عرس پريو
سينيئر رڪن
1986ع ۾ گم ٿيندڙ هڪ ڀارتي ٻار 25 سالن کان پوءِ گوگل ارٿ جي سيٽلائيٽ جي تصويرن جي مدد سان پنهنجي ماءُ کي ڳولي لڌو آهي.
آسٽريليا جي رياست ٽيز مينيا ۾ ترسيل سارو جو چوڻ آهي ته هو رڳو 5 سالن جو هو جڏهن هندستان ۾ هڪ ٽرين اسٽيشن تي هو پنهنجي ڀاءُ کان وڇڙي ويو.
سارو ٻڌايو ته کيس ياد آهي ته هو پنهنجي ڀاءُ جي ڳولها ۾ هڪ ٽرين تي سوار ٿيو جيڪا کيس هندستان جي ٽئين وڏي شهر ڪلڪتي کڻي وئي. ”آءٌ بيحد ڊنل هئم ۽ مون کي خبر نه هئي ته مان ڪٿي آهيان پر مون ڳولهڻ ڦولهڻ شروع ڪيو ۽ انهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي.
سارو جي چوڻ موجب اها نهايت خطرناڪ جڳهه هئي. منهنجي خيال ۾ ائين نه ٿو ٿي سگهي ته ڪي ماءُ پيءُ پنهنجي پنجن سالن جي ٻار کي ڪلڪتي جي گندن پاڙن ۽ ريلوي اسٽيشنن تي اڪيلو ڦرندو ڏسڻ چاهيندا.“
اهڙي حالت ۾ سارو اڪيلي سر رهڻ سکي ورتو ۽ خيرات گهري گذارو ڪيائين، سندس چوڻ موجب ڪجهه عرصي کان پوءِ کيس هڪ يتيم خاني اپنايو. ۽ اتان سندس قسمت جاڳي ۽ کيس هڪ آسٽريلوي جوڙي پنهنجو گهرڀاتي بڻايو.
”مان اهو سمجهي چڪو هئس ته مان گم ٿي چڪو آهيان ۽ مان پنهنجو گهر ڳولي نه سگهندس، پر اهڙي حالت ۾ مون سوچيو ته آسٽريليا وڃڻ هڪ زبردست ڳالهه ٿيندي.“
جيتوڻيڪ وقت گذرندو ويو ۽ سارو آسٽريليا ۾پنهنجي نئين گهر ۾ رهڻ لڳو پر هن ٻڌايو ته سندس دل ۾ پنهنجي اصل خاندان کي ڳولهڻ جي خواهش وڌندي وئي. ائين هن گوگل ارٿ جو استعمال شروع ڪيو ۽ نيٺ کيس پنهنجي اباڻي علائقي کنڊوا جو نقشو ملي ويو.
سارو ٻڌايو ته گوگل ارٿ جي تصويرن ۾ کيس اهي هنڌ به مليا جتي هو ننڍپڻ ۾ کيڏندو هو. جيئن هڪ آبشار يا جهرڻو، سو انهيءَ کان پوءِ هن اتي وڃڻ جو فيصلو ڪيو.
وٽس ننڍپڻ جي هڪ تصوير هئي ۽ کيس پنهنجي گهرڀاتين جا نالا به ياد هئا ۽ انهن ذريعي هو پنهنجي ماءُ تائين پهچي ويو. سارو چيو: مون جڏهن کيس آخري ڀيرو ڏٺو هو ته سندس عمر 34 سال هئي ۽ هوءَ هڪ سهڻي عورت هئي، مون کي اندازو نه هو ته عمر سان گڏ هوءَ ايتري بدلجي ويندي. منهنجي هٿ کان وٺي هوءَ مون کي پنهنجي گهر وٺي وئي، هوءَ مون کي ڪجهه نه چئي سگهي، منهنجي خيال ۾ هوءَ به مون کي ڏسي ايئن ئي سڪتي ۾ وئي جيئن مان کيس ڏسي ڏسندو ئي رهجي ويم.“ سارو چيو ته سندس ماءُ کي يقين نه پئي آيو ته سندس پٽ 25 سالن کان پوءِ هڪ ڀوت وانگر واپس اچي سگهي ٿو۔
عوامي آواز