عبدالرحيم
سينيئر رڪن
ڪراچي (بيورو رپورٽ) ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو حڪومت پاران بجيٽ سپورٽ لاءِ ورتل قرض هڪ هزار ارب رپين کان وڌي ويا، جڏهن ته حڪومت پاران ورتل ان قرض تي وياج جون ادائيگيون پڻ 4 سئو 84 ارب رپين کان وڌي ويون آهن، اسٽيٽ بئنڪ پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب حڪومت پاران گذريل سال ورتل قرضن جي ڀيٽ ۾ هن سال ساڳئي عرصي دوران ورتل قرضن ۾ هڪ سئو 42 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، اسٽيٽ بئنڪ موجب گذريل مالي سال دوران حڪومت بجيٽ فنانسنگ لاءِ 4 سئو 18 ارب رپيا قرض ورتو هو پر هلندڙ سال پهرين جولاءِ کان 6 اپريل کان حڪومت پاران بجيٽ سپورٽ لاءِ ورتل قرض هڪ هزار 14 ارب رپيا ٿي ويو آهي جيڪو ملڪي تاريخ ۾ ڪنهن به حڪومت پاران بئنڪنگ سسٽم کان ورتل سڀ کان وڏو قرض آهي. اسٽيٽ بئنڪ جي انگن اکرن موجب حڪومت 9 مهينا ۽ 6 ڏينهن دوران ڪمرشل بئنڪن کان 7 سئو ارب رپيا ۽ مرڪزي بئنڪ کان 3 سئو 4 ارب رپيا قرض ورتو آهي، معاشي ماهر جو چوڻ آهي ته حڪومت هن وقت تائين پرڏيهي امداد جي اُميد تي قرض وٺي رهي آهي پر جيڪڏهن انهي امداد ملڻ ۾ دير ٿيندي ته مالي خسارو سنگين صورتحال اختيار ڪري ويندو جنهن سان مهانگائي ۾ واڌ جو امڪان آهي. هوڏانهن اسٽيٽ بئنڪ پاران جاري ڪيل پنهنجي هڪ ٻي پڌرائي موجب مالي سال جي 8 مهينن دوران مقامي حڪومتي قرضن تي وياج جي ادائيگي 4 سئو 84 ارب رپين کان وڌي وئي آهي حڪومتي خرچن لاءِ بئنڪاري نظام کان وڌندڙ مهانگن قرضن سبب انهن تي وياج جي ادائيگي ۾ هلندڙ سال 8 مهينن دوران 23 سيڪڙو واڌ ٿي آهي اهڙي طرح جولاءِ کان فيبروري 2012ع تائين وياج جي ادائيگين جو بار 394 ارب رپين کان وڌي 4 سئو 84 ارب 10 ڪروڙ رپين تائين پهچي چڪو آهي، ان دوران مستقل قرضن تي وياج جي ادائيگي ۾ 83 سيڪڙو، فلوٽنگ قرضن تي 5 سيڪڙو ۽ اَن فنڊيڊ قرضن تي وياج جي ادائيگي ساڍا 23 سيڪڙو وڌي وئي آهي. جڏهن ته معاشي ماهرن خدشو ظاهر ڪيو آهي ته پرڏيهي فنڊن جي گهٽتائي سبب حڪومت جي مقامي قرضن ۾ واڌ ٿي رهي آهي جنهن سان مستقبل ۾ به قرضن تي وياج جي ادائيگين ۾ واڌ ٿيندي.