• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شهيد بينظير ڪيس جي جاچ ڪميشن واپس جنيوا رواني

محمد مگسي

سينيئر رڪن
اسلام آباد (م ڊ) شهيد بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي جاچ ڪندڙ گڏيل قومن جي ٽيم رونالڊو مونوز جي اڳواڻي ۾ اسلام آباد کان جنيوا واپس رواني ٿي ويئي آهي، رونالڊو مونوز جي سربراهي ۾ گڏيل قومن جي جاچ ڪميشن جي ٽن ميمبرن ٻن ڏينهن جي دوري دوران اسلام آباد ۾ وقتي صدر فاروق ايڇ نائيڪ، ق ليگ جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين، بينظير ڀٽو جي اڳوڻي پوليٽيڪل

سيڪريٽري ناهيد خان، سينيٽر صفدر عباسي، برگيڊيئر جاويد اقبال چيما ۽ قبائلي علائقي سان واسطو رکندڙ سينيٽر صالح شاهه سان ملاقاتون ڪري سندن بيان رڪارڊ ڪيا، پاڪستان جي سياسي قيادت سان ملاقاتون ڪرڻ کانپوءِ جاچ ڪميشن جا ميمبر اسلام آباد کان واپس جنيوا روانا ٿي ويا، جاچ ڪميشن جي ٽيڪنيڪل ٽيم اسلام آباد ۾ موجود آهي، جيڪا جاچ جي حوالي سان ڪم ڪري رهي آهي.
 
Back
Top