نثارابڙو
نائب منتظم

http://imageshack.us
دوستو، اوهان پڪ سان سمجهندا هوند ا ته علي ظفر جي گڏهه ڪا جماعت ٺاهي هوندي يا وري پاڪستان جي ڪا اهڙي جماعت هوندي جنهن جو اڳواڻ ڪو گڏهه هوندو ... اوهان کي گهڻي سوچڻ جي ضرورت ناهي، آءُ ڳالهه ڪريانٿو ” عراق ڪردش گڏه پارٽيءَ“ جي.
تازو هن پارٽيءَ لڳ ڀڳ 5 لک روپين جي لاڳت سان 5 فٽ ڊگهو ۽ 3 فوٽ ويڪرو گڏهه جو مجسمو ٺهرائي لڳرايو آهي جيڪو پتل جو ٺهيل آهي ... اهو ٽائي ڪوٽ پاتل گڏهه جو مجسمو Nali Street نالي گهٽيءَ سليمانيه شهر ۾ لڳايو ويو آهي، ۽ هي ڪردن جي مشهور شاعر جي نالي تي شهر آهي جنهن گڏهه تي مشهور نظم لکيو هو ۽ ڪردن لاءِ گڏه کي عظيم جانور ثابت ڪيو آهي.
هي گڏهه پارٽي ڪردستان جي آزاديءَ لاءِ وڙهندڙ پارٽي آهي، جنهن عراق ۾ ڪردن جي الڳ شناخت لاءِ تمام گهڻي عرصي کان جدوجهد پئي ڪئي ۽ هاڻ کين دنيا پاران مڃتا ملي آهي، ڪردن پنهنجي شناخت کي قائم رکڻ لاءِ تمام وڏيون قربانيون ڏنيون ۽ ويڙهه جي ذريعي پنهنجي شناخت کي قائم رکيو آهي.
پارٽيءَ جي جنرل سيڪريٽري عمر ڪلول چيو آهي ته هن گڏهه جي مجسمي سان ڪردن کي جانورن سان خاص ڪري گڏه سان بهتر سلوڪ ڪرڻ جو سبق ملندو.

http://imageshack.us
گڏهن، ڪردن جي جنگ آزاديءَ ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، هي اهو واحد جانور آهي جيڪو ڪردستان جي جبلن ۾ ڪرد ويڙهاڪن سان گڏ هلندو رهيو ۽ انهن جا هٿيار، کاڌو ۽ ٻيو ضروري سامان ڍوئيندو رهيو هو.
هڪ ريڊيو اسٽيشن قائم ڪئي وئي آهي جنهن جو نالو رکيو ويو آهي، “Zarin”, جنهنجي معني آهي ” گڏهه جي هينگ“ پارٽيءَ جي ننڍن وڏن عهدن تي پڻ گڏه جي تتبع جا نالا رکيا وڃن ٿا، جيئن گڏهه، ننڍو گڌه ۽ وڏو گڏهه وغيره.
دوستو! هيءَ پٽاڙ حيرانڪن ضرور آهي ، پر آءُ سلام ڪريانٿو انهن قومن کي جيڪي پنهنجي آزاديءَ ۾ قرباني ڏيندڙ انسان ته انسان پر جانورن جو به ايترو وڏو احترام ڪنٿا، انهن ئي قومن کي زنده رهڻ جو حق هوندو آهي جيڪي پنهنجي قومي اثاثن کي محفوظ ڪندا آهن انهن جي واکاڻ ڪري انهن جو قدر ڪندا آهن ....
اچو ته پاڻ کي هڪ سنڌي قوم جي حيثيت سان سڃاڻڻ شروع ڪريون ۽ پنهنجن دودن جوڌن ۽ اثاثن جو قدر ڪريون ...
الله ڏاهي مَ ٿيان ، ڏاهيون ڏک ڏسن.