائم رکيو آهي.
    پارٽيءَ جي جنرل سيڪريٽري عمر ڪلول چيو آهي ته هن گڏهه جي مجسمي سان ڪردن کي جانورن سان خاص ڪري گڏه سان بهتر سلوڪ ڪرڻ جو سبق ملندو.

    [​IMG]


    گڏهن، ڪردن جي جنگ آزاديءَ ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، هي اهو واحد جانور آهي جيڪو ڪردستان جي جبلن ۾ ڪرد ويڙهاڪن سان گڏ هلندو رهيو ۽ انهن جا هٿيار، کاڌو ۽ ٻيو ضروري سامان ڍوئيندو رهيو هو.

    هڪ ريڊيو اسٽيشن قائم ڪئي وئي آهي جنهن جو نالو رکيو ويو آهي، “Zarin”, جنهنجي معني آهي ” گڏهه جي هينگ“ پارٽيءَ جي ننڍن وڏن عهدن تي پڻ گڏه جي تتبع جا نالا رکيا وڃن ٿا، جيئن گڏهه، ننڍو گڌه ۽ وڏو گڏهه وغيره.

    دوستو! هيءَ پٽاڙ حيرانڪن ضرور آهي ، پر آءُ سلام ڪريانٿو انهن قومن کي جيڪي پنهنجي آزاديءَ ۾ قرباني ڏيندڙ انسان ته انسان پر جانورن جو به ايترو وڏو احترام ڪنٿا، انهن ئي قومن کي زنده رهڻ جو حق هوندو آهي جيڪي پنهنجي قومي اثاثن کي محفوظ ڪندا آهن انهن جي واکاڻ ڪري انهن جو قدر ڪندا آهن ....

    اچو ته پاڻ کي هڪ سنڌي قوم جي حيثيت سان سڃاڻڻ شروع ڪريون ۽ پنهنجن دودن جوڌن ۽ اثاثن جو قدر ڪريون ...

    الله ڏاهي مَ ٿيان ، ڏاهيون ڏک ڏسن.
     
  2. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: گڏه جي جماعت

    سائين بلڪل اسان کي پنهنج ي قوم جي حيثيت سان دنيا اڳيان پنهنجي وجود کي ظاهر ڪرڻ گهرجي ۔
    وسلام
     
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: گڏه جي جماعت

    ڪانون ۽ چٻرن کي مان ڏيندڙ قومون ته ٻڌيون پر گڏهه کي ايترو مان ڏيڻ واري پهرين قوم ٻڌيسين۔۔۔
    سندن پنهنجي ملڪ کي آزاد ڪرائڻ واري جستجو پنهنجي جاءِ تي ڪهڙي به اهميت رکي پر مون کي افسو لڳندو جو جي اهو ملڪ آزاد ٿي ويو ته شايد اتي ڪو سنڌي نه وڃي سگهي۔۔ جو اسان سنڌين وٽ گڏهه جو مرتبو صرف وتايي فقير وٽ ئي هيو جيڪو هاڻي مرحوم آهي۔۔۔
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: گڏه جي جماعت

    لڳي ٿو علي علي به ان پارٽي جو ميمبر آهي، تڏهن ته گڏهن جو ايڏو خيال اٿس ۔۔۔۔۔۔۔

    خير بلڪل نئين ۽ عجيب ڳالهه لڳي ۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: گڏه جي جماعت

    هونءَ ته گڏهه اهڙو لاڀائتو جانور آهي جيڪو معاشري ۾ انسان لاءِ انتهائي مددگار رهندو آيو آهي. پر سنڌي معاشري ۾ اهڙي لاڀائتي ۽ ڪمائو جانور تي ڪئين قسمن جا ڀوڳ ۽ چرچا عام جام جڙيل آهن. اهوئي سبب آهي جو علامه آءِ آءِ قاضي جهڙو ناميارو فلاسافر پڻ گڏهه جي حق ۾ ائين چوڻ تي مجبور ٿي پيو، جنهن ۾ چيائين ته ”اسان وٽ ماڻهو چير ڦاڙ ڪندڙ جانور شينهن چوڻ تي ته خوش ٿين ٿا پر گڏهه جهڙي ڳوڀ لاڀائتي جانور جو نالو چوڻ تي گار سمجهي ڪاوڙجي پون ٿا.“ اهوئي سبب آهي جو سنڌ ۾ گڏهه سان اهڙو ورتاءُ هئڻ ڪري نامياري محقق ۽ تعليم دان ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پڻ گڏهه جي حمايت ۾ هڪ ڪتابچو لکي ورتو.جيتوڻيڪ آمريڪا ۾ سياسي پارٽي پنهنجي انتخابي نشان طور گڏهه جي چونڊ ڪندي هجي پر اسان وٽ گڏهه جي اهميت ۾ ڪوبه واڌارو ٿيندي نه ڏٺو ويو آهي. بهرحال هن طبقاتي معاشري ۾ هن غريباڻي جانور تي ٺٺول وارو ورتاءُ ٿيڻ به ڄڻ ڪو فطري آهي
    گڏهه جي خبر ڏيو!- نواز ڪنڀر​

    دنيا جي مهذب ۽ امير ملڪن ۾ غربت ماپڻ جا ڀلي کڻي ڪهڙا به ماڻ ۽ ماپا هجن، پر گهٽ ۾ گهٽ سنڌ ۾ غربت جو هڪ سنئون سڌو اهڃاڻ “گڏهه” به آهي. جنهن گهر اڳيان گڏهه ٻڌل هجي، پڪ سمجهو اهو گهراڻو غربت جي لڪير تي گذارو ڪري رهيو آهي. انڪم ٽيڪس جا گوشوارا ڀرڻ وارو همراهه هجي يا ڪو “چور ڀائو”، گڏهه واري گهر کان ائين وئون ويندو آهي، جيئن ووٽ وٺڻ بعد اميدوار ووٽرن جي گهرن کان! جيئن سائيڪل، موٽر سائيڪل، ڪوري، ٽوڊي ۽ پيجارو وغيره ڪنهن گهر اڳيان بيٺل ڏسي، ان گهر جي مالي پوزيشن جو اندازو ڪبو آهي، اهڙي طرح جنهن گهر اڳيان گڏهه ٻڌل هجي ته سمجهي وڃجي ته ڪل خير آهي. انهن ڳالهين کي ڏسندي گڏهه کي غربت جو انڊيڪيٽر چئي سگهجي ٿو. ٻين لفظن ۾ ڪنهن جي مالي پوزيشن جو اندازو ڪرڻ لاءِ گڏهه به نيچرل ڪميونيڪيشن يا ٽريڊيشنل ڪميونيڪيشن جو تمام اهم ۽ ڪارائتو ذريعو آهي.اڳي گڏهه چند ذاتين ۽ فردن وٽ هوندا هئا، پر هاڻ غربت وڌڻ سبب گڏهه وارين ذاتين ۽ گهرن ۾ خاطرخواهه اضافو ٿي رهيو آهي. جي ڪا غير جانبدارانه ڪميشن ويهاري فيصلو ڪرايو وڃي ته گڏهه ئي سڀ کان وڌيڪ محنت ۽ ڪم ڪري ٿو ته مار به سڀ کان وڌيڪ گڏهه ئي کائي ٿو، پوءِ اهو گڏهه پتڻ جو هجي يا پنڌ جو، سپر هاءِ وي جو هجي يا ڪنهن مارڪيٽ جو، مار برداشت ڪرڻ گڏهه جي مقدر ۾ ايئن لکيل آهي، جيئن عام خلق جي نصيب ۾ ٽيڪسن جو بار برداشت ڪرڻ! پنجابي چوڻي مطابق ته، “ڀلي سڄو ڳوٺ مري وڃي، پر ڇورا تون چوڌري ڪو نه ٿيندين”، ايئن انسانن جو گڏهه کان تعصباڻو رويو ڏسي لڳي ٿو ته نم کي صوبائي وڻ قرار ڏيڻ بعد جي قومي يا صوبائي جانور مقرر ڪرڻ جو وارو آيو ته ان لسٽ ۾ گڏهه کي مشڪل سان ئي شامل ڪيو وڃي. جيئن “ووٽر” جو “اميدوار” ۽ ميمبر ٿيڻ مشڪل آهي، تيئن شايد گڏهه جو به صوبائي يا قومي جانور ٿيڻ مشڪل آهي.هونئن ته صدين کان گڏهه سان ڪيتريون ئي روايتي ۽ غير روايتي زيادتيون ۽ نا انصافيون ٿينديون رهنديون آهن، (جي ڪڏهن ٿو انصاف جو بول بالا ٿئي ۽ گڏهن کي ٿو وارو ملي ته گهڻن کي خبر پئجي ويندي.) پر تازو گڏهن سان جيڪا زيادتي ٿيندي محسوس ٿي آهي، سا آهي صحافي برادري پاران ٿيندڙ زيادتي. آبادي، گاڏيون، ايڪسيڊنٽ، صحافي، اخبارون، فون ۽ فيڪس وڌڻ ڪري هاڻ هر خبر رپورٽ ٿي رهي آهي، پر خبرن جي انهيءَ گهڻائي ۾ به گڏهه مار کايو وڃن. صحافي ڀائر، جيڪي پاڻ به تمام گهڻي محنت ۽ ڪم ڪن ٿا يا جن کان ڊيسڪ وارا “صاحب” تمام گهڻو جائز ناجائز ڪم وٺن ٿا، اهي اڪثر گڏهه جو نالو ۽ تفصيلي خبر مان گول ڪريو ڇڏين. توهان شايد ئي ڪنهن ايڪسيڊنٽ واري خبر جي تفصيل ۾ “گڏهه سان ڇا وهيو واپريو” بابت پڙهيو هجي. خبر هوندي ته تيز رفتار ٽرڪ، ڪار يا جيپ وغيره جو گڏهه گاڏي سان ٽڪر، هڪ مئو ٻه ڦٽيا، ٽن جي حالت نازڪ، اسپتال منتقل، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. حالانڪ اها خبر ڏيڻ ايتري لازمي ڪانهي ته لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. جيڪو ماڻهو چڱو ڀلو گهران نڪتو هجي ۽ اوچتو ان جو لاش گهر پهچي ته ڪهرام نه مچندو، ته ڇا دهل ۽ شرنايون وڄنديون؟! ان ايڪسيڊنٽ ۾ گڏهه تي ڇا گذري؟ گڏهه مئو يا بچيو؟ ڦٽيو، رهڙ آيس يا ٽنگ ڀڳس؟ اهڙي ڪابه خبر صحافي دوست ڪڏهن ڪونه ڏين. جنهن وٽ ڪمائي جو ذريعو هجي ئي گڏهه ۽ اهو به مري وڃي، ان جي ته هڙ ئي وئي، پر صحافين کي ڇا! انهن لاءِ ڪار ۽ پيجارو ۾ ڊينٽ پوڻ،گاڏي جو ڊرائيور زخمي ٿيڻ يا مرڻ ته معنيٰ رکي ٿو، پر ايڪسيڊنٽ ۾ يا هونئن ئي بيماري ۾ صحيح علاج نه ٿيڻ ڪري گڏهه جو مري وڃڻ ڪا به معنيٰ نٿو رکي. انهن لاءِ گڏهه خبر لائق ئي نه هوندو آهي. حالانڪه ڪافي اهڙن ماڻهن جون به اهي دوست اڪثر خبرون ڏيندا رهندا آهن، جن سڄي زندگي گڏهه جي هڪ هفتي جيترو به ڪم ڪونه ڪيو هوندو آهي. ڪم جي حساب سان ان جي حيثيت گڏهه کان گهڻو گهٽ هوندي آهي، پر پوءِ به خبر ناهي ڇو اهڙا نام نهاد وڏا ماڻهو ته اخبار ۾ جاءِ والارڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهن، پر گڏهه ويچارو رهجيو وڃي. انهن صحافين جي لاءِ گڏهه جي چوري به ڪا خبر ناهي هوندي. سندن يا انهن جي دل گهرين جي موٽر سائيڪل جي چوري تي ته هي واويلا ڪندا آهن، پر مجال آهي جو گڏهه جي ڦرجڻ يا گم ٿيڻ جي ڪڏهن ڪا خبر ڏين. ايڊيٽر ۽ ڊيسڪ وارا به يا ته گڏهه جي اهميت کان بي خبر آهن يا انهن جو واسطو ۽ ڪم گڏهه سان نه پيو آهي. انهن جو ڪم ٻئي پاسي کان يا صحافين کان ٿيو وڃي، ان ڪري اهي گڏهه جي اهميت کان بي خبر، گڏهه جي خبر کي ڪا اهميت نٿا ڏين، نه ئي صحافين کان پڇا ٿا ڪن ته ايڪسيڊنٽ ۾ گڏهه جو ڇا ٿيو؟ٻيو نه ته ڀلا ايتري ئي خبر کڻي ڏجي ته ايڪسيڊنٽ ۾ فلاڻو ڊرائيور، فلاڻو مسافر، فلاڻو واٽهڙو ۽ فلاڻو گڏهه مارجي يا زخمي ٿي پيا، ڇو جوماڻهن وانگر گڏهن جا به ماڻهن جهڙا ئي نر مادي جي حساب سان نالا هوندا آهن، ان ڪري ڪڏهن ڪڏهن خبر نه پئجي سگهندي آهي ته ذڪرما ڻهوءَ جو ٿئي پيو يا ماڻهو جي نالي واري گڏهه جو. ۽ اڃان به جي اها خبر ڏجي ته گڏهه جي مرڻ جي خبر گهر پهچڻ تي گهر وارن يا اوڙي پاڙي وارن يا گڏهن ۽ جانورن سان پيار ڪندڙن تي ڇا گذري ته خبر مڪمل ٿي سگهي ٿي. صحافي خواتين و حضرات اها خبر ته مزا وٺي ڏيندا آهن ته اسپتال ۾ ڊاڪٽر يا دوائون اڻلڀ، مريض اسپتال جي در تي تڙپي تڙپي دم ڏنو، پر هو ڪڏهن به گڏهن جي علاج نه ٿيڻ يا انهن جي روڊ تي تڙپي تڙپي مرڻ جي خبر ناهن ڏيندا. حالانڪه ڪافي ماڻهن کي ڀلي علاج جون سڀ سهولتون ميسر هجن ۽ هو ڀلي کٽ تي يا بيڊ تي هجن پر مرندا پوءِ به تڙپي تڙپي ئي آهن. ساهه، شيءِ ئي اهڙي آهي.جي خبر نه اچڻ جا جتي ايڊيٽر، ڊيسڪ وارا ۽ صحافي ذميوار آهن، اتي صحافين جا تربيتي ورڪشاپ ۽ ٽريننگون ڪرائيندڙ مختلف ادارا توڙي صحافت پڙهائيندڙ ۽ ڪورس ٺاهيندڙ به اوترا ئي ذميوار آهن. انهن به شايد ئي ڪڏهن صحافين کي گڏهه، گڏهن جا ڪم ۽ خدمتون ٻڌائي گڏهه جي اهميت کان آگاهه ڪيو هجي. ان ڪري جي آئينده اهڙا ادارا پنهنجي ٽريننگس ۾ گڏهه جي اهميت اجاگر ڪرڻ جو بندوبست ڪندا ته ڪيترن ئي گڏهن جو ڀلو ٿي پوندو.ان ڪري صحافي دوستن کي گذارش آهي ته اڪثريتي عوام جي سچي ساٿي، همدرد ۽ هڏ ڏوکي کي به خبرن ۾ جاءِ ڏين. هن جي موت، زخمي ۽ علاج نه ٿيڻ کي به اهميت ڏين ۽ اهي خبرون به اخبار ۾ اماڻي گهٽ ۾ گهٽ پاڻ تان ته ميار لاهين. عوامي سواري وارو هي هر دل عزيز ۽ ڪيترن جو هي من پسند جانور به توهان جي توجهه، شفقت ۽ نظر ڪرم جو گهرجائو ۽ منتظر آهي. اميد ته توهان آئينده گاڏين وارن سان گڏ گڏهن جي خبر ڏئي، پنهنجي غير جانبداري جو ۽ گڏهه دوست ۽ جانور دوست هجڻ جو ثبوت ڏيندا، نه ته گڏهه ته هونئن به گڏهه آهي. گڏهه کي ته وڌيڪ ڪجهه ڪونه ٿيندو، ها ڏسو متان توهان جو ضمير توهان کي ڪڏهن ملامت ڪري يا اڌوري خبر ڏيڻ تي ڪو توهان کي ڪنهن سان تشبيهه نه ڏئي وٺي. ان ڪري بهتر آهي ته گڏهه جي خبرن کي به اهميت ڏيو ۽ خبر ۾ گڏهه جي مرڻ ۽ ڦٽجڻ جو تفصيل، گڏهه جي نالي ۽ فوٽو سان ڏيو. ڏسو ڪٿي سڀاڻي متان توهان پاڻ نه خبرن مان ائين نظر انداز ٿيو، جيئن اڄ توهان گڏهه کي نظرانداز ڪري رهيا آهيو.


    [​IMG]

    هڪ نظر توهان شينهن ۽ گڏهه جي ويڙهه تي به وجهو​

     
  6. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: گڏه جي جماعت

    سائين ڳالهه ته درست پيا ڪيو ۔۔۔۔۔۔۔۔ علي پڪ ان پارٽيء ۾ هوندو
     
  7. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: گڏه جي جماعت

    سائين ڪرد قوم عراق ۾ اهڙي بيوقوف قوم سجهي ويندي آهي بلڪي ڪنهن کي جي ڪو طعنو ڏيندو آهي يا بيوقوف يا نا سمجه چوڻو هجيس ته ان کي عربي چوندا آهين ته انت ڪردي؟؟؟ مطلب ڇا تون اصل گڏهه آهين جو ڪا ڳاله تو کي سمجه ۾ نٿي اچي ليڪن ان جي باوجود مون کي عربن کان وڌيڪ ترقي يافته ۽ مهذب لڳندا آهين جن جي آبادي گهٽ هئڻ باوجود به وزير اعظم جلال طالباني ڪرد آهي . اوهان بجا فرمايو ته اهي قومون ئي ترقي ڪنديون آهين جيڪي پهنجي محسن کي نه وسارين ۽ پهنجي محسن جو خيال رکن ڪاش اسا ن سنڌي به هڪ اهڙي رياست جا مالڪ هجون ها اسان وٽ ته دنيا جي هرشي موجود آهي سواء اتحاد ۽ .....
     
  8. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: گڏه جي جماعت


    ادا علي ظفر مون سمجهيو ته تون ان گڏهه تي به مالڪيءَ جا ثبوت پيش ڪندي پر ٺهيو ائين نه ٿيو.!!!!

    اهو سامراجي قومن جو پراڻو هٿيار آهي ته هو محڪوم قومن کي جاهل ۽ بيوقوف سمجهندا آهن، بلڪل جيئن پاڪستان جي ڪجهه بي عقل ڏاهن سنڌين لاءَ لفظ استعمال ڪيا هيا ته سنڌي“ گڏهن ۽ اٺن هڪلڻ واري ثقافت رکندڙ قوم آهي انکي تعليم سان ڪهڙي رغبت؟ يا وري پاڪستاني فوج جي هڪ ظالم جنرل اهو بيان به ڏنو هو ته اسانکي سنڌ جي ڌرتي کپي، ماڻهون نه کپن” صرف فوجي پريڊ ڪندا ته سنڌين کي مٽائي ڇڏيندا.“
     
  9. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: گڏه جي جماعت

    اسانجي سنڌ سلامت جي موڀي دوست ممتاز ته اصل ڪمال ڪري ڇڏيو، حسب معمول ۽ حسب عادت، گڏهه جي اهميت ۽ انجي مان ۾ هڪ تفصيلي مضمون لکي هن ليک جو شان وڌائي ڇڏيو آهي ۔۔۔ گڏه جي اهميت تي هي مضمون پڙهي هن معصوم ۽ مظلوم جانور سان پيار ٿيڻ لڳو آهي ۔۔۔

    ياد رهي ته اسانجي ڳوٺن مان هاڻ ڏاند نڪري ويا آهن انهن ڏاندن جي جاءِ هن محنتي، معصوم ۽ مضبوط جانور ورتي آهي ۔۔۔ پيغمبرن، فقيرن ۽ درويشن جي سواريءَ طور به استعمال ٿيندو رهيو آهي ۔۔۔ اسانجي ڳوٺن ۾ رابطي، ڀار ڍوئڻ ۽ گهرن ٺاهڻ ۾ اوڏن سان ساٿ نڀائيندڙ هي جانور اسانجو قومي جانور آهي، ۽ اسانکي سندس قدر آهي۔

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو