افتخار علي چوهاڻ
سينيئر رڪن
فريال،حفضه ۽ حليمه پاران مڙسن سان گڏ رهڻ جي خواهش،
سپريم ڪورٽ مرضي موجب زندگي گذارڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي
اسلام آباد(رپورٽ: اصغر خانوٺي) سپريم ڪورٽ پاران هندو نارين ڊاڪٽر لتا، رنڪل ڪماري ۽ آشا کي پنهنجي مرضي موجب رهڻ جي اجازت، پوليس موجب ٽنهي نارين پنهنجي مڙسن سان گڏ رهڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي، ڪالهه چيف جسٽس افتخار چوڌري جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ جسٽس عارف خلجي ۽ جسٽس پرويز هندو نارين پاران اسلام قبولي شادي ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ته پاڪستان هندو ڪائونسل پاران يوسف لغاري، منير اي ملڪ، ڊاڪٽر امر لال، بشير شر پيش ٿيا، جڏهن ته نويد شاهه پاران مجيب پيرزادو پيش ٿيو، ان موقعي تي چيف جسٽس پاڪستان هندو ڪائونسل جي وڪيلن کي دليل ڏيڻ جي اجازت نه ڏني ۽ چيو ته نارين جا والدين اچن ها، پاڪستان هندو ڪائونسل جو ان معاملي ۾ ڇا وڃي، ان کانپوءِ ان کانپوءِ نويد شاهه جي وڪيل مجيب پيرزادو کي دليل ڏيڻ لاءِ چيو ويو ۽ هن عدالت کي ٻڌايو ته رنڪل ڪماري (فريال) جو 24 فيبروري تي اغوا جو ڪيس داخل ٿيو ته نويد شاهه رنڪل ڪماري کي اغوا ڪري کڻي ويو آهي ۽ زبردستي کيس اسلام قبولرايو ويوآهي، جڏهن ته 27 فيبروري تي رنڪل ڪماري (فريال) مقامي عدالت ۾ بيان ڏنو ته هن کي نه ڪنهن اغوا ڪيو آهي ۽ نه ئي هن زبردستي اسلام قبوليو آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته نويد شاهه ڇا ڪندو آهي، جنهن تي مجيب پيرزادو چيو ته هن شاهه لطيف يونيورسٽي مان ڊگري حاصل ڪئي آهي سندس والد جو ٽرانسپورٽ جو ڪاروبارآهي هن چيو ته نويد شاهه ۽ رنڪل ڪماري جو گهر هڪ ٻئي جي آمهون سامهون آهن، جنهن کانپوءِ چيف جسٽس نارين کي روسٽرم تي گهرايو، جتي آشا ڪماري بيان ڏنو ته هن جو نالو حليمه آهي هن پنهنجي مرضي موجب اسلام قبول ڪيو آهي شادي ڪئي آهي هو پنهنجي مڙس سان گڏ رهڻ چاهي ٿي، ان دوران ان جي وڪيل ايڊووڪيٽ شبير شر ڳالهائي جي ڪوشش ڪئي پر عدالت کيس اجازت نه ڏني، هن ٻڌايو ته آشا کي بلوچستان ۾ قيد ڪڍيو جنهن جا فوٽو موجود آهن، هو 3 ڀيرا وڪرو ٿي ڊي ايس پي 18 لک ڀنگ به ورتو جڏهن ته ان بعد رنڪل ڪماري (فريال) ۽ ڊاڪٽر لتا (حفضه) کي به روسٽرام تي آيون ۽ هنن هڪ ڪاغذ چيف جسٽس جي حوالي ڪيو ۽ هنن ڪجهه به نه ڳالهايو، جنهن کانپوءِ چيف جسٽس افتخار چوڌري ڊي آءِ جي سکر ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کي سختي سان هدايت ڪئي ته ناريون جيڏانهن به وڃڻ چاهين کين اتي تحفظ سان پهچايو وڃي. جيڪڏهن نارين کي ڪو به نقصان پهتو ته ان جا ذميوار اوهان هوندا، چيف جسٽس حڪم ڏنو ته رنڪل ڪماري (فريال) ۽ ڊاڪٽر لتا (حفضه) جو رجسٽرار آفيس ۾ بيان ورتو وڃي ۽ هو جيڏانهن وڃڻ چاهين انهن کي هوڏانهن موڪليو وڃي، جنهن کانپوءِ نارين کي رجسٽرار آفيس نيو ويو، جتي پوليس موجب ٻنهي نارين پنهنجي مڙس ڏانهن وڃڻ جو بيان ڏنو، جنهن کانپوءِ پوليس فريال ۽ ڊاڪٽر حفضه کي بڪتربند گاڏي ۾ سپريم ڪورٽ مان وٺي وئي، ٻنهي نارين کي ڪراچي منتقل ڪيو ويو، جتان مڙس حوالي ڪيو ويندو. جڏهن ته ان سڄي ڪارروائي دوران نارين پنهنجي والدين سان گڏ رهڻ جو هڪ موقعي تي به بيان نه ڏنو، ايتري قدر جو رنڪل ڪماري جنهن گذريل ٻڌڻي تي پنهنجي امڙ سان گڏ رهڻ جو بيان ڏنو هو، هن اتي اهو بيان به ڏنو، ڪارروائي ختم ٿيڻ کانپوءِ ٽنهي نارين کي رجسٽرار جي ڪمري ۾ آندو ويو، اتان سندن بيان وٺي کين پنهنجي مڙس حوالي ڪيو ويو.
روزانه عبرت اخبار19،4،2012
رنڪل ڪماري عرف فريال بي بي ، آشاعرف حليمه ۽ ڊاڪٽر لتا عرف حصفه بي بي پنهنجن مڙسن سان وڃڻ جو فيصلو ڪري ورتو
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) مذهب تبديل ڪري پسند جو پرڻو ڪندڙ ناريون رنڪل ڪماري عرف، فريال بي بي ، آشاعرف حليمه ۽ ڊاڪٽر لتا عرف حصفه ب پنهنجن مڙسن سان وڃڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. پوليس موجب ٽئي ناريون سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ کانپوءِ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي رجسٽرار جي آفيس ۾ بيان رڪارڊ ڪرائي اهڙو فيصلو ڪري ورتو آهي. ڊي آءَ جي لاڙڪاڻو سائين رکيو ميراڻي چيو آهي ته رنڪل ڪماري ۽ ڊاڪٽر لتا کي ڪراچي وٺيو پيا اچون. جڏهن ته آشا عرف حليمه بي بي پنهنجي مڙ س بشير لاشاري سان گڏ اسلام آباد ۾ رهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ناريون جتي چاهينديون اتي موڪليو ويندو. انهن جي تحفظ اسان جي ذميواري آهي کين مڪمل تحفظ فراهم ڪيو ويندو. ٻئي طرف سندن وارثن ۽ هندو برادري معاملي کي سنگين سازش قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو آهي. سندن چوڻ آهي ته اهو ئي بيان سپريم ڪورٽ کليل ڪورٽ ڏياري ته انصاف ليکيو وڃي ها
روزانه سوڀ اخبار19،4،2012