مشتاق ڦل : پيار ، پريت، سچ ۽ سونهن جي اظهار جو سگهارو شاعر
محمد سليمان وساڻ
سنڌ ڌرتي خوبصورت اظهار ڪرڻ وارن شاعرن، اديبن، سگهڙن ۽ نثر نويسن جي ڌرتي رهي آهي جيڪي ماضي حال ۽ مستقبل جي واقعن کي پنهنجي سٽن ۾ سميٽڻ جو هنر ۽ علم رکن ٿا. هو پنهنجي قلم ذريعي خوبصورت لفطن جي مالها پوئيِ هڪ دلڪش تصوير بڻائيندا آهن، اهڙي تصوير جنهن جي چهري کي ڏسڻ ۽ پڙهڻ سان دل جي مکڙي فرحت ۽ درد جي عجيب ڪيفيتن مان گذرندي آهي. اهڙن ئي ناليوارن شخصيتن مان هڪ شخصيت آهي ضلعي خيرپور جي تاريخي شهر ٽالپر وڏا ۾ جنم وٺندڙ خوبصورت احساسن جو شاعر ڊاڪٽر مشتاق ڦل. ڊاڪٽر مشتاق هڪ اهڙو شاعر آهي جنهن وٽ ڏات سان گڏ ڏانء به آهي، هو لفظن کي پيش ڪرڻ جو هنر خوب ڄاڻي ٿو ۽ سندس لفظ خوشبو بڻجي ماحول کي مهڪائي ڇڏين ٿا.
ڊاڪٽر مشتاق حسين ڦل 20 اپريل 1966 ع تي ٽالپر وڏا تعلقه ڪوٽڏجي ضلع خيرپور ۾ جنم ورتو . پرائمري تعليم ۽ مئٽرڪ ٽالپر وڏا مان ئي حاصل ڪيائين. انٽرميڊيٽ سپيريئر سائنس ڪاليج خيرپور مان پاس ڪيائون. ان کانپوء ايم بي بي ايس چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو مان 1991 ۾ پاس ڪيائون ۽ ڊاڪٽري جهڙي مسيحائي پيشي سان لاڳاپجي ويا ۽ هن وقت به پاڻ ڪنب ۾ فيض ميڊيڪل سينٽر هلائي رهيا آهن ۽ پنهنجي پيشي سان وفادار آهن. ڊاڪٽر مشتاق ڦل 2007 ۾ شاهه عبدللطيف يونيورسٽي خيرپور مان سوشيالاجي ۾ ماسٽرس به ڪئي.
مشتاق ڦل جي اصل سڃاڻ هڪ خوبصورت ۽ حساس شاعر جي حيثيت ۾ ٿي آهي. سندس شاعري خاص ڪري غزل ۽ نظم ۾ لفظن جي ادائيگي ۽ جذبن جو اظهار نرالو ۽ عاشقانه آهي. سندس گيت ۽ غزل ۾ رواني ۽ جدت پڻ آهي. سندس شاعري جي شروعات ڄڻ ته ڄامشوري جي هوائن ۽ سندر نارين سان مهڪندڙ فضائن مان ڦٽي نڪتي هجي. اهوئي سبب آهي جو سندس شاعريء جي پهريون ڪتاب هوء ، مان ۽ ڄامشورو ۾ ڇپنجندڙ شاعري ڄڻ ته يونيورسٽي ۽ ڄامشوري جي رومانٽڪ ماحول جي چوگرد پئي ڦري.
اوهان وار کوليا ته خوشبو کلي وئي
هوا ڄامشوري جي ڄڻ ڪا گهلي وئي
هوا ڄامشوري جي ڄڻ ڪا گهلي وئي
مشتاق ڦل جي شاعري ناليوارن ڳائڻن مرحوم سرمد سنڌي، برڪت علي، شفيع فقير، صادق فقير ۽ ٻين ڳائي داد حاصل ڪيو. ڊاڪٽر مشتاق يارن جو يار ۽ دوستي نڀائڻ جو ڪوڏيو آهي، جنهن جو اظهار هن پنهنجي شاعريء ۾ پڻ ڪيو آهي.
دوستيءَ کي ئي وڌائڻ ٿـو گُهـري
دشمنيءَ جـا پيــر ڊاهڻ ٿو گهري
نفرتن جـي شهر ۾ ”مشــتاق ڦُل“
محبـتن جا گُل ورهــائڻ ٿو گهري
دشمنيءَ جـا پيــر ڊاهڻ ٿو گهري
نفرتن جـي شهر ۾ ”مشــتاق ڦُل“
محبـتن جا گُل ورهــائڻ ٿو گهري
شاعريء کانسواء مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪالم ۽ مضمون به لکندا رهيا آهن. انکانسوا پاڻ هڪ سفرنامو به لکيو اٿن . ڊاڪٽر مشتاق جا هيٺيان ڪتاب ڇپيا آهن :
هوءُ مان ۽ ڄامشورو - شاعري - 2000
ڪلنگيء جو ڪلپار – مضمون (ترتيب) 2012
دل ته چوي ٿي - شاعري - 2010
يورپ جا يارهن ڏينهن - سفرنامو (ڇپائيء هيٺ)
پاڻ سنڌي ادبي سنگت جا سرگرم ميمبر ۽ هن وقت سنگت جا مرڪزي سيڪريٽري جنرل پڻ آهن. سنگت جي پليٽ فارم تان سنڌ جي مسئلن خاص ڪري سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ ۽ هر قومي مسئلي تي پاڻ سرگرم رهيا آهن. هن وقت هڪ اهم پراجيڪٽ سنگت ڪمپليڪس جي بلڊنگ لاء ڪيترو ئي وقت صرف ڪري رهيا آهن ته جيئن ايشيا جي سڀ کان وڏي ادبي تنظيم کي پنهنجي عمارت جا مالڪ بڻائي سگهن.
ڊاڪٽر مشتاق جي ٻي سڃاڻپ سندن سماجي خدمتون آهن. پاڻ هن وقت به سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سِگا) ڪنب جا جنرل سيڪريٽري آهن ۽ هن کان اڳ ٻه دفعا سِگا جا صدر به رهي چڪا آهن. ڊاڪٽر مشتاق هڪ بهترين ، ملنسار ، ايماندار ، سچار، محنتي ۽ انسان دوست ماڻهو آهي. اڄ سندس 46 هين سالگرهه جي موقعي تي اسان دعاگو آهيون ته شال سنڌ جو هي ڏاهو ڏات ڌڻي سدا خوش رهي ۽ پنهنجي عمل ۽ قلم ذريعي اهڙيون تخليقون ارپي جيڪي قوم لاء سجاڳي جو سبب بڻجن.