ٻن ندين جو ميلاپ

'دلچسپ ۽ عجيب' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏16 اپريل 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [JUSTIFY]فطرت جي سونهن ڏسڻ وٽان هوندي آهي۔ حسين نظارن مان هڪ نظارو آهي سئزرلينڊ جي شهر جنيوا ۾ ملندڙ ٻه نديون۔ جن جي پاڻيء جو رنگ مختلف آهي۔

    کاٻي کان روني دريا آهي جيڪو ليمن ڍنڍ مان نڪري ٿو، جڏهن ته ساڄي کان اروِ دريا آهي، جيڪو مختلف آبشارن جي پاڻيء سان ٺهندو هڪ زميني علائقي مان لٽ ۽ سلٽ کڻي اڳتي وڌي ٿو۔
    [/JUSTIFY]


    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]


     
  2. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: ٻن ندين جو ميلاپ

    تمام سهڻي ونڊ ڪئي آهي۔۔۔فطرت جي هن حسين منّظر کي پسڻ کا پو زبان تان ازخود ”سبحان الله“ نڪري ٿو وڃي، ڇو ته فطرت جي ان حسين منظر جو خلقيندڙ منهنجو سنهڻو مالڪ آهي، جنهن هي جهان خلقيو۽ ان ۾ انيڪ فطرت جا نظارا رکيائين ته جئين انسان ان کي ڏسڻ ۽ جاچڻ کانپو پروردگار ٻاٍجهاري جي شڪر گزاري بجا آڻي۔۔۔۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ٻن ندين جو ميلاپ

    پر اوهان دوستن کي شايد خبر هوندي ته سنڌو درياهه جو به ساڳيو نظارو ڪري سگهجي ٿو ۔۔۔ اوهان جڏهن اسلام آباد کان پشاور ويندا ته سنڌو درياهه تي اٽڪ پل وٽ سنڌو درياهه ۽ ڪابل ندي پاڻ ۾ ملن ٿيون، ان پل تي بيهي اوهان سنڌو درياهه جي شفاف ۽ ڪابل نديءَ جي لٽ واري پاڻيءَ کي ميلن تائين گڏ وهندي ڏسي سگهندا ۔۔۔ اڳتي هلي ٻئي پاڻي ملي وڃن ٿا ۽ سمورو پاڻي لٽ وارو ٿي وڃي ٿو ۔۔۔۔۔

    اهو نظارو ڏسي آءُ به ڏاڍو لطف اندوز ٿيو هيس ۽ سبحان الله پڻ ۔۔۔

    لک قرب ونڊ ڪرڻ جا
     
  4. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ٻن ندين جو ميلاپ

    هڪ دفعو ٻيهر اوهان جو قدرتي نظارن تي مبني ونڊ پيش ڪرڻ تي اسان جي اکين کي سرور حاصل ٿيو ، اوهان هميشه جيان سهڻي ۽ قدرتي نظارن واري سليڪشن ونڊ ڪندا اچو پيا جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته اوهان کي به قدرت جي دلڪشي ۽ سونهن سان محبت آهي ،
     
  5. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: ٻن ندين جو ميلاپ


    هي آهي اُهو سين۔ جنهن جو ريئل ويو (سچو ڏيک) ورتل آهي گوگل ارٿ تا۔

    [​IMG]

    اڃان به وڌيڪ ويجهو۔ ساڄي پاسي کان ايندڙ ريلا سنڌو بادشاهه جا آهن۔ ۽ کاٻي پاسي ڪابل ندي۔

    [​IMG]
     
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ٻن ندين جو ميلاپ

    واقعي به منظر ڏسڻ وٽان آهي۔۔
    سائين نثار جو ٻڌائڻ ۽ ادا حفيظ جو گوگل ارٿ کي ڳولڻ پر مون وري گوگل اميج کي کڙڪايو ته اٽڪ پل جا ٻه منظر نظر آيا۔۔۔

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ٻن ندين جو ميلاپ

    يورپ، آمريڪا يا آسٽريليا کنڊن، ايشيا ۽ آفريڪا جي ترقي يافته ملڪن ۾ هر شئي جي سنڀال ٿيندي آهي پر فطرت ته سموري دنيا جي سهڻي آهي، رب جو نور ته هر جا تي موجود آهي ۔۔۔ جيڏانهن ڪريان پرک تيڏانهن سڄڻ سامهون، دوستن درياهه سنڌ جا اٽڪ واري حصي جي معلومات ۽ تصويرون ونڊِ ڪري اهو ثابت ڪيو ته ۔۔۔ سبحان الله ۔۔۔

    هي وڌيڪ سهڻا نظار سنڌو درياه جا

    [​IMG]


    [​IMG]
     
  8. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ٻن ندين جو ميلاپ

    صاحب تنهنجي صاحبي عجب ڏٺيسون، ۔۔۔۔۔ ايمان وارا هميشه پنهنجي زندگي رحيم ۽ ٻاجهاري ڌڻي جي احڪامن جي مطابق گذاريندا آهن جيڪي اُن قرآن ۾ نازل فرمايا آهن. چاهي اُهي ڪٿي به هجن، اُهي پنهنجو اُهو اخلاق ظاهر ڪندا آهن جنهن ۾ الله جي رضا آهي نه ڪي اهو جنهن ۾ ان جي ناراضگي آهي. پنهنجي رحم طور، الله انسانن کي اسلام ڏنو، اهو مذهب جنهن تي عمل ڪرڻ آسان آهي ۾ جيڪو زندگي کي بهتر ۽ مطمئن بڻائي ٿو. اسان قرآن مان ڏسي سگهون ٿا، اسلام جون تقاضائون آسان آهن: “الله اوھان تي آساني ڪرڻ گھرندو آھي ۽ اوھان تي (ڪا) اوکائي ڪرڻ نه گھرندو آھي ”(سوره البقره، 185)۔۔۔ الله تعاله هن دنيا ۾ ايتريون ته نعمتون پيدا ڪيون آهن جو اسان انهن کي نه صحيح خريقي سان استعمال ڪري سگهيا آهيون ۽ نه وري اسان کي انهن نعمتن جي باري ۾ ڪا پوري ڄاڻ آهي، هي بندو الله جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندو، ڪجهه سال پهرين مون محترم سائين جمال ابڙو صاحب جي آتم ڪهاڻي پڙهي رهيو هئس، ته ان ۾ جمال ابڙي صاحب لکيو آهي ته، ( ڪو زمانو هو ۽ شيخ اياز ۽ مان مذهب کان پري هوندا هئاسين، ۽ هي ڳالهه انهن ڏينهن جي آهي، ته مان ۽ شيخ اياز صاحب سنڌو درياء جي ڪناري حيدرآباد وٽ اڌ رات جو ڪچهري ڪري رهيا هئاسين ۽ مون اوچتو جڏهن سنڌو درياء کي ڏٺو ته درياء پنهنجي موج ۾ آهي، ۽ چوڏهين جو چنڊ مٿان درياء جي پاڻي ۾ نظر اچي رهيو هو، ۽ مان اياز صاحب جو ڌيان ان منّظر ڏانهن ڇڪائيندي سوال ڪيو ته اياز توهان الله کي مڃيندا آهيو ته ، شيخ صاحب جواب ڏنو ته ابڙا صاحب ههئڙا منظر ڏسي الله کي مڃڻو ئي پوي ٿو، سو ادا رب جا عجيب منظر آهن جيڪي سيڪيولر ذهن به ڏسي ڪري مڃڻ لاء تيار ٿئي ٿا وڃن،
     
  9. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: ٻن ندين جو ميلاپ

    لاجواب تمام خوبصورت نظارن سان گڏ بهترين معلومات پڻ آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ادي سليمان جي هر ڪاوش لاجواب
     
  10. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ٻن ندين جو ميلاپ

    ادا پريا صاحب ۔۔۔۔۔ ڀاء سليمان پاڻ به ته لاجوب آهي
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ٻن ندين جو ميلاپ

    شروعات ڪيم ۽ دوستن وٽان معلومات جا خزانا مليا ۔۔۔۔۔۔۔

    سڀني دوستن جي مهرباني جن ڄاڻ ۾ اضافو ڪيو ۽ هن ونڊ کي چار چنڊ لڳايا
     
  12. Moazam Ali

    Moazam Ali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2011
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    94
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    Private Job
    ماڳ:
    Tando Soomro
    جواب: ٻن ندين جو ميلاپ

    ها ادا اهي ته نظارا شل ڪنهن کي نصيب ٿين جيڪي اکين سان ڏسن ان جڳهه تي جٿي اهي ٻئي پاڻي پاڻ ۾ هڪ ٿين ٿا ادا توهان جي شامل ٿيل ونڊ تمام سٺي آهي۔
     
  13. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ٻن ندين جو ميلاپ

    سبحان الله سائين واقعي سبحان الله
     
  14. نويد احمد ڪلوڙ

    نويد احمد ڪلوڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    468
    ورتل پسنديدگيون:
    206
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    ڪنٽري مينيجر، سماجي ورڪر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي سنڌ
    جواب: ٻن ندين جو ميلاپ

    سڀن جا ونڊ بهترين ادا معلومات ۾ به واڌارو ٿيو واه واه
     
  15. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ٻن ندين جو ميلاپ

    تمام بهترين ۽ معلوماتي موضوع۔۔۔۔ ونڊ ڪرڻ تي اوهان جا ٿورائتا آهيون
     
  16. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ٻن ندين جو ميلاپ

    سڀني دوستن جون مهربانيون ۔۔۔۔۔۔

    ڪوشش ڪيم ته ايبٽ آباد وٽان سنڌوء جي نظاري واري وڊيو ملي پر ناڪامي ٿي۔
    دوستو ڪا اهڙي وڊيو ملي ته ونڊ ڪجو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو