آرزو
سينيئر رڪن
منهنجا سائين! سن 1940ع واري لاهور واري قرارداد ۾ ته اهو ليکيو ويو هيو ته نئين ملڪ پاڪستان ۾ جيڪي به صوبا يا رياستون داخل ٿينديون اهي مڪمل آزاد ۽ خودمختيار هونديون.
پوءِ وري جڏهن سرمگٽئفورڊ ڪرپس پنهنجو سياسي ۽ آئيني نسخو کڻي آيو ته حال في الحال هڪڙي انڊين يونين ۾ داخل ٿيو، پر آئين ۾ اهو لکي ڏنو ويندو ته جيڪو به صوبو يا جيڪا به رياست مطمئن نه ٿئي اها رياست يا اهو صوبو بنا ڪنهن جهيڙي جهڳڙي جي ڏهن سالن کان پوءِ ڌار ٿي ٿو سگهي. ڳالهين ڪرڻ ساڻ اهو عرصو ڏهن سالن کنئون گهٽائي پنج سال ڪري سگهجي ها، پر مسلم ليگ وارن اها ڳالهه نه مڃي ۽ تاريخ 11 اپريل 1946ع تي لاهور ۾ انڊيا مسلم جي ورڪنگ ڪاميٽي ويٺي ۽ جوابي قرارداد پاس ڪيائين.
اهي يونٽ جيڪي هن نئين سيٽ اپ ۾ اچي گڏ ٿيندا اهي خودمختيار ۽ مڪمل آزاد رهندا.هاڻ جڏهن ان قرارداد جي آسري تي اسان وارو سنڌ جو صوبو جيڪو انگريزن جي فتح ڪرڻ کنئون اڳ هڪڙو آزاد ملڪ هيو، انهيءَ کي مٿيون ويساهه ڏئي جيڪڏهن ڦاسايو ويو ته انهيءَ قرارداد کي 14 آگسٽ 1947ع کان پوءِ عمل ۾ ڇو نه آندو ويو ۽ ڇو انهيءَ واعدي کي کڏ ۾ اڇليو ويو ۽ واعدي وفا جي بدران دغا ڪري سنڌ کي پاڪستان ملڪ جو ڄڻ ته هڪڙو فتح ڪيل زمين جو ٽڪرو سمجهيو ويو ۽ جيڪي وڻيو سو ڪري وڃي پار پيا ۽ هاڻي جڏهن سنڌي پنهنجن حقن جي تقاضا ٿا ڪن ته کين ڪافر ۽ غدار وغيره ڪري سڏيو ٿو وڃي. انصاف نه ڪرڻ جي ڪري مشرقي بنگال ته 17 سالن اندر ئي ڌار ٿي ويو ۽ هاڻي سندس ٽَڪو، هن پياري پاڪستان جي رپئي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ طاقت ٿو رکي.
ناانصافي ٿيڻ جي ڪري بلوچستان ته هاڻي اوهان کي تريون ئي ٽي ٿو هڻي ۽ ڀاڪر پائڻ ڪاڻ تيار ئي ناهي. حضرت علي عه جو قول امام غزائيءَ ورجايو آ ته ”ڪابه رياست ڪفر تي ته هلي سگهندي پر ناانصافيءَ تي ڪونه هلي سگهندي“
هاڻي جيڪو سنڌ جي مالڪن کي ئي سنڌ ڇڏي وڃڻ جا دڙڪا ٿا ملن ته پوءِ سنڌ جا وارث ايئن هڪڙي ئي دڙڪي ساڻ سنڌ ڇڏي ڪونه ويندا. هاڻوڪن سنڌين حاڪمن ۾ جيڪڏهن ڪي ڪمزوريون آهن ته انهيءَ جي اها معنيٰ ناهي ته سنڌي انڌا، ٻوڙا ۽ گونگا بڻجي ويا آهن. سنڌي آهن ئي امن پرست ۽ ڏاڍا ٿڌا ۽ تڪڙ ڪونه ڪن، پر اهي ٿڌا ماڻهو جڏهن گرم ٿي اٿيا ته پوءِ خداءِ جي پناهه. ٻيلي خدارا اهڙا دڙڪا دهمان نه ڏيو ۽ قرب جي ڳالهه ڪيو ۽ قرب ونڊيوته ڏاڍو ڀلو ٿيندو. ڇو جو انگريزي ۾ چوڻ آ ته:
”Love Begets love and hate breeds hate“
”قُربُ پيدا ڪندو آ قرب کي ۽ حقارت ۽ نفرت جنم ڏيندي آ نفرت ۽ حقارت کي“
پر مفاد پرستي هڪڙي اهڙي ته بيماري آ جنهن جو علاج گهٽ ۾ گهٽ ڪنهن حڪيم وٽ ڪونهي، اها مفاد پرستي ۽ لالچ ڇڏيو ۽ منهنجي هن عرض کي دل ساڻ هنڊايو جو چيو اٿم ته:
”جي سنڌي آن ته سنڌي ٿيءُ،
جي هِندي آن، ته هِندي ٿيءُ،
ڦٽي ڪر ڦير ۽ ڦندا،
اسان سنڌين سان سنڌي ٿيءُ.
عبدالوحيد ڪٽپر
عوامي آواز جي ٿورن سان