سنڌ سلامت جي ٽي سالگره جي موقعي تي ڪجهه اهم اعلان۔۔۔

'فورم جا قانون، قاعدا ۽ ضروري اعلان' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏15 اپريل 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    عزيز دوستو اسلام عليڪم۔۔۔
    توهان سمورن سنڌي ٻولي سان چاهه رکندڙ دوستن کي سنڌ سلامت فورم جي ٽين سالگره مبارڪ۔۔۔ پنهنجي ابتدا کان ئي سنڌ سلامت رڳو سنڌ سلامت ساٿ جي ئي نه پر فيس بوڪ استعمال ڪندڙن جي به پسنديده سائيٽ رهي آهي۔۔ اڄ جيڪڏهن اسان سنڌي ڪمپيوٽنگ کي ڪنهن اعلى مقام تي هجڻ جي دعوى نه ٿا ڪيون پر ان باوجود ايترو ضرور چئبو ته سنڌ سلامت لانچ ٿيڻ کان پوءِ هاڻي انٽرنيٽ جي دنيا ۾ سنڌي اڻ لڀ نه رهي آهي۔۔ جيتوڻيڪ ڪجهه پراڻا رڪن پنهنجي مجبورين ڪري باقائدگي سان سنڌ سلامت تي نه پيا اچن ۽ نون رڪنن جي آمد جاري آهي۔۔۔ پر تنهن هوندي به اها اسان جي خوش نصيبي چئجي جو سنڌ سلامت کي ابتدا کان وٺي هر وقت ڪنهن نه ڪنهن باصلاحيت دوستن جو ساٿ ملندو رهيو آهي۔۔۔ ۽ مون کي يقين آهي ته جيسيتائين توهان جهڙا مخلص ۽ محبت ڪندڙ ساٿي ساٿ نڀائيندا رهندا هي سنڌيت جو سفر روان دوان رهندو۔۔۔
    هر سال وانگر هن سال به جڏهن سنڌ سلامت جي گذريل سال جي ڪارڪردگي بابت سوچيم ته ڪجهه ڪاميابيون نظر مان گذريون جنهن ۾گذريل سال سنڌ سلامت جو مشهوري ۾ اڳتي وڌڻ، ڪافي رڪنن جو اضافو ٿيڻ، موضوع ۽ تحريرن ۾ خاطر خواه اضافو، ۽ مختلف پروجيڪٽس جو لانچ ڪرڻ شامل آهن۔۔۔
    اهي ڪاميابيون پنهنجي جاءِ تي ڀليون ته آهن پر ان باوجود سنڌي ڪمپيوٽنگ ۾ ڪافي اهڙا پروجيڪٽ پورا نه ٿي سگهيا جن لاءِ قدم کنيا ويا هيا۔۔۔
    گذريل سال ئي اسان سنڌ سلامت فورم کي ويبليٽن 3 کان اڳتي وڌائيندي 4 تي آندو هيو۔۔ جنهن سان فورم جي خوبصورتي ۾ اضافو ضرور ٿيو هيو پر وي بليٽن طرفان تڪڙ ۾ متعارف ڪرايل هن اپڊيٽ فورم استعمال ڪندڙن وٽ ڪو سٺو تاثر پيدا نه ڪري سگهيو۔۔۔ هن نئين ورجن جي غلطين کي درست ڪرڻ بنا ئي لانچ ڪيو ويو هو جن کي بعد ۾ فڪس ڪرڻ پڻ آسان نه رهيو۔۔ ايتري تائين جو وي بليٽن 4 ورجن تي اچڻ کان پوءِ سنڌ سلامت جو ساڄي کان کاٻي طرف وارو فيچر پڻ ڪجهه برائوزرس ۾ صحيح ڪم نه ڪرڻ لڳو۔۔ ۽ انٽرنيٽ ايڪسپلورر جهڙي بنيادي برائوزر جنهن ۾ سنڌ سلامت جي 3 ورجن جي مڪمل سپورٽ پڻ شامل هئي ورجن 4 کي قبولڻ کان انڪار ڪيو۔۔ اهو ئي سبب هيو جو اڪثر رڪن رجسٽريشن جي عمل کان ئي مس گذري سگهيا يا وري ڪي ته رجسٽريشن ڪرائڻ ۾ ئي ڏکيائون محسوس ڪرڻ لڳا۔۔۔ اميد هئي ته وقت گذرڻ سان اهي خاميون هٽايون وينديون پر وي بليٽن طرفان اهڙا قدم سامهون نه اچڻ ڪري ائين نه ٿي سگهيو۔۔ مجبورن سنڌ سلامت کي وي بليٽن جي نون ورجن تي اپڊيٽ نه ڪرڻ جو فيصلو ڪرڻو پيو۔۔۔ ڇو ته ان سان ڪا بهتري جي اميد نه ٿي نظر آئي۔۔۔ اهو ئي سبب آهي جو فورم تي ڪي اضافي سهولتون پڻ وڌائي نه سگهيون ويون۔۔ جنهن کان پوءِ مون سموري سنڌ سلامت انتظاميه ٽيم سان مشورا ڪرڻ شروع ڪيا ته فورم کي ڪنهن نئين سافٽويئر تي آڻڻ جون ڪوششون ڪجن۔۔ يقينن اها ڪا وڏي ٽيڪنيڪل تبديلي ثابت ٿيندي۔۔۔ پر مان پر اميد آهيان ته ڪجهه ئي ڏينهن ۾ سٺي خبر ٻڌائي ويندي۔۔۔ بلڪه ڪوشش هوندي ته سنڌ سلامت کي ٻيهر نئين سري سان ترتيب ڏئي لانچ ڪيو وڃي ۽ سنڌ سلامت جي مختلف حصن کي نئين انداز ۾ پيش ڪجي۔۔۔ انشاء الله جلد ئي منصوبا بندي ڪندي توهان کي تفصيلن کان آگاهه ڪيو ويندو۔۔۔

    سنڌ سلامت جي اسڪرپٽ جا مسئلا پنهنجي جاءِ تي پر حيرت ان ڳالهه تي به ٿي ته ڪافي انتظاميه جا ساٿي پڻ پنهنجي مجبورين خاطر ساٿ ڇڏيندا رهيا۔۔۔۔ جنهن جو اهم سبب فورم تي سرگرمين جي گهٽتائي به ٿي سگهي ٿو۔۔۔ پر شابس هجي سائين نثار ابڙو ۽ ادا سليمان وساڻ کي جيڪي فورم جي رونق کي بحال ڪرڻ ۽ ماحول کي بهتر بنائڻ ۾ لڳا رهيا۔۔ هن وقت اهڙن دوستن جي ئي ڪري فورم جي رونق برقرار آهي۔۔۔

    دوستن کي ياد هوندو ته گذريل سال ئي اچانڪ سنڌ سلامت جو سرور مختلف هيڪرز جي حملي هيٺ رهيو ان دوران سنڌ سلامت فورم پڻ هيڪ ڪيو ويو۔۔۔ ڪجهه نقصان سان فورم کي ريسٽور ته ڪيو ويو پر آئندا جي احتياط خاطر فورم کي نئين سرور تي منتقل ڪيو ويو جنهن تي ايندڙ خرچ، مٿان پنهنجي روايتي ڪيلينڊر جي خرچ سان گڏو گڏ سنڌ سلامت جي ايندڙ پروجيڪٽس جو خرچ پڻ هن سال جو وڏو ٽارگٽ رهيو آهي۔۔ ان سلسلي ۾ هڪ دفعو وري ادا سليمان جي محنتن کي داد ڏيڻي پوندي جنهن اهڙا خرچ پوري ڪرڻ ۾ پنهنجي سهڪار جو يقين ڏياريو آهي۔۔۔

    سنڌ سلامت جي ٽين سالگره تي ڪو شاندار ميڙاڪو ڪوٺائي سنڌ سلامت کي وسيع پئماني تي تشهير ڪرڻ جو ارادو هيو جنهن لاءِ هڪ فارمل ميٽنگ پڻ حيدرآباد ۾ رکي وئي هئي جنهن بابت توهان اڳيان ڪجهه ڏينهن اڳ سائين نثار ناز پڻ ذڪر ڪيو هيو۔۔ پر محترم بشير قريشي جي المناڪ وفات جي واقعي کان پوءِ اهڙي پروگرام کي مؤخر ڪيو ويو ۽ گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ ئي موجود ڪجهه دوستن سان گڏجي صرف رهاڻ ئي رچائي وئي۔۔۔ جتي فورم لاءِ محنتون ڪندڙ دوستن کي ياد ڪندي ساراهيو ويو ۽ نون منصوبن ۽ پروجيڪٽس تي پڻ بحث ڪيو ويو۔۔۔ ان موقعي تي دوستن جي صلاح کان پوءِ سنڌ سلامت جاکوڙيندڙ دوستن کي مڃتا ڏيندي کين سنڌ سلامت ايوارڊ طور شيلڊس ڏيڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو۔۔۔ ان سلسلي ۾ هن سال چئن دوستن کي سندن بي انتها محنت ۽ سنڌ سلامت فورم سان بي انتها چاهه جي جواب ۾ شيلڊس ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۔۔۔

    پهرين شيلڊ
    سنڌ سلامت طرفان پنهنجي محنتي رڪن ۽ هر سال باقائدگي سان سنڌ سلامت ڪيلينڊر جي ڊيزائين تي رنگ چٽيندڙ پنهنجي دلبر دوست محترم اسدالله ڀٽو المعروف ابو واصف کي شيلڊ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۔۔۔ سنڌ سلامت فورم لاءِ سندس محنتون انتهائي شاندار ۽ ساراهه جوڳيون آهن۔۔
    ٻي شيلڊ
    سنڌ سلامت کي هر موقعي تي چاهي اهو مذهبي تهوار هجي يا قومي تهوار۔۔۔ خوشي جو اظهار هجي يا غم جو اظهار پنهنجي خداد صلاحيتن سان پوشاڪ ڏيندڙ اسان جو مهربان دوست ۽ سنڌ سلامت جو رڪن محترم عمران علي سومرو المعروف درويش سنڌ سلامت طرفان شيلڊ جو حقدار آهي۔۔۔ سندس فورم سان محبت ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿي جو سنڌ سلامت جي سالگره لاءِ پوشاڪ هن ڪالهه سالگره رهاڻ ۾ ئي تيار ڪري ورتي۔۔۔
    ٽين شيلڊ
    سنڌ سلامت تي سڀ کان وڌيڪ موضوع مواد طور موڪليندڙ محترم ممتاز مصطفى وگهيو سيلاني المعروف ممتاز وگهيو صاحب جن جي شاندار محنت جيڪا سنڌ سلامت جو قيمتي سرمايو آهي کي وسارڻ ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو۔۔۔ کيس سنڌ سلامت طرفان پنهنجي شاندار ساٿ نڀائڻ تي سنڌ سلامت شيلڊ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي۔۔۔
    چوٿين شيلڊ
    سنڌ سلامت کي سڀ کان وڌيڪ تحريرون مواد طور موڪليندڙ محترم طاهر سنڌي جن جيڪي انتظاميه ۾ شامل نه هجڻ باوجود هميشه اڳ کان اڳرا ۽ ڪنهن به پروجيڪٽ ۾ پاڻمرادو اڳتي وڌندي سهائتا ۽ سهڪار جي پيش ڪش ڪندڙ خوش مزاج شخصيت کي سنڌ سلامت شيلڊ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي۔۔۔

    سنڌ سلامت جي سالگره جي موقعي تي دوستن جي بار بار جي اسرار کي هڪ دفعو ٻيهر مان ڏيندي مذهبي سيڪشن کي هڪ دفعو ٻيهر پابندين کان آجو ڪندي کليل رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ته جيئن اسان جا ڪافي رڪن جيڪي پنهنجي اخلاقي ۽ معاشرتي درس ڏيندڙ تحريرن کي هن سيڪشن جي پابندين ڪري موڪلي نه سگهندا آهن ۔۔ پنهنجي خيالن کي ترت موڪلي ڀرپور موٽ حاصل ڪري سگهن۔۔۔

    سنڌ سلامت پنهنجي ٽين سالگره جي موقعي تي پنهنجي انهن رڪنن جي اسرار کي به نظرانداز نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جيڪي پنهنجي مادري زبان ۾ سنڌسلامت فورم کان متاثر ٿي پنهنجو وي بليٽن فورم کولڻ چاهين ٿا۔۔۔ سندن طرفان سنڌي ٻولي جي خدمت ڪرڻ جي انهيءَ جذبي کي مان ڏيندي سندن سان سهڪار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي۔۔۔ جنهن تحت وي بليٽن جي سنڌي ترجمي کي هر عام ۽ خاص لاءِ مفت ۾ رليز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي۔۔۔ ان سلسلي ۾ هڪ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته ڪنهن به اسڪرپٽ جو ترجمو قانونن ۽ اخلاقن ان سافٽويئر جي ملڪيت سمجهيو ويندو آهي ۔۔۔ ان ڪري ويبليٽن جو سنڌي ترجمو صرف وي بليٽن لائسينس رکندڙ رڪن کي ڏنو ويندو۔۔۔ ان سلسلي ۾ جلد ئي تفصيل پڌرا ڪيا ويندا۔۔۔

    منهنجي توهان سڀني دوستن کي دعوت آهي ته سنڌ سلامت جي ٽين سالگره جي موقعي کي دلچسپ ۽ پررونق بنائڻ لاءِ فورم جي جاري سلسلن ۾ ڀرپور شرڪت ڪريو ۽ ٿي سگهي ته پنهنجي طرفان به معلوماتي ۽ تفريحي سلسلا شروع ڪريو۔۔۔ اسان جي به ڪوشش جاري هوندي ته سنڌ سلامت فورم ۾ توهان جي دلچسپي لاءِ نين سهولتن جو اضافو ڪندا رهون ۽ سنڌ سلامت فورم کي بهتر بنائڻ ۽ ان جي علمي ۽ تحقيقي ڪمن کي يقيني بنائڻ لاءِ توهان جي مشورن تي عمل ڪندا رهون۔۔۔

    اميد ته پنهنجي قيمتي مشورن جي آگاهي ضرور ڏيندا۔۔۔
    والسلام
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌ سلامت جي ٽي سالگره جي موقعي تي ڪجهه اهم اعلان۔۔۔

    ادا اسلام عليڪم ،

    سنڌ سلامت فورم جي سالگره موقعي تي تمام بهترين فيصلا ڪيا ويا آهن

    جن دوستن کي سنڌ سلامت فورم طرفان شيلڊس مليون اهن کين فقير طرفان سلام ۽ محبت جو اظهار ،

    دوستن کي گذارش آهي ته اهڙي ئي نموني سان محنت ڪندا رهن ۔ زبردست

    باقي فورم کي نئي ٽيڪنالاجي تي موو ڪرائڻ ڪا سولي ڳالهه نه آهي پر اد ا رشيد جي محنت کي سلام جيڪو صرف سنڌ ۽ سنڌ سلامت لا۽ جاکوڙيندو ٿو ورتي

    نئي ورجن تي ٿئي سگهي ٿو ته ڪجه دوستن کي پريشاني جو منهن ڏسڻو پوي پر جلد ئي اهي دوست نئي ورجن کي سمجهي ويندا

    دوستن جي محنت کي سلام

    سدائين گڏ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ سلامت جي ٽي سالگره جي موقعي تي ڪجهه اهم اعلان۔۔۔

    سڀ کان پهريان ته اوهانکي خاص ۽ سنڌ سلامت جي باقي سڀني دوستن کي ڍير ساتريون واڌايون، سنڌ سلامت جا اڳواڻ يا رڪن سنڌ سلامت جو سرمايو آهن انڪري هن اثاثي جي وارثي ڪرڻ وارن سڀني سنڌي دوستن کي لک لک واڌايون ۽ سلام قبول پون۔

    سنڌ سلامت پنهنجي عمر جا 3 سال پورا ڪيا آهن ۽ پوءِ به سنڌ سلامت جو چوٻول ۽ اوطاقي رنگ اڳ کان اڳرو آهي، اها خوشيءَ جي ڳالهه آهي جڏهن ته ڪيترائي فورم قائم ٿيڻ جي ٿوري ئي عرصي ۾ پڄاڻيءَ تي پهچندا آهن۔ پر هن اوطاق جي سڀني دوستن جي همٿ ۽ مسلسل ساٿ اهو ثابت ڪيو آهي ته ۔۔۔ ارادو پختو هجي ته رستا پاڻ ئي سڌا ٿيندا آهن۔

    اوهان سنڌ سلامت لاءِ پرخلوص خدمتون ڏيندڙ دوستن کي سنڌ سلامت شيلڊز ڏيڻ جو تمام سٺو فيصلو ڪيو آهي، اميد ته آهستي آهستي سڀني سنڌ سلامت جي دوستن تائين اهڙيون تعريفي سندون پهچائڻ جو سوچيو ويندو ته جيئن هر هڪ رڪن کي ان جو ثمر ملي وڃي۔

    ٻي نمبر تي اهو به ڀلو ٿيندو جو اهڙا دوست جيڪي وي بليٽن تي پنهنجيون اوطاقون کولڻ گهرن ٿا ته انهن کي سنڌي ترجمو مهيا ڪيو وڃي ته جيئن وڌي واڙي لڳي ڀاڳ، سنڌي ٻولي انٽرنيٽ تي وڌ کان وڌ پهتي ٿئي۔

    سنڌ سلامت جو ڪم آهي ئي سنڌ ۽ سنڌيت ۽ سنڌ سلامت جو نعرو ۽ عمل آهي ئي صرف ۽ صرف سنڌ

    سنڌ سلامت سنڌ جي حلالي پٽن جي اوطاق آهي، انڪري ان مان اميدون به وڏيون ۽ گهڻيون آهن۔ اميد ڪريون ٿا ته سنڌ سلامت جا دوست پنهنجيون سموريون صلاحيتون سنڌ ۽ سنڌيت جي مان ۽ شان کي قائم رکڻ ۾ خرچ ڪندا رهندا ۔۔۔ اوهان هلندا رهو اسانجو پيار ۽ خلوص اوهان سان گڏ رهندو ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت جي ٽي سالگره جي موقعي تي ڪجهه اهم اعلان۔۔۔

    اسلام عليڪم منهنجا دوستو، سٍڄڻئو۔۔
    سنڌ سلامت جي سڀني دوستن کي ڍير سا ريون واڌايون ۽ جن دوستن کي شيلڊز ڏنيون ويون آهن انهن کي به واڌايون،، سائين اسان جي هي اوطاق هميشه قائم رهندي، جيسين نثار ابڙو صاحب ۽ سائين سليمان وساڻ جهڙا طالب تنواريندا رهندا ته هي اوطاق قائم رهندي،
    منهنجي هڪ صلاح اها آهي ته سنڌ سلامت تي هڪ اهڙو آپشن به هجي ته جنهن مهل ٻه يا ٽي رڪن هڪ ئي وقت آن لائن ٿيل آهن ته اهي پاڻ ۾ ڪچهري ڪري سگهن اهڙو آفشن مونکي نّظر نه آيو آهي، جيڪڏهن سنڌ سلامت جو ڪو به چيٽ آپشن موجود آهي ته رهنمائي ڪندا ته ڪهڙي ريت هڪ وقت حاضر دوستن سان ڪچهري ڪري سگهجي۔ جهڙي ريت فيس بڪ تي ڪري سگهبي آهي۔۔
    ۽ ٻيو اهو ته،، فيس بڪ جيان هتي به اهڙو هڪ آپشن هجي ته جڏهن ڪو به رڪن ڪنهن به تحرير جو جواب ڏي ٿو ته اهو سڌي ريت ان رڪن جي اڪائونٽ ۾ ڪنهن هنڌ ظاهرٿي رهيو هجي ته جئين ميمبر سمجهي وڃي ته مونکي ڪنهن جواب موڪليا آهن۔۔ ان سان ٿيندو اهو ته ميمبر کي پنهنجي تحرير جي مد ۾ مليل جواب آساني سان پڙهي سگهندو۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سنڌ سلامت جي ٽي سالگره جي موقعي تي ڪجهه اهم اعلان۔۔۔

    هوئن ته اهڙي ڪچهري يا انسٽنٽ ميسينجنگ لاءِ سنڌ سلامت تي فوٽر تي اڳ ئي هڪ ٽولبار موجود آهي جتي دوستن سان چيٽ ڪري سگهجي ٿي پر جيئن ته نيٽ تي ايندڙ اڪثر دوستن وٽ ٽائيم جي گهٽتائي هوندي آهي ان ڪري اهي چيٽ تي پنهنجو وقت ضايع ڪرڻ مناسب نه ٿا سمجهن ۔۔۔ اهو ئي سبب آهي جو چيٽ جي عمل کي اپڊيٽ نه ڪيو ويو آهي۔۔۔ پر جي دوستن جي خيال ۾ ان سان وقت ضايع نه ٿيندو ۽ هڪ ٻئي جي اخلاقي عزت برقرار رهندي ته نئين سافٽويئر تي منتقل ٿي فيس بوڪ وانگر چيٽ پڻ لڳائي سگهجي ٿي۔۔

    توهان جي هن بهترين صلاح تي جلد عمل ڪيو ويندو۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت جي ٽي سالگره جي موقعي تي ڪجهه اهم اعلان۔۔۔

    [JUSTIFY]سائين رشيد صاحب کي سنڌ سلامت جي سفر جي ٽين سالگرهه تي واڌايون پيش ڪجن ٿيون۔

    فورم کي هلائڻ ، ان کي اپڊيٽ ڪرڻ، مون سميت ڪيترن ئي دوستن جي فرمائشن جو پورائو ڪرڻ، انٽرنيٽ جي دنيا ۾ ٻين فورمن سان چٽا ڀيٽي ڪرڻ، فورم جر مالي مسئلن کي منهن ڏيڻ، فورم جي ٽيڪنيڪل مسئلن کي سمجهڻ ۽ انهن جو حل ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اهي ۽ ان جهڙا ڪيئي معاملا سلجهائڻ رشيد جهڙي قابل دوست جو ئي ڪم آهي۔

    سنڌ سلامت جن به دوستن شروع ڪئي انهن کي سلام، اسان ته هلندڙ قافلي ۾ اچي شامل ٿيا آهيون۔ هن ٽن سالن جي سفر ۾ سنڌ سلامت انٽرنيٽ جي دنيا ۾ هڪ سمبل طور اڀري نروار ٿي آهي۔ ڪيترن ئي شين کي بهتر ڪرڻ جي گنجائش پڻ آهي ۽ وقت سان گڏ تبديليون اچي رهيون آهن۔ ڪي دوست ساٿ ڇڏي ويا ته وري ڪي نوان دوست ساٿ ۾ شامل ٿيا آهن ۽ سنڌ سلامت جو هي ڪاروان هلندو رهي ٿو ان منزل طرف جنهن جو خواب دوستن ڏٺو هو۔

    مونکي خوشي آهي ته قابل ۽ اهل دوستن کي سنڌ سلامت مڃتا شيلڊ مليون آهن، کين واڌايون۔ هي اهي دوست آهن جيڪي بغير لالچ ۽ لوڀ جي ، سنڌ سلامت ۽ سنڌي ٻوليء جي بي لوث خدمت ڪري رهيا آهن۔ هن سال اوارڊ يا شيلد جو سلسلو شروع ڪيو آهي ۽ انشاء الله اڳتي هلي هن سلسلي کي وڌيڪ بهتر نموني هلائبو۔ ايندڙ سال فورم جي بهترين ميمبرن سان گڏ ڪجهه ٻين لاڳاپيل ميدان ۾ خدمتون پيش ڪندڙ سنڌ جي اهم شخصيتن کي به مڃتا شيلڊ پيش ڪبيون۔

    هڪ ڳالهه جنهن جو ذڪر ادا رشيد به ڪري چڪو آهي، اهو آهي ڪجهه انتظامي دوستن جو غير سرگرم هجڻ۔ اهي انتظامي رڪن ۽ دوست جيڪي صرف پنهنجي شروع ڪيل موضوعن تي ئي جواب موڪلين ٿا يا وري فيسبوڪ تي سرگرم هوندي به سنڌ سلامت تي ڀيرو نه ٿا ڀرين۔ جيڪڏهن انهن دوستن کي ڪي رنجشون آهن، ڪي سوال آهن، ڪي اختلاف آهن ته مهرباني ڪري اهي سنڌ سلامت تي ونڊ ڪيو، جيئن انهن جو ازالو ڪري سگهجي۔ باقي اهي دوست جيڪي واقعي ئي مجبور آهن انهن کي به گهٽ ۾ گهٽ هفتي اڌ ۾ ته ڀيرو ڀرڻ گهرجي۔ انتظامي دوستن جو فورم تي نه اچڻ ۽ نون دوستن جي حوصلا افزائي نه ڪرڻ سٺو سنئوڻ ناهي۔

    نون ۽ موجوده دوستن کي گذارش آهي ته فورم تي نوان خيال، نوان موضوع پيش ڪري اسان جي رهنمائي ڪندا رهو ۽ سنڌ سلامت جي معلوماتي خزاني ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو۔ سنڌ سلامت ڪنهن جي به ذاتي ملڪيت ناهي پر هي سڀني سنڌين جي گڏيل ملڪيت آهي۔

    مذهبي سيڪشن کي کليل رکيو آهي جيئن دوست اسلامي معلومات سان گڏ دين ۽ فلاح واريون ڳالهيون بغير ڪنهن انتظار جي ونڊ ڪندا رهن۔ اهو هڪ سٺو عمل آهي۔ دوستن کي به عرض ڪبو ته ڪوشش ڪري هن سيڪشن ۾ ڪنهن تڪراري موضوعن کي ونڊڻ کان پاسو ڪن جيئن ڪنهن جي به دل آزاري نه ٿئي۔[/JUSTIFY]

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سدا خوش هجو دوستو
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌ سلامت جي ٽي سالگره جي موقعي تي ڪجهه اهم اعلان۔۔۔

    سنڌ سلامت جي 3 سالگره جي موقعي ته سڀني دوستن کي مبارڪون خاص ڪري سائين عبدالرشيد جن کي جن پنهنجي محنت سان سنڌ سلامت کي جاري رکڻ جو عزم ڪيو آهي ۔

    ان ڳالهه جي به خوشي ٿي ته اسان جي مهربان دوستن کي شيلڊس مليون جن پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي سنڌ سلامت سان سهڪار ڪيو آهي ۽ ڪندا رهندا۔

    جن دوستن کي شيلڊون مليون آهن انهن دوستن کي هن عاجز طرفان مبارڪون۔ ۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت جي ٽي سالگره جي موقعي تي ڪجهه اهم اعلان۔۔۔

    لک ٿورا سائين جن جا جو منهنجي ڏنل ادنا صلاح تي عمل ٿي سگهندو۔۔سدائين گڏ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ سلامت جي ٽي سالگره جي موقعي تي ڪجهه اهم اعلان۔۔۔

    اسلام عليڪم

    سڀ کان اڳ آئون سائين عبدالرشيد صاحب ۽ هن سان گڏ سنڌ سلامت جي پوري ٽيم کي مبارڪ باد جو هديو پيش ڪريان ٿو ۽ انهن دوستن کي جنهنن کي سنڌ سلامت جي بي لوث خدمت عيوض شيلڊ انعام طور پيش ڪيو ويو پڻ مبارڪ باد ٿو پيش ڪريان ، الله تعالى کان دعا آهي ته سنڌ سلامت هميشه پنهنجي ڪاميابي جي سفر ڏانهن لڳاتار روان دوان رهي ۽ ڪاميابين سان همڪنار ٿيندي رهي ،

    محترم مانوارا عبدالرشيد صاحب اوهان جي مضمون مان اوهان جي جدوجهد ۽ محنت کي ڏسي حقيقت ۾ رشڪ ٿو اچي ته ايتري ٿورڙي عرصي ۾ ڪئين نه تڪليفون سٺي اوهان هن فورم ۽ فورم جي ڪواليٽي کي برقرار رکيو آهي ، اسان کي اهي ڏينهن به ياد آهن جڏهن اسان کي گل محمد چوهاڻ هن فورم کي جوائن ڪرڻ لاءِ زور ڀريو ۽ هن وقت اوهان کي جيڪي تڪليفون پيش اچي رهيون هيون هن جو ذڪر پڻ ادا گل محمد سان حال احوال ذريعي معلوم ٿينديون هيون جيڪر ٻيو ڪو هجي ها ته شايد فورم کي اڌ ۾ ئي بند ڪري ڪناروڪشي اختيار ڪري وٺي ها ، پر شابش هجي اوهان جي عزم ۽ مستقل مزاجي کي جو اوهان حوصلو نه هاريو ۽ نيٺ ڪاميابيون اوهان جي قدم ۾ اچي ڪريون ،

    مونکي يقين آهي ته انشاء الله عزيز اوهان جو اهو فورم ۾ ڏينهن و ڏينهن نکار ايندو رهندو ۽ سنڌي ٻولي جي احياء ۽ نئي ڄياپي لاءِ اوهان جون ڪوششون ضرور ياد رکيون وينديون ،

    شل ڪاميابيون ماڻيندا رهو ، ۽ خوشيون وکيرندا رهو ،

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  10. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سلامت جي ٽي سالگره جي موقعي تي ڪجهه اهم اعلان۔۔۔

    سنڌي ماڻهن جي انٽرنيٽ تي سڀ کان پهرين ۽ وڏي فورم (سنڌ سلامت) طرفان ايڏو مانُ ۽ عزت ڏيڻ لاءِ آءُ سنڌ سلامت جو ٿورائتو آهيان، يقينن مون ڪو به اهڙو وڏو ڪارنامو انجام نه ڏنو آهي ، جنهن جي مقابلي ۾ ايڏي وڏي عزت ملي آهي. اوهان سڀني دوستن جي مهرباني جن مون کي واڌايون ڏنيون، اکين تي، سنڌ سلامت شيلڊ ايوارڊ جي مقابلي ۾ منهنجون ڪوششون تمام ننڍڙيون آهين، لک ٿورا سنڌ سلامت جا، ادا عبد الرشيد سمون صاحب جن جا، سائين نثار ابڙو صاحب جن جا، ادا سليمان وساڻ صاحب (المعروف... نالو سوچيون ٿا) جن جا. دير سان جواب ڏيڻ لاءِ معذرت ٿو ڪريان، در اصل آءُ 5 ڏينهن کان سنڌ مادر علمي پنهنجي پياري سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ويل هوس جتي پاڪستان جي سڀ کان پهرين ۽ وڏي ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي هئي، جيڪا تصوف ۽ عالمي مذهبي رواداري جي عنوان تحت هئي جنهن ۾ ساري پاڪستان جي سڀني يونيورسٽين جي اسڪالر نمائندن شرڪت ڪئي، خوشنصيبيءَ سان مونکي به هي ڪانفرنس اٽينڊ ڪرڻ لاءِ باقاعده دعوت مليل هئي، جنهن جو ڪارڊ پڻ مون ڏانهن اماڻيو ويو هو، ان کان علاوه هن هيڏي وڏي 2 روزه ڪانفرنس جي سنڌ سلامت لاءِ رپورٽنگ به ڪرڻي هئي، اصل ته مون هي پروگرام رپورٽ ڪرڻ لاءِ سائين نثار ناز صاحب جن کي عرض ڪيو هو پر شايد هو مصروفيتن سبب ٻئي ڏينهن ڪانفرنس اٽينڊ نه ڪري سگهيا، مجبورن هي سارو ڪم مونکي ئي ڪرڻو پيو، جتي آءُ هر موومنٽ جون تصويرون پيو وٺان ته اتي ئي منهنجا قابل احترام استاد ۽ يونيورسٽي جا پروفيسر استاد يا استادياڻيون، شاگرد ۽ شاگردياڻيون طاهر سنڌيءَ جي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اهڙي سوشل نيٽ ورڪ جو حصو ڏسي ڏاڍا حيران به ٿيا ته يونيورسٽي جو هڪ اسڪالر پاڻ ٿو ڦوٽا ڪڍندو وتي ۽ رپورٽنگ پيو ڪري، اھتي کين منهنجي هن ڪورنگ تي ڏاڍي خوشيءَ جو پڻ اظهار به ڪيائون، ۽ خوشيءَ سان تصويرون به ڪڍڻ ڏنائون، جيڪي جلد سنڌ سلامت جي اڱڻ جي زينت بڻآئيندس ان شاءَ الله، ساري سنگت جا وري وري ٿورا.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت جي ٽي سالگره جي موقعي تي ڪجهه اهم اعلان۔۔۔

    سڀ کان پهريان ته سنڌ سلامت جي انتظاميا کي 3 سالن جي عظيم سنگ ميل تي کوڙ ساريون واڌايون پيش ڪندس
    نيٽ جي سهولت نه هئڻ ڪري ڪجهه ڏينهن کان پنهن جي محبوب اڱڻ کان پاسي رهيو آهيان۔
    ان لا تمام دوستن کان معذرت۔۔۔


    سنڌ سلامت جي انتظاميا جي هن بي لوث ۽ هميشه زنده رهندڙ ڪاوشن تي ڀيٽا پيش ڪرڻ لا لفظ ئي نه ٿا ملن، سنڌ سلامت جي 3 سالن دوران محترم رشيد سمون سميت انتظاميا جي ٻين ميمبرز کي ڪيترن ئي چئلينجز کي منهن ڏيڻو پيو۔۔۔ جنهن ۾ هيڪرز جو حملو هجي يا بينڊودٿ پورو ٿي وڃڻ جي، سرور اپڊيٽيشن هجي يا ايڇ ٽي ٽي پي ۽ ڊبليو ڊٻليو ڊبليو کانسوا سائيٽ نه کلڻ وارو مسئلو هجي۔ ۽ ٻيا ڪيترا ئي بيشمار مسئلا هجن جيڪي انتظاميا ڪنهن به رڪن جي نشاندهي ڪرڻ کان اڳ ئي حل ڪري ڇڏي ٿي۔ ۽ سڄي دنيا جي سنڌين لا محبت مون پهريون ڀيرو اڱڻ هر وقت اويل ايبل رکيو۔۔۔۔۔ تنهن تي انتظاميا کي لک آفرين هجي۔۔
    سنڌ سلامت هڪ اهڙو فورم آهي جنهن کي فورم گهٽ ۽ اڱڻ، اوطاق، درسگاهه طور وڌيڪ سڃاتو وڃي ٿو۔۔۔
    هن فورم تي جڏهن پهرئين ڏينهن پير پاتو هيو۔۔۔ ۽ دوستن جي آجيان جو انداز، حوصلي افزائي ۽ تعميري تنقيد ايترو ته متاثر ڪيو ته ڄڻ انٽرنيٽ تي رلندي ڀٽڪندي ڪا منزل ملي ويئي هجي۔۔۔ هتي جي دوستن جي ادب ڀري گفتگو ۽ آسان سنڌي ۾ سمجهاڻيون، کل ڀوڳ ۽ علم و ادب جهڙي زخيري مان فيض ماڻيندي پنهنجي ڪم کان آجو هر وقت سنڌ سلامت کي ارپي ڇڏڻ لا مجبور ٿي ويس۔۔۔۔
    دوستن پاران سٺي ڳالهه تي حوصلا افزائي ۽ ساراهه سان ڀرپور ڪمينٽس، ۽ ڪنهن غلطي تي سمجهاڻي، رهنمائي تنقيد برا اصلاح جهڙو ماحول ڏسڻ بعد دل هن فورم کي پنهنجي عادت بڻائي ڇڏيو ته درويش سنڌ سلامت کي پنهنجو محبوب فورم سمجهڻ لڳو۔
    دعا آهي ته انشا الله هي محبت ڀريو اڱڻ سدا آباد رهي ۽ دوستن وچ ۾ محبت ۽ ڀائيچارو برقرار رهي۔
    گڏو گڏ انتظاميا کي به الله تعالي سندس بي لوث محنت ۽ نيڪ نيتي جو اجر عطا فرمائي ۽ کين هر پريشاني کي نجات ڏئي۔۔۔ آمين۔۔

    دعا ۾ ياد
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: سنڌ سلامت جي ٽي سالگره جي موقعي تي ڪجهه اهم اعلان۔۔۔

    ادا رشيد سمون۔محترم نثار ابڙو۔سائين نثار ناز،عزت ماب ڦلپوٽو فقير،هر دلعزيز علي علي۔پيارو ضياء چارڻ،درويش نفس ابو واصف ۽ هر محفل جو مور سليمان وساڻ صاحب تمام گهڻين تعريفن جي قابل آهن ،جن پنهنجي اڻٿڪ محنتن سان هن اڳڻ ۾ محبت جو مچ ٻاري هر باشعور سنڌي کي ان مان فيضياب ٿيڻ جو موقعو ڏنو آهي۔اسان جي جڏهن به ڪنهن دوست يا مهربان سان سنڌ سلامت جي باري ۾ ڳاله ٻوله ٿيندي آهي ۽ هو هن محبتي اڳڻ تي پير ڀريندا آهن ته حيران ٿي چوندا آهن ته هن نفسانفسي جي دور ۾ هن فورم جا ميمبر پنهنجي ڏئين جو تيل دير رات تائين ساڙي ايڏا ته معلوماتي ،مفيد ۽ رهنما ليک لکيا آهن،جنهن جو مثال ڪنهن ٻئي ويب سائيٽ تان نه ٿو ملي۔بغير ڪنهن مالي فائدي جي ايڏي معلومات هر موضوع تي ونڍ ڪرڻ سچ مچ ته صدقه جاريه آهي۔جڏهن هنن کي ٻڌايو ويندو آهي ته هن اڳڻ تي ڪابه غير اخلاقي ليک نه موڪليو ويندو آهي ۽ نه ئي وري پيسٽ ڪيو ويندو آهي،جڏهن ته هن اڳڻ جي ميمبرن جو تعداد 2000 کان مٿي آهي ۽ سٺو نمبر عورتن(ادڙين) جو به آهي ،ته هو وڌيڪ حيرت ۾ پئجي ويندا آهن۔ڇاڪاڻ ته اڄڪله جيستائين ڪا غير اخلاقي حرڪت ويب سائيٽ تي نه ٿي ڪئي وڃي۔ڪو به ماڻهون ان ويب سائيٽ کي ڏسڻ لاء تيار نه هوندو آهي۔اسان جو انهن کي هميشه اهو جواب هوندو آهي ته هن فورم جو هر ميمبر چاهي اهو شاگرد آهي،بالغ مرد ۽ عورت آهي،وڏي عمر وارو آهي محبت ۽ هڪ ٻئي جي عزت جي لڙي ۾ ايئن جڪڙيل آهي جو هو پنهنجي پاڻ کي هن گهر جو ميزبان سمجهي ان جي حفاطت تن ۽ من سان ڪري ٿو۔هر ميمبر جي دل سان اهئا ڪوشش هوندي آهي ته هن محبتي اڳڻ جي زينت ۾ اضعافو ڪيان،ان لاء هو معلومات جي سمنڊ ۾ گهرو غوطو لڳائي انمول موتي چونڊي اچي هن فورم جي ڪينئوس تي انڊلٺ جي رنگ سان رنگي چٽيندو آهي ته جيئن هن مان ٻيا ميمبر ۽ ڀيرو ڀريندڙ مهمان مستفيد ٿي سگهن۔
    ادا رشيد سمون جيڪو هن فورم جو باني آهي ۽ ٻين هن فورم جي ڪرتا ڌرتا کي تمام گهڻيون شاباشون هجن جو ميمبرن جي محنتن کي مد نظر رکندي پهريون دفعو چئن محترمن کي انهن جي خدمتن جي عيوض شليڊ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي۔اهو هڪ تمام سٺو عمل آهي۔ان سان ميمبرن ۾ چٽا ڀيٽي جو رجهان وڌندو ۽ تمام سٺا ليک پڙهڻ لاء ملندا۔
    اسان دل جي گهرائين سان انهن چئني محترم ميمبرن کي وڌايون ٿا ڏيون ۽ اميد ٿا ڪيون ته ان شليڊ حاصل ڪرڻ کانپوء هڪ دفعو وري پنهنجي محنتن سان هن فورم کي سينگاريندا ۽ هن کي وساري نه ڇڏيندا،ڇاڪاڻ ته هنن جي منزل شليڊ نه پر سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جي خدمت ڪرڻ آهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو