[JUSTIFY]فطرت جي سونهن ڏسڻ وٽان هوندي آهي۔ حسين نظارن مان هڪ نظارو آهي سئزرلينڊ جي شهر جنيوا ۾ ملندڙ ٻه نديون۔ جن جي پاڻيء جو رنگ مختلف آهي۔ کاٻي کان روني دريا آهي جيڪو ليمن ڍنڍ مان نڪري ٿو، جڏهن ته ساڄي کان اروِ دريا آهي، جيڪو مختلف آبشارن جي پاڻيء سان ٺهندو هڪ زميني علائقي مان لٽ ۽ سلٽ کڻي اڳتي وڌي ٿو۔ [/JUSTIFY]
جواب: ٻن ندين جو ميلاپ تمام سهڻي ونڊ ڪئي آهي۔۔۔فطرت جي هن حسين منّظر کي پسڻ کا پو زبان تان ازخود ”سبحان الله“ نڪري ٿو وڃي، ڇو ته فطرت جي ان حسين منظر جو خلقيندڙ منهنجو سنهڻو مالڪ آهي، جنهن هي جهان خلقيو۽ ان ۾ انيڪ فطرت جا نظارا رکيائين ته جئين انسان ان کي ڏسڻ ۽ جاچڻ کانپو پروردگار ٻاٍجهاري جي شڪر گزاري بجا آڻي۔۔۔۔
جواب: ٻن ندين جو ميلاپ پر اوهان دوستن کي شايد خبر هوندي ته سنڌو درياهه جو به ساڳيو نظارو ڪري سگهجي ٿو ۔۔۔ اوهان جڏهن اسلام آباد کان پشاور ويندا ته سنڌو درياهه تي اٽڪ پل وٽ سنڌو درياهه ۽ ڪابل ندي پاڻ ۾ ملن ٿيون، ان پل تي بيهي اوهان سنڌو درياهه جي شفاف ۽ ڪابل نديءَ جي لٽ واري پاڻيءَ کي ميلن تائين گڏ وهندي ڏسي سگهندا ۔۔۔ اڳتي هلي ٻئي پاڻي ملي وڃن ٿا ۽ سمورو پاڻي لٽ وارو ٿي وڃي ٿو ۔۔۔۔۔ اهو نظارو ڏسي آءُ به ڏاڍو لطف اندوز ٿيو هيس ۽ سبحان الله پڻ ۔۔۔ لک قرب ونڊ ڪرڻ جا
جواب: ٻن ندين جو ميلاپ هڪ دفعو ٻيهر اوهان جو قدرتي نظارن تي مبني ونڊ پيش ڪرڻ تي اسان جي اکين کي سرور حاصل ٿيو ، اوهان هميشه جيان سهڻي ۽ قدرتي نظارن واري سليڪشن ونڊ ڪندا اچو پيا جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته اوهان کي به قدرت جي دلڪشي ۽ سونهن سان محبت آهي ،
جواب: ٻن ندين جو ميلاپ هي آهي اُهو سين۔ جنهن جو ريئل ويو (سچو ڏيک) ورتل آهي گوگل ارٿ تا۔ اڃان به وڌيڪ ويجهو۔ ساڄي پاسي کان ايندڙ ريلا سنڌو بادشاهه جا آهن۔ ۽ کاٻي پاسي ڪابل ندي۔
جواب: ٻن ندين جو ميلاپ واقعي به منظر ڏسڻ وٽان آهي۔۔ سائين نثار جو ٻڌائڻ ۽ ادا حفيظ جو گوگل ارٿ کي ڳولڻ پر مون وري گوگل اميج کي کڙڪايو ته اٽڪ پل جا ٻه منظر نظر آيا۔۔۔
جواب: ٻن ندين جو ميلاپ يورپ، آمريڪا يا آسٽريليا کنڊن، ايشيا ۽ آفريڪا جي ترقي يافته ملڪن ۾ هر شئي جي سنڀال ٿيندي آهي پر فطرت ته سموري دنيا جي سهڻي آهي، رب جو نور ته هر جا تي موجود آهي ۔۔۔ جيڏانهن ڪريان پرک تيڏانهن سڄڻ سامهون، دوستن درياهه سنڌ جا اٽڪ واري حصي جي معلومات ۽ تصويرون ونڊِ ڪري اهو ثابت ڪيو ته ۔۔۔ سبحان الله ۔۔۔ هي وڌيڪ سهڻا نظار سنڌو درياه جا
جواب: ٻن ندين جو ميلاپ صاحب تنهنجي صاحبي عجب ڏٺيسون، ۔۔۔۔۔ ايمان وارا هميشه پنهنجي زندگي رحيم ۽ ٻاجهاري ڌڻي جي احڪامن جي مطابق گذاريندا آهن جيڪي اُن قرآن ۾ نازل فرمايا آهن. چاهي اُهي ڪٿي به هجن، اُهي پنهنجو اُهو اخلاق ظاهر ڪندا آهن جنهن ۾ الله جي رضا آهي نه ڪي اهو جنهن ۾ ان جي ناراضگي آهي. پنهنجي رحم طور، الله انسانن کي اسلام ڏنو، اهو مذهب جنهن تي عمل ڪرڻ آسان آهي ۾ جيڪو زندگي کي بهتر ۽ مطمئن بڻائي ٿو. اسان قرآن مان ڏسي سگهون ٿا، اسلام جون تقاضائون آسان آهن: “الله اوھان تي آساني ڪرڻ گھرندو آھي ۽ اوھان تي (ڪا) اوکائي ڪرڻ نه گھرندو آھي ”(سوره البقره، 185)۔۔۔ الله تعاله هن دنيا ۾ ايتريون ته نعمتون پيدا ڪيون آهن جو اسان انهن کي نه صحيح خريقي سان استعمال ڪري سگهيا آهيون ۽ نه وري اسان کي انهن نعمتن جي باري ۾ ڪا پوري ڄاڻ آهي، هي بندو الله جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندو، ڪجهه سال پهرين مون محترم سائين جمال ابڙو صاحب جي آتم ڪهاڻي پڙهي رهيو هئس، ته ان ۾ جمال ابڙي صاحب لکيو آهي ته، ( ڪو زمانو هو ۽ شيخ اياز ۽ مان مذهب کان پري هوندا هئاسين، ۽ هي ڳالهه انهن ڏينهن جي آهي، ته مان ۽ شيخ اياز صاحب سنڌو درياء جي ڪناري حيدرآباد وٽ اڌ رات جو ڪچهري ڪري رهيا هئاسين ۽ مون اوچتو جڏهن سنڌو درياء کي ڏٺو ته درياء پنهنجي موج ۾ آهي، ۽ چوڏهين جو چنڊ مٿان درياء جي پاڻي ۾ نظر اچي رهيو هو، ۽ مان اياز صاحب جو ڌيان ان منّظر ڏانهن ڇڪائيندي سوال ڪيو ته اياز توهان الله کي مڃيندا آهيو ته ، شيخ صاحب جواب ڏنو ته ابڙا صاحب ههئڙا منظر ڏسي الله کي مڃڻو ئي پوي ٿو، سو ادا رب جا عجيب منظر آهن جيڪي سيڪيولر ذهن به ڏسي ڪري مڃڻ لاء تيار ٿئي ٿا وڃن،
جواب: ٻن ندين جو ميلاپ لاجواب تمام خوبصورت نظارن سان گڏ بهترين معلومات پڻ آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ادي سليمان جي هر ڪاوش لاجواب
جواب: ٻن ندين جو ميلاپ شروعات ڪيم ۽ دوستن وٽان معلومات جا خزانا مليا ۔۔۔۔۔۔۔ سڀني دوستن جي مهرباني جن ڄاڻ ۾ اضافو ڪيو ۽ هن ونڊ کي چار چنڊ لڳايا
جواب: ٻن ندين جو ميلاپ ها ادا اهي ته نظارا شل ڪنهن کي نصيب ٿين جيڪي اکين سان ڏسن ان جڳهه تي جٿي اهي ٻئي پاڻي پاڻ ۾ هڪ ٿين ٿا ادا توهان جي شامل ٿيل ونڊ تمام سٺي آهي۔
جواب: ٻن ندين جو ميلاپ سڀني دوستن جون مهربانيون ۔۔۔۔۔۔ ڪوشش ڪيم ته ايبٽ آباد وٽان سنڌوء جي نظاري واري وڊيو ملي پر ناڪامي ٿي۔ دوستو ڪا اهڙي وڊيو ملي ته ونڊ ڪجو۔