• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سرڪار پاران جلد 19 هزار استاد ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ آرزو
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

آرزو

سينيئر رڪن
سنڌ سرڪار پاران جلد 19 هزار استاد ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ سرڪار چيو آهي ته تمام جلد 19 هزار استادن جي ڀرتي ميرٽ تي ڪئي ويندي، ان ڏس ۾ سيڪريٽري تعليم سنڌ کي ٻن ٽن ڏينهن اندر انهن خالي جاين جا اشتهار اخبارن ۾ شايع ڪرڻ جي سخت هدايت ڪئي آهي، استادن جي ڀرتي جي سلسلي ۾ انهن جاين جو اشتهار اخبارن ۾ شايع ڪرڻ ۾ دير ڪرڻ تي ملوث آفيسرن جي خلاف تحقيقات جي پڻ هدايت ڪئي وئي آهي، اها ڳالهه سينيئر ۽ تعليم جي صوبائي وزير ڪالهه هتي سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي بهادر آباد ۾ واقع مئنيجمينٽ آپريشن آفيس جي دوري ڪرڻ دوران ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه جي دوران ڪئي، هن چيو ته تعليم کاتو سنڌ ۾ بهتر ۽ معياري تعليم جي فراهمي جي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، اسان سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو استادن جي ڀرتي ميرٽ تي ڪئي آهي، جڏهن ته آءِ بي اي ۽ سنڌ يونيورسٽي جهڙن معياري ادارن معرفت ميرٽ تي ڀرتي ڪيل استاد قابل تعريف ڪم ڪري رهيا آهن، جڏهن ته اها اسان جي لاءِ تمام گهڻي خوشي جي ڳالهه آهي ته انهن استادن مان هر ضلعي مان 5 کان 10 اهڙا استاد پبلڪ سروس ڪميشن جي معرفت آفيسر بڻجي ويا آهن، هن چيو ته مان تمام جلد سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي سهڪار سان هلندڙ اسڪولن جو دورو ڪندس.

روزانه ڪاوش جي ٿورن سان
 
جواب: سنڌ سرڪار پاران جلد 19 هزار استاد ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو

ادا تمام سٺي خبر آهي جو اسان جي سنڌ جو اسڪول نظام بهتر بڻجي رهيو آهي
نوا ۽ تعليم يافتا استاد ڀرتي ڪيا پيا وڄن
 
جواب: سنڌ سرڪار پاران جلد 19 هزار استاد ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو

ادا تمام سٺي خبر آهي خدا ڪري شل حقدارن کي حق ملي ۽ قابل استاد ڀرتي ٿين
 
جواب: سنڌ سرڪار پاران جلد 19 هزار استاد ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو

شال هن ڀيري ميرٽ تي استاد ڀرتي ٿين ۔۔ ڪو سنڌي تعليم جي ٻڏندڙ ٻيڙي کي سهارو ملي۔۔
 
جواب: سنڌ سرڪار پاران جلد 19 هزار استاد ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو

ادا بيروزگارن لاء هڪ روشني جي چمق آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر اڄڪلهه نوڪريون صرف جيالن کي ئي ملن پيون
 
Back
Top