گوگل ارٿ ء گم ٿيل ٻار

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏17 اپريل 2012۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    1986ع ۾ گم ٿيندڙ هڪ ڀارتي ٻار 25 سالن کان پوءِ گوگل ارٿ جي سيٽلائيٽ جي تصويرن جي مدد سان پنهنجي ماءُ کي ڳولي لڌو آهي.
    آسٽريليا جي رياست ٽيز مينيا ۾ ترسيل سارو جو چوڻ آهي ته هو رڳو 5 سالن جو هو جڏهن هندستان ۾ هڪ ٽرين اسٽيشن تي هو پنهنجي ڀاءُ کان وڇڙي ويو.
    سارو ٻڌايو ته کيس ياد آهي ته هو پنهنجي ڀاءُ جي ڳولها ۾ هڪ ٽرين تي سوار ٿيو جيڪا کيس هندستان جي ٽئين وڏي شهر ڪلڪتي کڻي وئي. ”آءٌ بيحد ڊنل هئم ۽ مون کي خبر نه هئي ته مان ڪٿي آهيان پر مون ڳولهڻ ڦولهڻ شروع ڪيو ۽ انهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي.
    سارو جي چوڻ موجب اها نهايت خطرناڪ جڳهه هئي. منهنجي خيال ۾ ائين نه ٿو ٿي سگهي ته ڪي ماءُ پيءُ پنهنجي پنجن سالن جي ٻار کي ڪلڪتي جي گندن پاڙن ۽ ريلوي اسٽيشنن تي اڪيلو ڦرندو ڏسڻ چاهيندا.“
    اهڙي حالت ۾ سارو اڪيلي سر رهڻ سکي ورتو ۽ خيرات گهري گذارو ڪيائين، سندس چوڻ موجب ڪجهه عرصي کان پوءِ کيس هڪ يتيم خاني اپنايو. ۽ اتان سندس قسمت جاڳي ۽ کيس هڪ آسٽريلوي جوڙي پنهنجو گهرڀاتي بڻايو.
    ”مان اهو سمجهي چڪو هئس ته مان گم ٿي چڪو آهيان ۽ مان پنهنجو گهر ڳولي نه سگهندس، پر اهڙي حالت ۾ مون سوچيو ته آسٽريليا وڃڻ هڪ زبردست ڳالهه ٿيندي.“
    جيتوڻيڪ وقت گذرندو ويو ۽ سارو آسٽريليا ۾پنهنجي نئين گهر ۾ رهڻ لڳو پر هن ٻڌايو ته سندس دل ۾ پنهنجي اصل خاندان کي ڳولهڻ جي خواهش وڌندي وئي. ائين هن گوگل ارٿ جو استعمال شروع ڪيو ۽ نيٺ کيس پنهنجي اباڻي علائقي کنڊوا جو نقشو ملي ويو.
    سارو ٻڌايو ته گوگل ارٿ جي تصويرن ۾ کيس اهي هنڌ به مليا جتي هو ننڍپڻ ۾ کيڏندو هو. جيئن هڪ آبشار يا جهرڻو، سو انهيءَ کان پوءِ هن اتي وڃڻ جو فيصلو ڪيو.
    وٽس ننڍپڻ جي هڪ تصوير هئي ۽ کيس پنهنجي گهرڀاتين جا نالا به ياد هئا ۽ انهن ذريعي هو پنهنجي ماءُ تائين پهچي ويو. سارو چيو: مون جڏهن کيس آخري ڀيرو ڏٺو هو ته سندس عمر 34 سال هئي ۽ هوءَ هڪ سهڻي عورت هئي، مون کي اندازو نه هو ته عمر سان گڏ هوءَ ايتري بدلجي ويندي. منهنجي هٿ کان وٺي هوءَ مون کي پنهنجي گهر وٺي وئي، هوءَ مون کي ڪجهه نه چئي سگهي، منهنجي خيال ۾ هوءَ به مون کي ڏسي ايئن ئي سڪتي ۾ وئي جيئن مان کيس ڏسي ڏسندو ئي رهجي ويم.“ سارو چيو ته سندس ماءُ کي يقين نه پئي آيو ته سندس پٽ 25 سالن کان پوءِ هڪ ڀوت وانگر واپس اچي سگهي ٿو۔

    عوامي آواز
     
  2. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    جواب: گوگل ارٿ ء گم ٿيل ٻار

    خدا جي قدرت آهي سائين جنهن کي خدا ملائڻ چاهي ان کي ڪير الڳ ڪري نٿو سگهي، وڏو ايمان افروز واقعو ونڊ ڪيو اٿئو۔ مولا آباد ڪندو
     
  3. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: گوگل ارٿ ء گم ٿيل ٻار

    سٺو مضمون آهي
    حيرت جوڳي ڳالھ آهي ته ايتري عرصي جي جدائي مٿان وري ننڍپڻ وري به شابس هجي هن جي ياداشت کي ته ڪئين نه هن عقل کان ڪم وٺندي پنهجن مائٽن کي ڳولھي لڍو ، آفرين آهي هن شخص کي
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: گوگل ارٿ ء گم ٿيل ٻار

    ادا عرس اخباري رپورٽ مان بهترين چونڊ آهي۔
    در اصل ڳالھ هيءَ آهي ته ڪي ٻار فطري طور ننڍپڻ کان ڪمال جا ذهين هوندا آهن، سندن دماغ ۾ اهو فطري انساني سوچ، سمٍجھ ۽ ريسرچ جو مادو هوندو آهي، هو هر وقت نئين معلومات جي ڳولها ۾ هوندا آهن، سارو به يقينن اهڙن ٻارن منجهان آهي، جنهن ڪنهن به طور شڪست نه قبولي، پر پنهنجي مسلسل محنت، لڳن ۽ جدوجهد سان ڳولها جي سلسلي کي رڪڻ يا ٿڌو ٿيڻ نه ڏنو۔
    سلام آهي اهڙن ذهين انسانن کي۔
    منهنجي پاران ساروءَ کي امڙ سان 25 سالن پو ملڻ جون واڌايون۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو