منهنجا سائين! سن 1940ع واري لاهور واري قرارداد ۾ ته اهو ليکيو ويو هيو ته نئين ملڪ پاڪستان ۾ جيڪي به صوبا يا رياستون داخل ٿينديون اهي مڪمل آزاد ۽ خودمختيار هونديون. پوءِ وري جڏهن سرمگٽئفورڊ ڪرپس پنهنجو سياسي ۽ آئيني نسخو کڻي آيو ته حال في الحال هڪڙي انڊين يونين ۾ داخل ٿيو، پر آئين ۾ اهو لکي ڏنو ويندو ته جيڪو به صوبو يا جيڪا به رياست مطمئن نه ٿئي اها رياست يا اهو صوبو بنا ڪنهن جهيڙي جهڳڙي جي ڏهن سالن کان پوءِ ڌار ٿي ٿو سگهي. ڳالهين ڪرڻ ساڻ اهو عرصو ڏهن سالن کنئون گهٽائي پنج سال ڪري سگهجي ها، پر مسلم ليگ وارن اها ڳالهه نه مڃي ۽ تاريخ 11 اپريل 1946ع تي لاهور ۾ انڊيا مسلم جي ورڪنگ ڪاميٽي ويٺي ۽ جوابي قرارداد پاس ڪيائين. اهي يونٽ جيڪي هن نئين سيٽ اپ ۾ اچي گڏ ٿيندا اهي خودمختيار ۽ مڪمل آزاد رهندا.هاڻ جڏهن ان قرارداد جي آسري تي اسان وارو سنڌ جو صوبو جيڪو انگريزن جي فتح ڪرڻ کنئون اڳ هڪڙو آزاد ملڪ هيو، انهيءَ کي مٿيون ويساهه ڏئي جيڪڏهن ڦاسايو ويو ته انهيءَ قرارداد کي 14 آگسٽ 1947ع کان پوءِ عمل ۾ ڇو نه آندو ويو ۽ ڇو انهيءَ واعدي کي کڏ ۾ اڇليو ويو ۽ واعدي وفا جي بدران دغا ڪري سنڌ کي پاڪستان ملڪ جو ڄڻ ته هڪڙو فتح ڪيل زمين جو ٽڪرو سمجهيو ويو ۽ جيڪي وڻيو سو ڪري وڃي پار پيا ۽ هاڻي جڏهن سنڌي پنهنجن حقن جي تقاضا ٿا ڪن ته کين ڪافر ۽ غدار وغيره ڪري سڏيو ٿو وڃي. انصاف نه ڪرڻ جي ڪري مشرقي بنگال ته 17 سالن اندر ئي ڌار ٿي ويو ۽ هاڻي سندس ٽَڪو، هن پياري پاڪستان جي رپئي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ طاقت ٿو رکي. ناانصافي ٿيڻ جي ڪري بلوچستان ته هاڻي اوهان کي تريون ئي ٽي ٿو هڻي ۽ ڀاڪر پائڻ ڪاڻ تيار ئي ناهي. حضرت علي عه جو قول امام غزائيءَ ورجايو آ ته ”ڪابه رياست ڪفر تي ته هلي سگهندي پر ناانصافيءَ تي ڪونه هلي سگهندي“ هاڻي جيڪو سنڌ جي مالڪن کي ئي سنڌ ڇڏي وڃڻ جا دڙڪا ٿا ملن ته پوءِ سنڌ جا وارث ايئن هڪڙي ئي دڙڪي ساڻ سنڌ ڇڏي ڪونه ويندا. هاڻوڪن سنڌين حاڪمن ۾ جيڪڏهن ڪي ڪمزوريون آهن ته انهيءَ جي اها معنيٰ ناهي ته سنڌي انڌا، ٻوڙا ۽ گونگا بڻجي ويا آهن. سنڌي آهن ئي امن پرست ۽ ڏاڍا ٿڌا ۽ تڪڙ ڪونه ڪن، پر اهي ٿڌا ماڻهو جڏهن گرم ٿي اٿيا ته پوءِ خداءِ جي پناهه. ٻيلي خدارا اهڙا دڙڪا دهمان نه ڏيو ۽ قرب جي ڳالهه ڪيو ۽ قرب ونڊيوته ڏاڍو ڀلو ٿيندو. ڇو جو انگريزي ۾ چوڻ آ ته: ”Love Begets love and hate breeds hate“ ”قُربُ پيدا ڪندو آ قرب کي ۽ حقارت ۽ نفرت جنم ڏيندي آ نفرت ۽ حقارت کي“ پر مفاد پرستي هڪڙي اهڙي ته بيماري آ جنهن جو علاج گهٽ ۾ گهٽ ڪنهن حڪيم وٽ ڪونهي، اها مفاد پرستي ۽ لالچ ڇڏيو ۽ منهنجي هن عرض کي دل ساڻ هنڊايو جو چيو اٿم ته: ”جي سنڌي آن ته سنڌي ٿيءُ، جي هِندي آن، ته هِندي ٿيءُ، ڦٽي ڪر ڦير ۽ ڦندا، اسان سنڌين سان سنڌي ٿيءُ. عبدالوحيد ڪٽپر عوامي آواز جي ٿورن سان
جواب: آل انڊيا مسلم ليگ 1946 واري قرارداد اوهان جي مهرباني اصل ۾ سنڌ کي پاڪستان جي حوالي ڪندڙڻ ۾ به پنهنجا ئي قصوروار آهن۔ جن انگريزن ۽ هندن کان جان ڇڏائڻ لاء پاڪستان جي تحريڪ ۾ وڏو حصو ورتو۔ نه صرف اهو پر سنڌ اسيمبلي پاڪستان جي حمايت ۾ بل به پاس ڪيو۔ ان وقت جي ڪيل غلطين سبب هاڻ اسين اهڙي ته ڌٻڻ ۾ ڦاٿا آهيون جتان جان ڇڏائڻ سولو ڪم ناهي۔ ڪاش اسان جي داناء دوستن ان وقت آزاد سنڌ جي گهر ڪئي هجي ها ته اڄ اسان اهن حالتن ۾ نه هجون ها۔ هاڻي به گهر گهر وڃي ماڻهن کي قائل ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ خود مختياري لاء ماڻهن کي تيار ڪرڻو آهي۔ پر افسوسو جو سنڌ جي ڪجهه اهم شهرن تي اسان سنڌين جو نه ته ڪنٽرول رهيو آهي ۽ نه ئي اڪثريت۔ اسان ته اڃان قبيلائي جهيڙن ۽ ڪارو ڪاري جي ريتن رسمن مان ئي ڪونه نڪتا آهيون۔ اسان کي پنهنجي تعليم ۽ تعليمي سڌارن ڏانهن ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي۔
جواب: آل انڊيا مسلم ليگ 1946 واري قرارداد سٺو ليک آهي ۽ حقيقتن تي پڻ مبني آهي ، اصل ۾ 1940 واري قرارداد تي عمل نه ٿيڻ ڪري اهي مسئله ٿيا آهن ، هن مان اها ڳالھ جيڪا ادي سليمان وساڻ ڪئي اهي تنهن سان سهمت نه ٿي سگهيس ، حقيقت اها آهي ته سڀ ڪجه پنهنجي جاءِ تي درست هو پر ڪن مفاد پرستن حقيقتن کي پٺي ڏئي ذاتي مفاد کي ترجيح ڏنو ملڪ کي جنهن بنياد تي بڻايو ويو ۽ جنهن جنهن هن ۾ حصو ورتو سي سڀ نيڪ نيتي تي هو پر بعد ۾ اصول کان انحرافي ڪندڙن ۽ مفاد پرستن ملڪ پاڪستان کي غلط راه ڏانهن گامزن ڪري ڇڏيو تنهن ڪري اسان کي اهي ڏينهن ڏسڻا پيا ، اڄ به جيڪر جنهن ڳالھ تي پاڪستان حاصل ڪيو ويو هو عمل ڪيو وڃي ته حالتون صحيح ٿي سگهن ٿيون ، صوبن کي پنهنجا حق ڏنا وڃن ، خودمختاري جو ڀرم رکيو وڃي ، اسلامي قانون سازي ڪئي وڃي پوءِ ڏسجي ته ڪئين نه ملڪ ترقي ٿو ڪري ۽ اهي نفرتون ختم ٿين ٿيون ، حڪمرانن کي هن ڳالھ ڏانهن ضرور سوچڻ گهرجي اڄ حڪومت جون واڳون به سنڌين وٽ آهي ۽ اهوئي موقعو آهي ته حڪومت 1940 واري قرارداد تي عمل ڪرائي شايد وري ڪو اهڙو موقعو ٻيهر نه ملي ، اسين هميشه پنجاب تي انگريون کنيون آهن جيڪر هاڻي سنڌي حڪمرانن ساڳي روش اپنايو ته هنن ۾ ۽ اسين سنڌين ۾ ڪهڙو فرق وڃي بچندو
جواب: آل انڊيا مسلم ليگ 1946 واري قرارداد جي سنڌي آن ته سنڌي ٿيءُ، جي هِندي آن، ته هِندي ٿيءُ، ڦٽي ڪر ڦير ۽ ڦندا، اسان سنڌين سان سنڌي ٿيءُ. عبدالوحيد ڪٽپر محترم عبدالوحيد ڪٽپر، جيڪو ڀٽي جي زماني ۾ شايد وڪيل کان وزير ٿيو هو ۔۔۔ ماڻهون ته ڏاهو آهي پر ڀٽي صاحب کي مارائي سنڌ ڇڏي هليو ويو ۽ هاڻ سنڌ کان نڪري وڃڻ کانپوءِ شايد سندس مت کلي آهي ۽ حب الوطن ٿي ويو آهي ۔۔۔ جو اهڙا سهڻا مٿي ڏنل بيت به ٿو جهونگاري ۔۔۔ چوندا آهن شام جو ڀليل صبح جو موٽي اچي ته ان کي ڀليل ناهي چئبو جيئن دين ۾ توبهه جا دروازا هميشه کليل هوندا آهن۔ ڳالهه ڪٽپر صاحب به ڪارائتي ڪئي آهي ته سليمان وساڻ به ماضيءَ جون غلطيون جيڪي نيڪ نيتي ۾ ئي سهي پر هيون غلطيون سي ڪيون ويون ۽ سنڌ کي بجاءِ ڪجهه ڏاهن جيئن الله بخش سومري يا پير سائين پاڳاري يا وري مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي دانهن جي به پاڪستان بدر ڪيو ويو ۔۔۔ خئير ڳالهه ته ادي محترم افتخار به ڀلي ڪئي آهي ته؛ شيطان کان اهو واعدو وٺڻ ته هو ماڻهن کي نه ورغلائيندو يا وري خونخوار جانور کي اهو سمجهائڻ ته هو خون نه ڪندو، ته ڇا شيطان پنهنجو ڪم ڇڏي ڏيندو يا خونخوار جانور خون پيئڻ ڇڏيندو ۔۔۔؟؟؟ ٻٻرن کان ٻير گهرندي ورهه ٿيا پر جنهن جي فطرت ۾ ٻير آهن ئي ڪون ته ملندا ڪٿان ۔۔۔؟؟؟ الله اوهانجي ڀلي ڪندو ۔۔۔