مشتاق ڦل : پيار ، پريت، سچ ۽ سونهن جي اظهار جو سگهارو شاعر (جنم ڏينهن تي ڀيٽا)

'جنم مبارڪ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏20 اپريل 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    [JUSTIFY]
    مشتاق ڦل : پيار ، پريت، سچ ۽ سونهن جي اظهار جو سگهارو شاعر
    محمد سليمان وساڻ

    سنڌ ڌرتي خوبصورت اظهار ڪرڻ وارن شاعرن، اديبن، سگهڙن ۽ نثر نويسن جي ڌرتي رهي آهي جيڪي ماضي حال ۽ مستقبل جي واقعن کي پنهنجي سٽن ۾ سميٽڻ جو هنر ۽ علم رکن ٿا. هو پنهنجي قلم ذريعي خوبصورت لفطن جي مالها پوئيِ هڪ دلڪش تصوير بڻائيندا آهن، اهڙي تصوير جنهن جي چهري کي ڏسڻ ۽ پڙهڻ سان دل جي مکڙي فرحت ۽ درد جي عجيب ڪيفيتن مان گذرندي آهي. اهڙن ئي ناليوارن شخصيتن مان هڪ شخصيت آهي ضلعي خيرپور جي تاريخي شهر ٽالپر وڏا ۾ جنم وٺندڙ خوبصورت احساسن جو شاعر ڊاڪٽر مشتاق ڦل. ڊاڪٽر مشتاق هڪ اهڙو شاعر آهي جنهن وٽ ڏات سان گڏ ڏانء به آهي، هو لفظن کي پيش ڪرڻ جو هنر خوب ڄاڻي ٿو ۽ سندس لفظ خوشبو بڻجي ماحول کي مهڪائي ڇڏين ٿا.

    ڊاڪٽر مشتاق حسين ڦل 20 اپريل 1966 ع تي ٽالپر وڏا تعلقه ڪوٽڏجي ضلع خيرپور ۾ جنم ورتو . پرائمري تعليم ۽ مئٽرڪ ٽالپر وڏا مان ئي حاصل ڪيائين. انٽرميڊيٽ سپيريئر سائنس ڪاليج خيرپور مان پاس ڪيائون. ان کانپوء ايم بي بي ايس چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو مان 1991 ۾ پاس ڪيائون ۽ ڊاڪٽري جهڙي مسيحائي پيشي سان لاڳاپجي ويا ۽ هن وقت به پاڻ ڪنب ۾ فيض ميڊيڪل سينٽر هلائي رهيا آهن ۽ پنهنجي پيشي سان وفادار آهن. ڊاڪٽر مشتاق ڦل 2007 ۾ شاهه عبدللطيف يونيورسٽي خيرپور مان سوشيالاجي ۾ ماسٽرس به ڪئي.

    مشتاق ڦل جي اصل سڃاڻ هڪ خوبصورت ۽ حساس شاعر جي حيثيت ۾ ٿي آهي. سندس شاعري خاص ڪري غزل ۽ نظم ۾ لفظن جي ادائيگي ۽ جذبن جو اظهار نرالو ۽ عاشقانه آهي. سندس گيت ۽ غزل ۾ رواني ۽ جدت پڻ آهي. سندس شاعري جي شروعات ڄڻ ته ڄامشوري جي هوائن ۽ سندر نارين سان مهڪندڙ فضائن مان ڦٽي نڪتي هجي. اهوئي سبب آهي جو سندس شاعريء جي پهريون ڪتاب هوء ، مان ۽ ڄامشورو ۾ ڇپنجندڙ شاعري ڄڻ ته يونيورسٽي ۽ ڄامشوري جي رومانٽڪ ماحول جي چوگرد پئي ڦري.

    اوهان وار کوليا ته خوشبو کلي وئي
    هوا ڄامشوري جي ڄڻ ڪا گهلي وئي

    مشتاق ڦل جي شاعري ناليوارن ڳائڻن مرحوم سرمد سنڌي، برڪت علي، شفيع فقير، صادق فقير ۽ ٻين ڳائي داد حاصل ڪيو. ڊاڪٽر مشتاق يارن جو يار ۽ دوستي نڀائڻ جو ڪوڏيو آهي، جنهن جو اظهار هن پنهنجي شاعريء ۾ پڻ ڪيو آهي.

    دوستيءَ کي ئي وڌائڻ ٿـو گُهـري
    دشمنيءَ جـا پيــر ڊاهڻ ٿو گهري

    نفرتن جـي شهر ۾ ”مشــتاق ڦُل“
    محبـتن جا گُل ورهــائڻ ٿو گهري


    شاعريء کانسواء مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪالم ۽ مضمون به لکندا رهيا آهن. انکانسوا پاڻ هڪ سفرنامو به لکيو اٿن . ڊاڪٽر مشتاق جا هيٺيان ڪتاب ڇپيا آهن :

    هوءُ مان ۽ ڄامشورو - شاعري - 2000
    ڪلنگيء جو ڪلپار – مضمون (ترتيب) 2012
    دل ته چوي ٿي - شاعري - 2010
    يورپ جا يارهن ڏينهن - سفرنامو (ڇپائيء هيٺ)

    پاڻ سنڌي ادبي سنگت جا سرگرم ميمبر ۽ هن وقت سنگت جا مرڪزي سيڪريٽري جنرل پڻ آهن. سنگت جي پليٽ فارم تان سنڌ جي مسئلن خاص ڪري سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ ۽ هر قومي مسئلي تي پاڻ سرگرم رهيا آهن. هن وقت هڪ اهم پراجيڪٽ سنگت ڪمپليڪس جي بلڊنگ لاء ڪيترو ئي وقت صرف ڪري رهيا آهن ته جيئن ايشيا جي سڀ کان وڏي ادبي تنظيم کي پنهنجي عمارت جا مالڪ بڻائي سگهن.

    ڊاڪٽر مشتاق جي ٻي سڃاڻپ سندن سماجي خدمتون آهن. پاڻ هن وقت به سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سِگا) ڪنب جا جنرل سيڪريٽري آهن ۽ هن کان اڳ ٻه دفعا سِگا جا صدر به رهي چڪا آهن. ڊاڪٽر مشتاق هڪ بهترين ، ملنسار ، ايماندار ، سچار، محنتي ۽ انسان دوست ماڻهو آهي. اڄ سندس 46 هين سالگرهه جي موقعي تي اسان دعاگو آهيون ته شال سنڌ جو هي ڏاهو ڏات ڌڻي سدا خوش رهي ۽ پنهنجي عمل ۽ قلم ذريعي اهڙيون تخليقون ارپي جيڪي قوم لاء سجاڳي جو سبب بڻجن.

    [/JUSTIFY]
     
  2. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    جواب: مشتاق ڦل : پيار ، پريت، سچ ۽ سونهن جي اظهار جو سگهارو شاعر (جنم ڏينهن تي ڀيٽا)

    الله سائين مانواري مشتاق ڦل صاحب کي وڏي ڄمار عطا ڪري کيس سواءِ غَمِ حسين عليه سلام جي ٻيو ڪو غم نه ڏيکاريس ۔ سندس ڄمڻ جي ڏينهن تي ڍير ساتريون دعائون ڏيانس پيو خوش هوندو جهان ۾ رزق ڏيندس ڌڻي آمين ثم آمين ۔
    مبارڪباد ڪيئن ڏيان سندس زندگي جا پروردًگار کان وٺي آيو آهي در حقيقت اُن مان ته هڪ سال ته کُٽي پيو۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: مشتاق ڦل : پيار ، پريت، سچ ۽ سونهن جي اظهار جو سگهارو شاعر (جنم ڏينهن تي ڀيٽا)

    ساڳيو مضمون روزانه سڪار جي ايڊيٽوريل صفحي تي 20 اپريل جي ايڊيشن ۾ محترم ساجد سنڌي جي مهرباني سان پڻ ڇپيو آهي

    [​IMG]

    ڊاڪٽر مشتاق جي شاعريء مان ڪجهه چونڊ

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    ڊاڪٽر مشتاق جي شاعري ۽ سرمد سنڌيء جو مڌر آواز







    ڊاڪٽر مشتاق جي شاعري ۽ شفيع فقير جو آواز

     
    جي ايم چانڊيو هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    سنڌ سلامت سٿ پاران ڊاڪٽر مشتاق ڦل کي سندس جنم ڏڻ تي دلي واڌايون پيش ڪجن ٿيون. ساڳي وقت ڪالهه سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي چونڊن ۾ پاڻ ٽيون ڀيرو سيڪريٽري جنرل چونڊجي آيا آهن، کيس مبارڪون پيش ڪجن ٿيون.
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    20 اپريل ، سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦُل جي سالگرهه جي مناسبت سان

    هيپي برٿ ڊي ٽُو ڊاڪٽر مشتاق ڦل

    تحرير: اعظم ڀٽي

    واقفيت جا وڻ به هر ماڻهو سان مختصر لمحن ۾ وسائي ناهن سگهبا ، اعتماد جي پاڻي جو گهاٽي مقدار ۾ واهپو ئي مختصر لمحن ، ملاقاتن ۽ يادن کي احساس جي رشتي جي مضبوط ڏور ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ڪافي هُجي ٿو ، سو من جي مسجد ۾ ادبي آذان جي گُونجار ، اندر جي مندر ۾ ڀڄنن جي سُريلي آلاپ ، ادبي سنگت جي مانڊاڻ ملوڪ مُرڪ واري هڪ اهڙي مڻيادار شخص سان نينهن جي ناتي ۾ سوگهو ڪيو ، جنهن جي اندر جي انسان ۾ عزت ڏيڻ ۽ ڏيارڻ ، احترام ڪرڻ ۽ ڪرائڻ ، انسانيت جا سبق سکڻ ۽ سيکارڻ ، همت ، حوصلي ، سهپ ، رواداري ۽ اُتساهه جا جبل پار ڪرڻ جي نه رڳو بي انتها سگهه آهي پر ان سگهه کي تسلسل جا گلاب ارپي ، مسلسل ساٿ جي خوشبوءَ واري سفر ۾ گڏ کڻي هلڻ جي جرئت به آهي ، احساس جا رشتا جڏهن تقدس جو ڀرم رکڻ ۾ سوڀ جو وضو ساريندا آهن ته ان جي پائيداري کي ڪو به عارضي مفاد ڇيهو رسائي نه سگهندو آهي . ذاتي مفادن کان ڪوهين ڏُور نج ادبي مفادن سان سلهاڙيل جيڪڏهن مونکي ڪنهن شخص جو نالو کڻڻ لاءِ چيو وڃي ته آئون بنا ڪنهن گهٻراهٽ جي سنڌي ادبي سنگت جي روُح روان ڊاڪٽر مشتاق ڦُل جو نالو کڻن ۾ ڪا به دير نه ڪندس ، ادبي سنگت جي قافلي ۾ هڪ شاخ جي سيڪريٽري جي حيثيت ۾ جڏهن جمهوري انداز ۾ آئون شاخ جو سڪريٽري چونڊجي آيو هوس ته ان وقت منهنجي تصور ۾ به اها شيءِ نه هئي ته ڪو مرڪزي سيڪريٽري جنرل پهرين ئي ڏينهن مونکي فون ڪري مبارڪباد جا گلاب ارپڻ سان گڏ ، اُميدن جو هڪ مثبت جهان کولي منهنجي آڏو رکندو نه رڳو اُميدون پر انهن اُميدن تي اُتساهه جا رنگ به چِٽيندو ، مون لاءِ حوصلا افزائي جي ان کان وڌيڪ ڪا گهڙِي نه هئي ته منهنجو مرڪزي اڳواڻ به ٻين دوستن جي ڪيل فيصلي تي اعتماد ڪري ، منهنجي سوڀ ۽ اعتماد کي چنڊ جيان چمڪائي رهيو آهي . اُتساهه جي ان پاڻي منهنجي ادبي جذبن کي اهري ريت اُجاري اڇو ڪيو جو مون پنهنجي شاخ کي سنگت سنڌ جي ماڊل شاخ ثابت ڪري ڏيکاريو ، ان سفر ۾ ڊاڪٽر مشتاق ڦُل جي مڪمل رهنمائي ، منهنجي لاءِ پذيرائي جي ڪنهن معراج کان گهٽ ڪونه هئي ، اڄ ان شخص جي سالگرهه آهي ، جنهن مونکي ادبي پذيرائي جو شرف بخشيو ، سو ان جي شاندار ادبي وجود جي تائيد ڪرڻ کان سواءِ ڪيئن ٿو رهي سگهجي . مجموعي طور ڀلي کڻي ان جي ادبي ڪردار سان گهڻن ماڻهن کي اختلاف هُجي ، ان اختلاف جي نوعيت جا لوازمات ڀلي کڻي ڪهڙا به هُجن ، پر وقت جو منصف ۽ تاريخ جا صفحا ڪنهن جي به ڪردار تي چڙهيل يا ٿاپيل ڌُُنڌ کي گهڻو وقت لڪائي نٿا سگهن . تاريخ هميشه ڪردارن کي آئيني جيان چِٽو ڪري بيهاريو آهي ، مونکي به قوي اُميد آهي ته سنڌ جي تاريخ ، ڊاڪٽر مشتاق ڦُل جي ادبي ڪردار سان ڪا به ويساهه گهاتي ، ناانصافي يا زيادتي نه ڪندي ، ڇاڪاڻ جو ادبي سنگت جي مڪمل تاريخ ۾ جن به اديبن ، شاعرن ، دانشورن پنهنجو سرواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو آهي ، انهن کي منفرد مانُ ۽ مرتبو ملڻ وارا لمحا ڪنهن کان به لِڪل ناهن ، جنهن جيڪي ڪجهه ڪيو ان کي تاريخ ، اوتري ئي اهميت، عزت ، عظمت ۽ پذيرائي ارپي آهي . سچ ۽ حقيقت کي باهه ڏيڻ سان جيڪڏهن اهي شيون ختم ٿي وڃن ها ته سقراط ڪڏهن به خوشيءَ سان زهر جو پيالو نه پيئي ها ، خوشيءَ سان زهر جو پيالو پي موت قبولڻ کان پوءِ به هزارين سالن پُڄاڻان سقراط اڄ به سچ ۽ سوڀ جي علامت بڻيل آهي . مونکي حيرت ٿيندي آهي ته ڪجهه دوست ذاتي ۽ گروهي مجبورين جي ڏانوڻ ۾ ڦاسي عجيب قسم جي الزام تراشين کي پنهنجي رُوح جي غذا بنائي ڇڏيندا آهن ، هونئن به اسان جنهن سماج ۾ رهون ٿا ، اُتي حوصلا افزائي بجاءِ حوصلا شڪني جي موسم هميشه جوڀن ۾ رهندي آئي آهي . ذاتي پسند ۽ انائن جي خول ۾ رهي اسانجا اڪثر ذهن به ڏڏ ٿي ويا آهن ، تنهنڪري اهڙن ذهنن مان اهڙي قسم جون سوچون سرجي سگهجن ٿيون ، خير ڳالهه پئي هلي ڊاڪٽر مشتاق ڦُل جي ته هُن پنهنجي وس ۽ وِت آهر هر ڪوشش کي ممڪنات جي چادر اوڍائي سنڌي ادبي سنگت کي هڪ اهڙو جوڀن ارپيو ، جنهن ڪيترين ئي بدصورتين کي لِڪائي ، سنگت جي حقيقي سُونهن کي نروار ڪري ڇڏيو . آئون سمجهان ٿو ته سنگت ڊاڪٽر مشتاق ڦُل جي روزي روٽي جو مسئلو ڪڏهن به نه رهي آهي ، نه ئي هُن سنگت کي پنهنجي جاگير سمجهي هلائڻ جي ڪڏهن ڪوشش ڪئي آهي ، هڪڙي جمهوري انداز ۾ هو چونڊبو ۽ جدوجهد ڪندو رهيو، ڪري به رهيو آهي ، سنگت تي قبضي جا الزام هڻندڙ دوستن جي دل آزاري ڪرڻ کان سواءِ آئون اهو سوال ڪرڻ ٿو چاهيان ته سنگت جي تاريخ ۾ کوڙ اهڙا سرواڻ به رهيا آهن جن مان ڪي چار سال ، ڪي ٻه ٻه ،ٽي ٽي ڀيرا ، ڪي ست اٺ سال ته ڪي مسلسل يارنهن سال ادبي سنگت جا سرواڻ رهيا ، ان کي الزام لڳائيندڙ دوست ڪهڙو نالو ڏين ٿا ؟ منهنجي ناقص ڄاڻ موجب ماضي ۾ ته مرڪز صرف رابطه سيڪريٽرين سان لهه وچڙ تائين محدود رهي ڪاروبار هلائيندا هئا ، پر ڇا هن هڪ نئين روايت کي جنم نه ڏنو هو ته شاخن جي سيڪريٽري ، ڪائونسلرن توڙي عام ميمبرن سان به مسلسل رابطي ۾ رهي سنگت کي متحرڪ ڪرڻ ۾ ڪوشان رهيو ، جنهن جو آئون اکين ڏٺو شاهد آهيان پر مون جهڙا ڪيترائي ادبي ورڪر انهيءَ ڳالهه جي شاهدي ڏيندا . ماضيءَ ۾ سنڌ جون ڪيتريون شاخون، مرڪزي فيصلن جي روشني ۾ ۽ آئين جي پاسداري ڪندي پنهنجا اجلاس ۽ دستوري گڏجاڻيون يا ٻيون سرگرميون ڪنديون هُيون ، پر موجوده صورتحال ۾ ان جو تناسب ڪيترو آهي ؟ ڇا اهو سڀ ڪجهه پاڻهي ٿي ويو آهي ، جي ائين آهي ته پوءِ ان وقت پاڻهي ڇو نٿي ٿي سگهيو ، هُن جي مرڪزي قيادت ۾ سنڌ جو ڪهڙو مسئلو هو ، جنهن تي هُن اڳڀرائي وارو ڪردار ادا نه ڪيو هُجي ، ڪالاباغ ڊيم ، گريٽر ٿل ڪئنال ، قومي ٻولين جي مسئلي ، ثقافت کاتي جي زيادتين جو شڪار ٿيل سنڌي اديبن ، شاعرن ۽ دانشورن جي عملي پوئيواري ، گُم ٿيل قومي ڪارڪنن لاءِ آواز بلند ڪرڻ ، سماجي جبر جو شڪار ٿيل ماڻهن سان يڪجهتي ، انتها پسنديءَ جي يلغار آڏو بند ٻڌڻ جي ڪوشش ، زنده توڙي وفات ڪري ويل اديبن ۽ شاعرن کي ياد ڪرڻ ۽ کين ڀيٽائون ڏيڻ ، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪتابن جون مهورتون ، سنڌ جي ڪيترين ئي شاخن ۾ مختلف موضوعن تي ليڪچر ۽ ورڪشاپس، سنگت جي سالگرهه جون سڄي سنڌ ۾ تقريبون منعقد ڪرائڻ ، ساري سنڌ ۾ ثقافتي ڏهاڙن کي شانائتي نموني پذيرائي ڏياري ان کي پُرجوس انداز ۾ ملهائڻ ، مختلف مسئلن تي مظاهرا ۽ ريليون ، مادري ٻولين جو بِل رد ٿيڻ خلاف جدوجهد ، راشد مورائي کان وٺي سوڀي گيانچنداڻي ۽ سائين ابراهيم جويو تائين کين ڀيٽائون پيش ڪرڻ واريون سموريون سرگرميون ازخود ٿي رهيون هيون ڇا؟ ، ڇا ان ۾ ڪنهن به مرڪزي عهديدار جو ڪو به ڪردار ناهي ؟ اهو لازمي امر ناهي ته شاخن جي ڪارڪردگي ، ضلعي جي ڪارڪردگي ۽ ضلعن جي ڪارڪردگي مرڪز جي سالياني رپورٽن جو ذريعو يا وسيلو هوندي آهي ، سنگت جي اها ڪاميابي ڪنهن جي کاتي ۾ آهي ته سنڌ کان ٻاهر ، پرڏيهه ۾ به سنگت جون شاخون نئين سِري سان قائم ٿي سرگرم ٿيون ، اسان لاءِ اهو اُتساهه نئون نه هو ته پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ به نئين جوش ۽ جذبي سان سنگت جو بنياد پيو، اهو به دؤر هو جو سواءِ هڪ اڌ شاخن جي سرگرمين جي رپورٽ اخبارن ۾ شايع ٿيندي هئي ، پر هاڻي ته سوشل ميڊيا سموري پت وائکي ڪري رهي آهي ، ڇا سنڌ ۾ ٿيندڙ انهن ادبي سرگرمين جون سوشل ميڊيا تي ايندڙ سرگرميون ۽ انهن جا ڦوٽو سڀ ڍونگ آهن ، اها سموري حاصلات آخر ڪنهن جي کاتي ۾ وڃي ٿي . ماضي ۾ سنگت جا عام ڪارڪن مرڪزي عهديدارن کي سالن پُڄاڻان به پنهنجي اکين سان نه ڏسي سگهندا هئا ، ڊاڪٽر مشتاق ڦل ته خوشين جي ڪاڄن کان وٺي ڏُک وارن لمحن ۾ مقرر وقت اندر سرواڻي ڪندي خيرپور کان ڀٽ شاهه، لاڙڪاڻي کان حيدرآباد ، ٽنڊي الهيار کان عمرڪوٽ ، پني عاقل کان ٽنڊو محمد خان پهچيو ٿي ويو ، ڇا اهو سڀ رابطي جي کوٽ جو موت ناهي ؟ بلاشبه انهن سمورين شين کي راههِ راست تي آڻن ۾ ان سرواڻ جو ئي ڪردار ادا ڪيو آهي جيڪو چوندجڻ کان وٺِي ڪردارڪُشي جو نشانو بڻجندي به همت ۽ حوصلي جي دامن مان هٿ نه ڪڍي سگهيو ، جمهوري ڪلچر کي هٿي وٺرائي پنهنجو پاڻ تي اصلاحي تنقيد لاءِ هو سخت مخالفت ڪندڙ دوستن کي به ڳالهائڻ لاءِ ادارن اندر پورو پورو وقت ڏيندو رهيو ، نه ته ماضي ۾ اسان پنهنجي اکين سان ادارن جي گڏجاڻين ۾ توڙي دستوري اجلاسن ۾ سينيئر اديبن کي هڪٻئي جا پٽڪا لاهيندي ڏٺو ، ان حد تائين جو جوتن جي وسڪارن جي تاريخ به ڪنهن کان لِڪل ناهي ، ڇا اهو ادبي ذوق وارو زمانو هو يا ڊاڪٽر مشتاق ڦل وارو دؤر ، جنهن ۾ اهي سڀ ٽڪساٽ ٽُٽي ڀورا ٿيا .جيڪڏهن ادبي سنگت ۾ تبديلين جي ليِڪن کي ويهي لتاڙبو ته ان ۾ ڪيتري ئي نواڻ ۽ جدت پسندي جا جوهر جرڪندي نظر ايندا ، لڳ ڀڳ 60 سالن جي تاريخ ۾ ادبي سنگت جي حوالي سان پبليڪيشن واري شعبي جو ايمانداري سان جائزو وٺِي تناسب ظاهر ڪجي ته اڇا ڪارا پڌرا ٿي ويندا ، ڇا هن کان پهرين ادبي سنگت ٻارڙن جي حوالي سان پبليڪيشن جاري ڪرڻ واري تاريخ مرتب ڪري سگهي هئي ؟ ان خال جو پورائو ڪنهن جي کاتي ۾ وڃي ٿو ؟ ڊاڪٽر مشتاق ڦُل ادبي سنگت کي سيڙهي بڻائي اعلى سرڪاري عهدا ماڻڻ واري ڊوڙ ۾ شامل هجي ها ته شايد اڄ هو ڪنهن نه ڪنهن ڦرندڙ ڪُرسي تي براجمان ضرور هجي ها ، پر اهو شيوو شايد سندس شان وٽان نه هو ، ان حد تائين جو هو پنهنجي سالگرهه ملهائڻ جي آڇ تي به دوستن کي منع ڪندو رهندو آهي ، ان لاءِ به کيس ڪو ٻيو متبادل رستو ڳولڻو پوي ٿو ، نه ته سنڌي سماج ۾ ماڻهو پنهنجي کيسي مان خرچ ڪري پنهنجي شان ۾ قصيدا ڳارائڻ جون محفلون به ته منعقد ٿينديون رهيون آهن پر هو پنهنجي ذاتي خوشي وارن لمحن بجاءِ ادبي سرگرمين کي فوقيت ڏيڻ واري ڪِرت کي ساڃاهه ڀريو قدم سمجهي ٿو . مونکي خبر ناهي ته هي ليک ڪهڙين ۽ ڪيترين ناراضگين کي جنم ڏيندو پر ان جي باوجود به آئون ان راءِ جو آهيان ته جيڪو شخص جيتري عزت جو حقدار آهي ، ان کي اوتري عزت، اهميت ، پذيرائي ۽ حوصلا افزائي ڏيڻ تي جيڪڏهن ڪا بدشگوني ٿئي ٿي ته ان جي ازالي لاءِ ڪا ٻي مثبت راهه تلاش ڪري وٺبي پر گهٽ ۾ گهٽ انهن حقيقتن جو اعتراف ڪرڻ انتهائي ضروري آهي ته جيڪي شخص ادارا بڻجي خدمتن جا مينار جوڙين ٿا ، انهن کي ڪڏهن ڪِن سُٺن لفطن سان ياد ڪرڻ اسانجي اولين فرضن ۾ شامل هئڻ گهرجي . مثبت اصلاح جا موتي ڪڏهن به ضايع نٿا ٿين ، سو اچو ته انهن موتين کي وڌيڪ جرڪائڻ لاءِ ، سهپ ۽ روادري جي نئين تاريخ رقم ڪرڻ لاءِ ، ڪنهن ننڍڙي ئي سهي پر سُٺي ڪم تي ، بهتر ڪردار جي ادائيگي تي ، تخليق جي سگهه کي سُونهن ارپڻ واري قدم تي ، دوستين جا دامن صاف رکڻ واري ڪوشش تي ، سنگت کي ساهه جو سڳو سمجهي پائي هلڻ تي ، محبتن جي پرچار ڪرڻ تي ، سندس جنم ڏهاڙي تي سڀ گڏجي کيس اوڌايون ڏيون ، کيس ڪا لاڀائتي ارپنا ارپيون ته جيئن هن جي من ۾ ادبي خدمت جو ڪو نئون ۽ جديد سج اُڀري پوي ، اهو سج نه رڳو سنڌي ادبي سنگت کي پر سموري سنڌ کي روشني جي هڪ نئين لهر ڏئي سگهي ، جيڪا لهر سموري دنيا تائين ڦهلجي ۽ اسان سڀني لاءِ فخر جو سبب بڻجي ، اچو ته ڊاڪٽر مشتاق ڦُل کي گڏجي رُوح جي سمورين سچائين سان ، من جي پاتال مان ڦُٽي نڪتل تاڙين جي گُونج ۾ چئون ته “ هيپي برٿ ڊي ٽُو يُو “ ، هيپي برٿ ڊي ڊاڪٽر مشتاق ڦل ......!!!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو