عشق اسان وٽ آرائينءَ جيئن ، آيو جهول ڀري ! ڪوئي ڪيئن ڪري! الا! ڪوئي ڪيئن ڪري! شيخ اياز جي بهترين واين مان هڪ آهي۔ هي وائي علڻ فقير ڳائي ته هر طرف واهه واهه ٿي وئي۔ ڇا ته ڪمال جي شاعري آهي ۽ ڇا ته پسمنظر پيش ڪيل آهي۔ آرائين به عجيب ڪردار آهي۔ انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانه ۾ آرائين جي تشريح ڪجهه هن طرح سان ڪيل آهي: آرائين: لوڪ ثقافتي ڪردار . آڳاٽي زماني ۾ خصوصن سنڌ جي ٻھراڙين ۾ ، -بسنت- جي ڏڻ اچڻ تي مڱڻھار فقير موتئي جي گُلن ۽ سرنھن جي پيلن گلن جون جھوليون ڀري ، دھلن دمامن سان گھر گھر بھار جي آمد جون واڌايون ڏيندا ھئا . اھڙيءَ طرح بھار جي آمد جو اعلان ٿي ويندو ھو . موٽ ۾ ماڻھو فقيرن کي -ان- ، -اٽو- ، يا روڪڙا پئسا ، گھور طور ڏيندا ھئا . انھن مڱڻھار فقيرن کي ’ -آرائين- ‘ چيو ويندو ھو . ھن وقت اھا رسم ختم ٿي چڪي آھي . ڪجهه جاين تي آرائين کي ڪجهه هن طرح بيان ڪيو ويو آهي: (شيخ اياز جي مشهور وائي، آرائين شڪارپور جو هڪ ثقافتي ڪردار آهي، عورتون جيڪي گهر گهر گل وڪڻنديون هيون ، انهن کي آرائين چوندا هيا ، اها شيءِ سنڌ جي ڪنهن ٻئي شهر ۾ اهڙي طرح واضح نٿي ملي ، هونئن به شڪارپور هڪ گرين بيلٽ جهڙو شهرهيو ، گلن ، باغن ۽ بوستانن جو شهر، جتي رابيل جي ڪنڊي پائي گهمڻ ڪلچر هيو ، چوڻ وارا چون ٿا ته شڪارپور شهر وڃڻ مهل پريان ئي خوشبو ايندي هئي، خوشبو جي شهر ۾ عورت گل وڪڻي اها آرائين آهي، ۽ اياز جهڙو ان ”آرائين“ کي عشق سان تشبيهه ٿو ڏي، جيڪا ڪمال جهڙي شيءِ آهي!)
جواب: عشق اسان وٽ آرائينءَ جئن ، آيو جھول ڀري ! هڪ ته شيخ اياز جي من موهيندڙ شاعري، مٿان ور فقير علڻ جو آواز ۔۔۔ ڏاهي شاعراياز تشبيهون اهڙيون ته ڏنيون آهن جو محبوب جي هر ادا ۽ انگ امر ٿي پوي ٿو ۔۔۔ موتئي جهڙي مرڪ ۔۔۔ منهن جو ٻهه ٻهه ٻرڻ ۔۔۔ چڳ چنبليءَ ول جهڙي ۔۔۔ نيڻ جو ٺار اهڙو جيئن رڻ ۾ رات ٺري ۔۔۔ اهڙي پرينءَ کان جدا ٿي ڪنهن جي ڪيئن سرندي ۔۔۔۔ عبادت واري شاعري ته مٿان عبادتي آواز ملي ڪري ماڻهونءَ کي مست ڪيو وجهن ۔۔۔۔ سليمان يار! پنهنجي رات ته ٺاري ڇڏئيي ۔۔۔ بابلا ڪوئي ڪيئن ڪري
جواب: عشق اسان وٽ آرائينءَ جئن ، آيو جھول ڀري ! عشق اسان وٽ آرائينءَ جيئن ، آيو جهول ڀري ! ڪوئي ڪيئن ڪري! الا! ڪوئي ڪيئن ڪري! واهه سائين واهه اوهان جي بهترين ونڊن مان هي به هڪ لاجواب ونڊ آهي جيتري به تعريف ڪجي اها گهٽ آهي هيءَ وائي اوها جي نانءُ
جواب: عشق اسان وٽ آرائينءَ جئن ، آيو جھول ڀري ! ڀائو هن ڪلام سان منهنجون ايتريون ته يادون سمويل آهن جو مان بيان ڪرڻ تي ويهان ته ڪي ڏينهن لڳي وڃن۔ هي وائي علڻ فقيير جي آواز ۾ ٻڌندي مونکي چيٽ جي مند ۾ سرنهن جي ڦولار ۽ پنهنجي ٻني تي ويهي وڻن جي نون نڪتل گونچن جي هٻڪار ياد اچي ويندي آهي، الا منهنجو اهو عشق منهنجو ڳوٺ، منهنجا ٻني ٻارا، سرنهن جا لابارا، مٽرن جي لوڙهه، ڪڻڪن جا لابارا نم جي وڻن مان نڪتل تازين ڪڇڙين نمورين جو هڳاءُ اهو سڀ منهنجو ان گيت سان سلهاڙيل آهي،، سڀ سور لهي پيا تمام قرب جو اهگا ونڊ ڪئي توهان۔
جواب: عشق اسان وٽ آرائينءَ جئن ، آيو جھول ڀري ! سچ ته لاجواب شاعري آهي ۽ سنڌ جي اها روايت يا رسم به واهه جو هئي۔ جنهن مان امن جو پيغام ٿو ملي۔ ڪاش سنڌ جون اهي ريتون رسمون ۽ سنڌ جو امن بحال ٿئي ۔۔۔۔۔۔۔ مهرباني حوصلا افزائي ڪرڻ جي
جواب: عشق اسان وٽ آرائينءَ جئن ، آيو جھول ڀري ! جنهنجا نهٺا نيڻ ائين، جيئن رڻ ۾ رات ٺري۔۔۔۔ واهه سائين واهه، شيخ اياز سنڌي زبان جو هن صدي جو وڏو شاعر ۽ مفڪر آهي، ادا اياز صاحب اهي الفاظ واقعي واهه جواستعمال ڪيا آهن، ( جنهنجا نهٺا نيڻ ائين، جيئن رڻ ۾ رات ٺري ) واقعي جڏهن رڻ ۾ رات ٺرندي آهي ته ان جي خوشي ، فرحت ، راحت ، لذت ، مزو ، لطف ، موج ، حَظُ. هلڪو نشو ، ڪيف ، خمار. سرور ، سڪون ۽ ڪيفيت هڪ الڳ هوندي آهي جنهن کي بيان ڪرڻ کان وڌيڪ ڏسڻ ۾ آهي، منهنجو پنهنجو تجربو آهي، اهو وري ڪڏهن توهان پاڻ تجربو ڪري ڏسجو، ادا آرائين۔ سنڌ ۾ رھندڙ ھڪ ذات جو نالو آهي، جيڪي اصل ۾ ته پنجابي آهن مگر سنڌ ۾ رهڻ جي ڪري سنڌي به سٺي نموني ڳالهائين ٿا، . پنجاب ۾ ” -آرائين- “ ذات جا تمام گھڻا ماڻھو آباد آھن . سنڌ ۾ به پنجابي آرائين وڏي تعداد ۾ موجود آھن ، جيڪي گھڻوڪري درگاھ اچ شريف جا مريد آھن .آرائين عام طرح باغن ھڻڻ يا بَڪر ڀاڄي ۽ گلن پوکڻ جو ڪم ڪندا آهن ۽ شڪارپور گهوٽڪي ۾ به آرائين ذات تمام گهڻي رهي ٿي، . مشهور صوفي شاعر بلا شاهه ، شاهه عنايت آرائينءَ جو مريد هو . شڪارپور سنڌ جو پراڻو تاريخي شهر آهي ڪنهن زماني ۾ سنڌ جو پئرس سڏبو