رضوان گل جي شعري مجموعي ”پيار جي پهرين بارش“ تي هڪ نظر : ساجد سنڌي

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏21 اپريل 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,276
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    رضوان گل جي شعري مجموعي ”پيار جي پهرين بارش“ تي هڪ نظر
    هو ڀل بهشت جو داروغو ”رضوان“ نه هجي
    _______________________________
    ساجد سنڌي

    [JUSTIFY]من ڇڙواڳ جون مڙئي چلولايون ڪڏهن ڪڏهن مٺي مرڪ جي مٺاس ۾ ايترو ته تاثير ڀرين ٿيون جو چاهيندي به ان کان پاڻ پري نه ٿا ڪري سگهون. هينئر منهنجون اکيون ماضيءَ جي ڌنڌ ۾ ٽڪ ٻڌي بيٺل آهن. هڪ معصوم چهرو دنياوي الجهنن کان بي نياز مون سان گڏ اسڪول جي پارڪ ۾ ٽهڪ شيئر ڪري رهيو آهي، سندس ساڄي هٿ جون آڱريون ”سامي جا سلوڪ“ ڪتاب جي وچ ۾ وچڙيل آهن، هو مون جيان شاعري جي سٽن کي سمجهڻ ۽ سلجهائڻ بنا خوب رٽي رهيو آهي. اسان ٻنهي شاهه، سچل ۽ سامي سميت ٻين ڪيترن ئي شاعرن جي چونڊ شعرن کي حفظ ڪيو هو، ان وقت سوين شعر اَن ميچوئر ذهن جي ڪئنواس تي نقش ٿي چڪا هئا. بيت بازي جي مقابلي ۾ پاڻ اڳ کان اڳرا رهيا سين، ان معصوم احساسن سان متل مانڊاڻ جي مهڪ شايد پنهنجي وجود کي ايترو واسي ڇڏيو جو پاڻ ٻئي اڄ به شاهه، سچل ۽ سامي جي سٽن جي گهرائي ماپڻ لاءِ ڪوشان آهيون.

    ان معصوم دنيا کان شروع ڪيل سفر اڃان به روان دوان آهي، جنهن جي منزل جو پري پري تائين ڪو نانءُ نشان ناهي. ان وچ ۾ پاڻ ڪيترا پنا ڪارا ڪيا ۽ ڪيترن ڪتابن جو ورد ڪيو. ان جو ڪو ڪاٿو ڪونهي.

    اڄ هن جي اکين اڳيان اڇي عينڪ چڙهيل آهي، ڪتاب اڄ به سندس دوست آهن ۽ دوستي دلبرين سان ڀرپور ساڳي محبت ۽ معصوميت سان سرشار آهي. هو ڀل بهشت جو داروغو رضوان نه هجي پر کيس محبت ۽ معصوميت جو داروغو رضوان سڏڻ لاءِ دل سٽون ٿي کائي. ڇاڪاڻ ته رضوان جي ڪوتائن ۾ به ايتري ئي معصوميت ڀريل آهي جيتري سندس چهري تي نمايان نظر اچي ٿي. سندس اکين تان چشمو هٽائي ڏسڻ جي به ضرورت ناهي، رضوان گل ته ڪوَتا ڪاڪ جو اهو گل آهي جنهن جي مهڪ مومل جي طلسماتي تجربن کي به تاراج ڪري ڇڏي. ڀل ان کي ڪو منهنجي انفرادي سوچ سڏي پر پنهنجو ڪنهن به سوچ سان ڪو سروڪار ڪانهي:

    پيو وقت ٿو وار چاندي ڪري
    جواني ڪڏهن ڀي، وري ڪونه ٿي
    اسان سر اڏيءَ تي رکي ٿا ڇڏيون
    زبان ڪوڙ تي جو وري ڪونه ٿي.

    رضوان شاعري جي مختلف صنفن ۾ پنهنجي احساس جي اپٽار سان اندر جي اڃ اجهائيندو رهيو آهي، هن جا نفيس احساس ڄڻ پاڻ مرادو پنن تي پکڙجي ويا آهن، شايد ان ڪري ئي سندس غزلن ۾ هرڻيءَ جا ٽپا مختلف روپن ۾ پاڻ وڻائڻ لاءِ اتاولا آهن. هو سادن ۽ سلوڻن لفظن ۾ داخلي ۽ خارجي احساسن کي پنهنجي منفرد ڍنگ سان پنن تي پٿاريندو رهيو آهي ۽ لفاظيءَ جي ڄار کان پاڻ بچائيندي پنهنجو هڪ الڳ رستو جوڙيو آهي. رضوان گل هڪ ڀلوڙ نثر نويس طور ٻه عدد ڪتاب ڏئي ادبي کيتر ۾ پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ ٺاهي آهي. سندس شاعري جو هي پهريون شعري مجموعو ”پيار جي پهرين بارش“ به يقينن مڃتا جا موتي ميڙي کيس هڪ الڳ سڃاڻپ بخشيندو، توڙي جو اها ادب دوستن کي گهٽ خبر آهي ته شاعري ئي رضوان جي بنيادي سڃاڻپ آهي، شايد هو لکڻ جا اصل محرڪ نظم کان وڌيڪ پختگيءَ سان بيان ڪرڻ ۾ آساني محسوس ڪري ٿو. جڏهن ته شاعري جنهن لاءِ ارسطو پنهنجي ڪتاب (Poetics & Rhetoric) ۾ لکيو ته ”شاعري فلسفي کان وڌيڪ فڪر انگيز ۽ تاريخ کان وڌيڪ سبق آموز ٿئي ٿي“ جنهن مان پروڙ پوي ٿي ته شاعر وقت جا تاريخدان آهن، جيڪي پنهنجي دور جي سمورين وارتائن کي لفظن جي مالهائن ۾ پوئي هڪ اهڙي تاريخ رقم ڪن ٿا، جيڪا گهڻي وقت تائين مختلف دورن مٿان اثر انداز ٿيندي رهي ٿي. موجوده وقت ۾ شاعرن جي ڊگهي کيپ ۾ رضوان گل جون ڪوتائون به معاشرتي وارتائن جي ترجماني ڪندي نظر اچن ٿيون ته رومانس سان ڀرپور جذبن جون عڪاس به آهن.

    ڪنهن کي آٿت ڏين ٿا روئارن به ٿا
    لفظ مرهم جي آهن ته گهائن به ٿا
    __
    هي شعر منهنجي اندر جا اڌما
    هي لفظ منهنجي زبان آهن


    ڏسون ٿا ته دونهاٽيل دنيا جي پوتر ڌرتي بيگناهن جي رت سان ريٽيل ۽ عظيم گناهن سان داغدار ٿيل آهي. چوندا آهن ته هر دور ۾ تاريخ پاڻ کي ورجائيندي رهي آهي. موجوده حالتن پٽاندر رضوان گل جا ڪافي شعر غزلن توڙي ٻين صنفن ۾ وقت بوقت ٿيندڙ وارتائن جو آئينو بڻجي پاڻ طرف متوجه ڪندي پنهنجي ڪاهلي ۽ ڪانئرتا مٿان ٺٺوليون به ڪن ٿا.

    هر طرف وحشتون، نفرتون، ڪوڙ آ
    ڪنڌ ورائي سڄي هيءَ صدي ٿا ڏسون
    __
    گل کي گولين سان اڏايو ويو
    فرش تي پکڙيل هر پتي ٿا ڏسون
    __
    اسان جي حياتي پراڻو وڳو
    ائين وقت جيون کي چوڙي وڌو


    ڏس شيشي جا گھر آهن
    ماڻهو پر پٿر آهن
    ٽهڪن وڇڙي سال ٿيا
    لڙڪن جا لشڪر آهن
    __
    آهي تاريخ شاهد رڳو
    سنڌ کي ڪربلائون مليو

    رضوان گهڻن شعرن جيان ڪيترن ئي شعرن ۾ دنياوي دهشتن ۽ وحشتن جي دل ڏاريندڙ منظرن کي پنهنجي احساسن سان اڀارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهڙيون ڪيتريون ئي سٽون هن ڪتاب جي مختلف ورقن ۾ سندس حساس پڻي جي جهلڪ طور موجود آهن، پر سندس شاعري جو گهڻو تڻو حصو رومانيت ۽ جماليات جو ڀرپور اظهار آهي، جنهن ۾ حسن، محبت، وصل، وصال، انتظار، تڙپ ۽ شڪوه شڪايت سميت اهي تمام داخلي ڪيفيتون غم جانان سان سرشار آهن، جن کي پڙهندي دل بار بار پڙهڻ چاهيندي آهي ۽ اها ئي هڪ سهڻي شاعري جي وڏي ۾ وڏي خوبي ۽ ڪاميابي آهي جو هر پڙهندڙ سندس سٽن اندر پنهنجي پناهه ڳولي ۽ پنهنجي احساسن کي ان شاعر جي لفظن سان بيان ڪري. يقين نه اچي ته سندس هن ئي ڪتاب مان کنيل ڪجهه هيٺيان شعر پڙهو ۽ سونهن جي پر ڪيف وادين ۾ محبتن جي لذت ماڻيو.

    ڪنهن جو آنچل هوا اڏاريو هو
    ويڪرا روڊ، ويڪريون ڇاتيون
    __
    ٺهي اُڀ تي ڪري واڪا وسي جي اوچتو پيئون
    نه ٿيون وسرن اسان کان سي گهٽائون ڄامشوري جون

    رات سموري تنهنجي يادن
    مون سان ڀاڪيون پاتيون آهن
    __
    تلخ لهجن سان معصوم دل جي مٿان
    زهر جملن سندا وارَ ڇو ٿا ٿيو!
    مرڪ ريکا ٿيو، دردوَندن جي لئه،
    ڪنهن جي نيڻن سندا نار ڇو ٿا ٿيو!
    __
    تنهنجون اکيون
    سونهن جي پهرين منزل
    ۽ تنهنجا چپ
    ان منزل جي پڄاڻي
    __
    ورق يادگيرين جا ڇو ٿو ورائين
    سڀئي ياد ايندئي اهي پنڌ پوڙها
    اڙي ڄامشورا، اڙي ڄامشورا.

    اهڙا ٻيا کوڙ سارا شعر رضوان جي ڪتاب ”پيار جي پهرين بارش“ جي وسڪار ۾ وڏي ڦڙي جيان پنهنجي وجود جي گهرائي ۾ لهندي محسوس ٿيندا. [/JUSTIFY]
     
  2. رضوان گل۔

    رضوان گل۔
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    67
    ورتل پسنديدگيون:
    33
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: رضوان گل جي شعري مجموعي ”پيار جي پهرين بارش“ تي هڪ نظر : ساجد سنڌي

    پيارا محمد سليمان ! منهنجي شعري مجموعي ”پيار جي پهرين بارش“ تي پياري ساجد سنڌي جو لکيل هي تاثر اوهان سنڌ سلامت جي آڳر تي به دوستن سان ونڊ ڪيو ۔ جنهن لاءِ مان اوهان جو بيحد ٿورائتو آهيان۔​

    هي شعر منهنجي اندر جا اڌما
    هي لفظ منهنجي زبان آهن
     
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: رضوان گل جي شعري مجموعي ”پيار جي پهرين بارش“ تي هڪ نظر : ساجد سنڌي

    ”پيار جي پهرين بارش“ ۔۔۔۔ جهڙن لفظن مان اندازو لڳائي سهجي ٿو ته شاعري به پيار ڀريل جذبن سان ء بارش جي قطرن وانگر هوندي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ رضوان گل هڪ بهترين شاعر آهي ۔۔۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو