هوئن ته اڳ به ڪئي دفعا گوگل جي فائيل اسٽوريج سروس جون افواهون هليون آهن پر تازو ڪمپني جي اطلاعن موجب مٿئن هفتي باقائده هن سروس جو آغاز ڪيو ويندو۔۔۔ هن سروس تحت گوگل پنهنجي ڪسٽمرز کي 5 گيگابائيٽ تائين ڊيٽا اسٽور ڪرڻ جي سهولت ڏيندي۔۔ ۽ جي توهان کي وڌيڪ جڳهه کپي ته سستي قيمت ۾ حاصل ڪري سگهو ٿا۔۔۔ جيڪڏهن گوگل جي هن سروس جو مقابلو اڳ ئي موجود ڊراپ باڪس سان ڪجي ته گوگل هر لحاظ کان بهتر لڳندي۔۔ ڇو ته گوگل کان اڳ ايمازون، ايپل ۽ مائڪرو سافٽ به آن لائين سٽوريج مهيا ڪري رهيا آهن ان ڪري گوگل کي پنهنجي سروسز کي پائدار بڻائي مارڪيٽ ۾ جڳهه ٺاهڻي پوندي۔۔۔ ٻڌو ته اهو به آهي سخت مقابلي جي ڪري گوگل هن سروس لاءِ ونڊوز سان گڏو گڏ موبائيل آپريٽنگ سسٽم جهڙوڪ اينڊروائيڊ ۽ آئي او ايس جي لاءِ به ايپليڪيشنس ٺاهيندي۔۔۔ گوگل جي هي نئين سروس يقينن جي ميل ۽ گوگل جي ٻين سروسز استعمال ڪندڙن لاءِ وڌيڪ لاڀائتي جتي هو پنهنجي سموري معلومات ۽ فائيلز جو بيڪ اپ رکي سگهندا۔۔۔
جواب: گوگل طرفان عنقريب فائل اسٽوريج گوگل ڊرائيو لانچ ڪرڻ جو فيصلو۔۔۔ سائين ٻي ڳالهه ته گوگل ڊرائيو 5 گيگا بائيٽ اسپيس فراهم ڪندي۔۔ واه واه ٿي ويندي سائين۔۔
جواب: گوگل طرفان عنقريب فائل اسٽوريج گوگل ڊرائيو لانچ ڪرڻ جو فيصلو۔۔۔ سر اوهان اينڊروائيڊ جي باري ۾ ڪجھ وڌيڪ تفصيل سان ٻڌايو ته اينڊروائيڊ ٽيڪنالاجي ڇا آهي؟ ۽ ڪهڙين موبائلن ۾ فراهم ڪئي پئي وڃي؟
جواب: گوگل طرفان عنقريب فائل اسٽوريج گوگل ڊرائيو لانچ ڪرڻ جو فيصلو۔۔۔ سائين مهرباني جو اوهان ايڊوانس ۾ اهڙي ڄاڻ ڏني۔۔۔ خوشي ٿي کو ته اسان مفت خور گوگل جا ٿورائتا آهيون جنهن اسان کي مفت ۾ گهڻو ڪجهه مهيا ڪيو آهي۔ اينڊروائيڊ اصل ۾ سمارٽ فونز ۽ ٽيبليٽ پي سي لاء لينڪس بيسڊ آپريٽنگ سسٽم آهي۔ اينڊروائيڊ سيٽ گهڻو مقبوليت ماڻي رهيا آهن ۽ هڪ سروي موجب سمارٽ فون مارڪيٽ ۾ 33 فيصد اينڊروائيڊ جو حصو آهي۔ اينڊروائيڊ اوپن هينڊ سيٽ الائنس پاران هلايو پيو وڃي جيڪاگوگل جو حصو آهي۔ هن وقت ايڇ ٽي سي، سوني ايرڪسن، هائر، موٽرولا، سامسنگ ۽ ٻيا ڪيترائي سمارٽ فون اينڊروائيڊ ٽيڪنالاجي بيسڊ آهن۔
جواب: گوگل طرفان عنقريب فائل اسٽوريج گوگل ڊرائيو لانچ ڪرڻ جو فيصلو۔۔۔ ادا رشيد ۽ ادا سليمان تمام بهترين معلومات ونڊ ڪرائي آهي گوگل جي اهڙي سروس کان پوئي واقعي ۾ اسان لائي وڌيڪ سهولت ٿي ويندي