
صدين پراڻو سوال ته پهرين مرغي آئي يا انڊو ۾ هڪ نئون رخ سامهون آيو آهي۔۽ اهو نئون رخ سري لنڪا جي گادي واري شهر ڪولمبو ۾ آيو آهي جتي هڪ مرغي بغير انڊي جي چوزو ڏنو آهي۔ بجا انهي جي جو مرغي انڊو ڏي ها ۽ 21 ڏينهن انهي کي گرمائش ڏي ها اهو چوزو 21 ڏينهن مرغي جي اندر ئي رهيو ۽ ان کي مصنوئي گرمائش ملندي رهي ۽ مرغي جي اندر ئي پلجندو رهيو۔
اطلاعات موجب چوزو صحت مند آهي پر مرغي مري وئي۔ انهي علائقيق ۾ جانورن جي خيال رکڻ لا مقرر آفيسر پي آر يا پا موجب ڪڏنهن اڳ ۾ اهو ٿيندي ناهي ڏٺو۔ هُن جو چوڻ هو ته هنن مرغي جون باقيات ڏٺيون آهن۔
پي آر يا پا موجب اندي جي نشونما مرغي جي اندر ئي ٿيندي آهي۔ مرغي جي پوسٽ مارٽم مطابق مرغي جي موت اندروني زخم سبب ٿي آهي۔
ڪولمبو مان بي بي سي جي نمائندي موجب سري لنڪا جي ميڊيا انهي واقعي کي نمايان ڪوريج ڏني آهي ۽ سري لنڪا جي اخبار روزاني مرر اها سرخي ڏني آهي ته “مرغي پهرين آئي هئي۔ نه ڪي انڊو“
بي بي سي اردو ڊاٽ ڪام جي ٿورن سان