عشق اسان وٽ آرائينءَ جيئن ،
آيو جهول ڀري !
ڪوئي ڪيئن ڪري!
الا! ڪوئي ڪيئن ڪري!
شيخ اياز جي بهترين واين مان هڪ آهي۔ هي وائي علڻ فقير ڳائي ته هر طرف واهه واهه ٿي وئي۔ ڇا ته ڪمال جي شاعري آهي ۽ ڇا ته پسمنظر پيش ڪيل آهي۔ آرائين به عجيب ڪردار آهي۔ انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانه ۾ آرائين جي تشريح ڪجهه هن طرح سان ڪيل آهي:
آرائين:
لوڪ ثقافتي ڪردار . آڳاٽي زماني ۾ خصوصن سنڌ جي ٻھراڙين ۾ ، -بسنت- جي ڏڻ اچڻ تي مڱڻھار فقير موتئي جي گُلن ۽ سرنھن جي پيلن گلن جون جھوليون ڀري ، دھلن دمامن سان گھر گھر بھار جي آمد جون واڌايون ڏيندا ھئا . اھڙيءَ طرح بھار جي آمد جو اعلان ٿي ويندو ھو . موٽ ۾ ماڻھو فقيرن کي -ان- ، -اٽو- ، يا روڪڙا پئسا ، گھور طور ڏيندا ھئا . انھن مڱڻھار فقيرن کي ’ -آرائين- ‘ چيو ويندو ھو . ھن وقت اھا رسم ختم ٿي چڪي آھي .
ڪجهه جاين تي آرائين کي ڪجهه هن طرح بيان ڪيو ويو آهي:
(شيخ اياز جي مشهور وائي، آرائين شڪارپور جو هڪ ثقافتي ڪردار آهي، عورتون جيڪي گهر گهر گل وڪڻنديون هيون ، انهن کي آرائين چوندا هيا ، اها شيءِ سنڌ جي ڪنهن ٻئي شهر ۾ اهڙي طرح واضح نٿي ملي ، هونئن به شڪارپور هڪ گرين بيلٽ جهڙو شهرهيو ، گلن ، باغن ۽ بوستانن جو شهر، جتي رابيل جي ڪنڊي پائي گهمڻ ڪلچر هيو ، چوڻ وارا چون ٿا ته شڪارپور شهر وڃڻ مهل پريان ئي خوشبو ايندي هئي، خوشبو جي شهر ۾ عورت گل وڪڻي اها آرائين آهي، ۽ اياز جهڙو ان ”آرائين“ کي عشق سان تشبيهه ٿو ڏي، جيڪا ڪمال جهڙي شيءِ آهي!)