سنڌ سلامت جي تمام ميمبرز کي ادب ڀريو سلام۔۔ سنڌ سلامت سٿ جيڪا سنڌي ٻولي جي خدمت ڪري رهيو آهي ان مان متاثر ٿي آهيان۔۔ ۽ سنڌ سلامت تي رکيل قيمتي مواد ۽ معلومات مان لاڀ حاصل ڪنديس۔ دعا ۾ ياد ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔
جواب: حنا شيخ محترم حنا شيخ صاحبه؛ سڀ کان پهريان ته سنڌ سلامت جي هن اڱڻ تي دل جي گهراين سان ڀليڪار ۔۔۔ سنڌي ڀينرن جو هن اڱڻ تي اچڻ ۽ اسانجي ساٿ ۽ ڪم جي واکاڻ ڪرڻ سان سنڌ سلامت جي دوستن جو مان ۽ من وڌندو ۔۔۔ انڪري اوهانجو سنڌ سلامت جي تعريف ڪرڻ اسان لاءِ باعث خوشي ۽ همٿ افزائي آهي۔ سنڌ سلامت تي سنڌ ۽ سنڌيت سان لاڳاپيل ڪافي مواد موجود آهي، اميد آهي ته اوهانجي تاس تار ٿيندي، ۽ جيڪڏهن ڪٿي ڪا ڪمي هجي يا ڪا صلاح هجي يا وري ڪو سوال هجي ته سنڌ سلامت جي اوطاق تي ڪئي ڪمرا آهن انهن ۾ پنهنجا سوال، رايا يا صلاحون موڪلي ڏيندا۔ اميد ڪريون ٿا ته اوهان پڻ سنڌي سرتيءَ وارو ڪردار نڀائيندي پنهنجن جيڏين لاءِ موجود ڪمري ۾ ليک ونڊ ڪنديون۔۔ سنڌ سلامت فورم اوهان ۽ سڀني سنڌين جي ملڪيت آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه لاءِ ڪوشان آهي۔ اسان سڀني جو فرض آهي ته پنهنجي ٻوليءَ جي لک پڙهه کي وڌائيندا رهون۔ هڪ دفعو ٻيهر ڀليڪار ۔۔۔ ڀيرو ڪنديون رهجو سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: حنا شيخ اديءَ کي دل جي گهراين سان هن محبتي اڱڻ تي ڀليڪار چئجي ٿو اميد ته اوهان کي سنڌ سلامت تان گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ ملندو ۽ اوهان به پنهنجي معلومات وقت بوقت اسان سان ونڊيندا رهندا
جواب: حنا شيخ محترم حنا شيخ صاحبه؛ سنڌ سلامت جي هن اڱڻ تي دل جي گهراين سان ڀليڪار ۔۔۔ توهان جا لک ٿورا هن فورم ۾ شرڪت ڪرڻ تي
جواب: حنا شيخ ادي جا سلام اکين تي، کيس هن ڀلاري ڀون جي هن سهڻي بين الاقوامي اوطاق ۾ اچڻ تي ڀليڪار ڪيون ٿا۔ اميد ته سهڻو ساٿ سلامت رهندو۔۔سدائين گڏ
جواب: حنا شيخ محترمه حنا شيخ صاحبه اسان اوهان کي سنڌ سلامت جي هن سهڻي اڱڻ تي دل جي گهراين سان ڀليڪار چئون ٿا مون کي يقينن اسان سنڌين جي ڪاميابي ۽ ڪامراني جا اهي ڏينهن ويجهو نظر اچي رهيا آهين جڏنهن اسان چنڊ ڱي ڇهڻ جا خوب ڏسندا سين ڇوته اسان جي هن سفر ۾ اوهان جهڙا سلجهيل ماڻهون شآمل ٿي رهيا آهين يقينن اها سنڌ سلامت ۽ ان جي پوري ٽيم جي محنت ۽ سنڌي جي ماروئڙن جي محبت آهي جو ااوهان ڱي سنڌ سلامت جو هي سفر سڄو لڳو ۽ اوهان جي هن سٿ ۾ شآمل ٿيڻ جي تمام گهڻي مهرباني اميد ته اوهان کي هتي اچي ڪري تمام سڄو لڳو هوندو ۽ اوهان جي لکڻين جو اسان کي شدت سان انتظآر رهندو
جواب: حنا شيخ آواز ٽي وي جي نيوز ڪاسٽر ڀيڻ حنا شيخ کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون تمام گهڻي خوشي ٿي جو سنڌي ميڊيا سانتعلق رکندڙ اسان جي ڀيڻ حنا شيخ صاحبه سنڌ سلامت فورم جي ميمبر ٿي آهي۔ اسان کي خوشي آهي ته سنڌ سلامت ٻوليء لاء ڪاوشون پئي ڪري ۽ اوهان سنڌي ٻوليء جي نيوز واري شعبي سان وابسته آهيو ۽ سنڌ جي مسئلن کي پيش پيا ڪيو۔ اميد ته سنڌ سلامت اوهان جي اعتماد تي پورو لهندي ۽ سنڌي ادب جي نماء سان گڏ سنڌ جي مسئلن کي نمايان ڪندي رهندي۔ اسان اهو چاهيون ٿا ته اوهان به پنهنجي لکڻين، پنهنجي خيالن ۽ بهترين راين سان فورم جي ترقي ۾ اضافو ڪيو۔ هڪ دفعو ٻيهر ڀليڪار ۔۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: حنا شيخ آواز ٽي وي جي نيوز ڪاسٽر حنا شيخ کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اسان کي تمام گهڻي خوشي ٿي ته توهان سنڌ سلامت تي آيو ۔۔۔۔۔ اميد ته ساٿ سلامت رهندو
محترما حنا شيخ صاحبه ۔ اسان به اوهان وانگر هن فورم جي تعريف ٻڌي نوان نوان ميمبر ٿيا آهيون۔ نوان ميمبرجي حثيت ۾ اسان به اوهان کي هت ڀليڪار ٿا چئون۔اچڪله ٻاهرين ملڪن ۾ قوم ۔ٻولي ۽ وطن سان ئي ماڻهن جي سڃاڻپ ٿئي ٿي۔هي وقت آهي ته اسان سڀ پنهنجا ويڇاء وساري متحد ٿئي ڪري پنهنجي ٻولي ۽ قو۾ جي خدمت ڪيون۔ اميد ته اوهان جون سٺيون لکڻيون اسان کي پڙهڻ لاء ملنديون۔
سنڌ سلامت کي جُوائن ڪرڻ تي اسين اوهان کي ڀليڪار چئون ٿا اُميد ته توهان هتان گهڻو ڪجهه علم حاصل ڪندا ۽ اُنهيءَ سان گڏو گڏ پنهنجو قيمتي ونڊ به اسان سان ضرور ڪندا۔۔۔۔۔