سنڌ جي راڻي سنڌ جي دل، ڪولاچي، ڪلاچي ۽ ڪراچي شهر

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏22 اپريل 2012۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌ ساري سونهاري آ هر شي ءَ کان وگهيه ممتاز پياري ،،ٿا وسن جنهن ۾ شاه سچل سامي اياز مد هوش ۽ بخاري۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔1845ع ۾ برطانوي فوج ۽ سنڌ جي مير حڪمرانن درميان دٻي جي مقام تي جنگ لڳي، جيڪا مير حڪمران هارائي ويٺا ۽ سنڌ پنهنجي آزاد ملڪ واري حيثيت وڃائي انگريزن جي حڪمرانيءَ هيٺ اچي وئي. ٻين عالمي جنگ جي اختتام کان ٿورو ئي پوءِ برطانوي سرڪار 1947ع ڌاري سنڌ وطن کي هڪ آزاد ديس جي حيثيت ۾ ڇڏڻ بدران پاڪستان جي بيٺڪ بنائي ڇڏيو،هاڻوڪي سنڌ جي ايراضي 54 هزار چورس ميل آهي. جڏهن ته انگريزين جي قبضي هيٺ اچڻ وقت سنڌ جي ايراضي هڪ لک چورس ميل کان مٿي هئي. برطانوي راڄ هيٺ سنڌ جا ڪيترا ئي حصا هندستان سان ملايا ويا. ڪجھه حصا پنجاب سان ملايا ويا ته ڪجھه حصا وري راجستان سان. پاڪستان جي قيام بعد سنڌ جي نصير آباد ڊويزن کي نئين جڙندڙ صوبي بلوچستان ۾ شامل ڪيو ويو.اهڙيءَ ريت سنڌ جي ايراضي گھٽبي رهي آهي. هن وقت به ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جون سازشون زورن تي آهن، جيڪي انشاءالله ڪڏهن به انهن ماڻهن جون پليت سوچون پوريون نه ٿينديون، افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ورهانگي مهل سنڌ مان سنڌين کي لڏائي انهن جي جڳهه تي هنن پناهگيرن کي آندو ويو آهي جيڪي سنڌ، سنڌي ثقافت سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ماڻهون جا دشمن آهن هنن پناهگيرن ته سنڌ جي شهر ڪراچي تي ڄڻ قبضو ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ سلامت جا ساٿيو اچو ته سنڌ جي شهر ڪراچي بابت ڪجهه معلومات حاصل ڪريو ۔۔۔۔ ، ڪراچي سنڌ جو وڏي ۾ وڏو شهر ۽ گاديءَ جو هنڌ آهي. ڪراچيءَ جي رهواسيءَ کي ڪراچيائيٽ سڏيو ويندو آهي.ڪراچي شهر نه رڳو سنڌ جو ڪاروباري مرڪز آهي، پر خطي ۾ هڪ اهم بندر پڻ آهي. ڪراچي شهر وڏي سمنڊ جي ساحل تي سنڌو ٽڪور ( سنڌو ٽڪور اتي ٺهي ٿي جتي سنڌو درياءُ عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. هيءَ ٽڪور 16 هزار چورس ميلن يعني 41 هزار 4 سَو 40 چورس ڪلوميٽرن جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي، ۽ ان جو سمنڊ سان دنگ لڳ ڀڳ 130 ميل ڊگھو آهي.سموري ٽڪور تي ڪيتريون ننڍيون ننڍيون وسنديون آباد آهن پر ڪو به وڏو شهر آباد نه آهي. ٽڪور کي ويجھي ۾ ويجھا شهر ٺٽو ۽ سنڌ جو وڏو ۾ وڏو شهر ڪراچي اولهه طرف آهن. سنڌ جو ٻيون وڏي ۾ وڏو شهر حيدرآباد سنڌو ٽڪور کان 130 ميلن جي فاصلي تي اتر ۾ واقع آهي.سنڌو ٽڪور تي سراسري گرمي پد جُولاءِ جي مهيني ۾ 70 کان 85 درجا فاهانائيٽ جڏهن ته جنوريءَ ۾ 50 کان 70 درجا فارهانائيٽ رهندو آهي. ڪنهن عام سال ۾ ان ٽڪور تي 10 کان 20 انچ وسڪارو ٿيندو آهي.هن وقت سنڌو درياءَ مان تازو پاڻِ نه ملڻ ڪري سنڌو ٽڪور ماحولياتي دٻاءُ جو شڪار آهي. سنڌو ٽڪور جا تمر ٻيلا ۽ ان ۾ پلجندڙ سموري جنگلي جيوت توڙِي آبي جيوت جيئدان جي جنگ هارائيندي نظر اچي رهيا آهن. سنڌو ٽڪور جا تمر ٻيلا جيڪي اڳي ooo هيڪٽرن تي پکڙيل هئا، سي هائي رڳو ooo هيٽرن تائين محدود رهجي ويا آهن. ساڳيءَ ريت جھينگي ۽ پلي جو نسل پڻ خطري ۾ آهي ۽ ان ڪري نازڪ مرحلي مان گذري رهيو آهي جو سندن جياپو سمنڊ جي کاري پاڻي ۽ سنڌو درياءَ جي مٺي پاڻيءَ جي ميلاپ تي دارومدار رکي ٿو. ) جي اتر اولهه ۾ قائم آهي ۔۔۔۔۔۔۔جديد ڪراچي شهر جا معمار اصل ۾ انگريز هئا، جن ڪراچيءَ کي 1839ع ۾ پنهنجي قبضي ۾ ورتو ان وقت سنڌ جي گادي حيدرآباد هوندي هئي، جنهن کي انگريزن مياڻيءَ جي جنگ کان پوءِ مڪمل طرح سان 1843ع پنهنجي قبضي ۾ ڪيو. انگريزن سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ڪراچيءَ کي ڪيو ۽ تعميراتي ڪم فوري طور شروع ڪيا ويا، ڪراچي بندر (Port) جي جديد تعمير، توڙي نين عمارتن، روڊن رستن جي ٺاهڻ لاءِ مزدورن جي گهرج وڌندي وئي، ان ضرورت کي مڪران کان آيل بلوچن گهڻي ڀاڱي پورو ڪيو. مارواڙي جاين ٺاهڻ جا ماهر هئا، جيڪي مارواڙ ۽ راجستان کان اچي آباد ٿيا. ڪراچيءَ جا گذدر پڻ مارواڙي آهن، انهن مان هاشم گزدر برک سياستدان ٿي گذريو آهي، گوئا ۽ مالابار کان آيل ماڻهو ڪلارڪي ۽ چانهه جي هوٽلن واري ڪم ۾ لڳي ويا، ڪاٺياواڙي ميمڻ ۽ ڪڇي ميمڻ جهڙوڪ عبدالله هارون جو خاندان واپار ۽ پسارڪي ڪم ۾ لڳي ويو. جناح صاحب جو خاندان پڻ گجراتي ڳالهائيندڙ هو. ايبٽ آباد (هزاره) جي علائقي مان آيل پورهيت گهڻو ڪري موسيٰ لين ۾ اچي آباد ٿيا، نوڪرين يا تعليم سانگي اندرون سنڌ جا به ڪيئي ماڻهو ڪراچيءَ اچي وسيا. مثلن فتح محمد سيوهاڻي، دين محمد وفائي يا ان کان گهڻو اڳ حسن علي آفندي، جنهن سنڌ مدرسو قائم ڪيو. لياري کڏي ۾ هڪ صديءَ کان به اڳ قائم مدرسه مظهر العلوم سنڌي قوم پرست علمائن، خاص ڪري تحريڪ خلافت جو ڳڙهه رهيو آهي، ايران کان لڏي آيل بهائي ڪميونٽيءَ هر درجي جا معياري چاءِ خانا/ريسٽورنٽ شهر ۾ قائم ڪيا، جن مان ڪجهه اڃا هلن پيا، پر پوين پساهن ۾ آهن، ڇاڪاڻ ته انهن هنڌن تي هاڻي سوڙهين اليڪٽرانڪ مارڪيٽن جو ڄار وڌندو پيو وڃي، جن جو شڪار اٽڪل هڪ سئو سئنيمائون به ٿي چڪيون آهن. ورهاڱي کان اڳ ڪراچيءَ جو سماجي ماحول نهايت مِٺِ محبت وارو هوندو هو. ڏاهن انگريزن سنڌي ٻوليءَ جو قدر ڄاڻي ان کي تعليم ۽ سرڪاري وهنوار جو ذريعو بڻايو. ڪراچيءَ ۾ رهندڙ سڀني باشندن ان فيصلي تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو. انگريزن جي هڪ سئو سالن جي دور ۾ صرف ڪراچيءَ ۾ اٽڪل ٻه هزار سنڌي ميڊيم اسڪول قائم ٿيا. سنڌي ميڊيم اسڪولن ۾ سڀني برادرين جا ٻار پڙهڻ لڳا. انهن ۾ بلوچي ڳالهائيندڙ بلوچ پڻ شامل آهن. ورهاڱي کان اڳ ڪراچي شهر جي اندر عام رابطي جي زبان سنڌي هوندي هئي، پر ورهاڱي جي لڏپلاڻ ۽ ٻين ڪم ذهن ۽ تعصبي سياستدان حڪمرانن جي غلط فيصلن ڪري شهر جي اٽڪل تيرنهن سئو سنڌي اسڪولن کي زوريءَ بند ڪيو ويو. ڪاليجن ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي مضمون ۽ ذريعه تعليم کي ختم ڪيو ويو، ان جو عام مقامي ماڻهن تي خراب اثر پيو. بقول مرحوم نر الدين سرڪي جي ته ”سنڌي ڳالهائيندڙ اسماعيلي خوجن پڻ پنهنجي ٻارن کي سنڌي پڙهائڻ جي بجاءِ انگريزي ۽ اردو ميڊيم اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ ۾ عافيت سمجهي.“ .۔۔7ع ۾ پاڪستان بيٺڪيت قائم ٿيڻ کان هڪدم پوءِ ڪراچيءَ کي پاڪستان جي گاديءَ واري هنڌ جو درجو ڏنو ويو ۽ سنڌ اسيمبليءَ کي ڪراچيءَ مان تڙي ڪڍيو ويو. ان سان گڏ ئي پاڪستان کان رڳو هڪ سال اڳ قائم ٿيل سنڌ يونيورسٽيءَ کي پڻ ڪراچيءَ مان تڙي ڪڍيو ويو ۽ جي ڪيمپس تي ڪراچي يونيورسٽيءَ جو بنياد وڌو ويو. اهي قدم کڻڻ سان گڏ پنجابي فوج ڪراچيءَ ۾ موجود سنڌي هندن جو قتل عام شروع ڪيو. اهڙيءَ ريت سمورن سنڌي هندن کي زوريءَ هندستان لڏايو ويو ۽ هندستاني پناهگيرن کي ڪراچيءَ سميت سنڌ جي سمورن وڏن شهرن ۾ رهايو ويو. هندن جون سموريون خالي ڪيل ملڪيتون هندستاني پناهگيرن حوالي ڪيون ويون. پاڪستان جي قيام وقت ڪراچيءَ جي ماڻهسيه رڳو چار لک هئي. پر ڪراچيءَ اندر هندستاني پناهگيرن جي لوڌ اڄ سوڌو غير قانوني طور جاري ساري آهي ۽ ڪراچيءَ جي ماڻهسيه هڪ ڪروڙ کان به ٽپي وئي آهي.۔۔۔ ڪراچي شهر کي هيٺين ٽائونن ۾ ورهايو ويو آهي، بلديه ٽائون۔۔۔۔۔۔بن قاسم ٽائون،گڏاپ ٽائون،Gulberg Town،گلشن ٽائون،جمشيد ٽائون،ڪياماڙي ٽائون،ڪورنگي ٽائون،لانڍي ٽائون،لياقت آباد ٽائون،لياري ٽائون،ملير ٽائون،نئين ڪراچي ٽائون،اتر ناظم آباد ٽائون،اورنگي ٽائون،صدر ٽائون،شاهه فيصل ٽائون،سائيٽ ٽائون۔۔۔ ۔۔۔۔ڪراچي جون مشهور جايون ۽ هنڌ۔۔ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ (( نوٽ۔ افسوس ته هن ڳالهه جو آهي ته هڪ ته ڪراچي ۾ جيڪي پراڻن نالن سان ڪي جايون موجود هيون انهن جا به نالا مٽائي انهن مٿان نوان نالا رکيا ويا آهن، پر ان کان وڏيڪ افسوس جي ڳالهه هي آهي ته ڪراچي ۾ هاڻ جيڪي نوان انڊر پاء پاس توڙي نوان اوور فلاء ٺاهيا ويا آهن انهن تي به ڪنهن هڪ تي به سنڌ جي ڪنهن شخصيت جو نالو ناهي رکيو ويو، جڏهن ته انهن مٿان الائي ڪنهن جا نالا رکيا ويا آهن جنهن کي ڪير به سڃاڻي ڪو نه ٿو، يا ته پوء انهن دهشگردن جا نالا رکيا ويا آهن جيڪي ايم ڪيو ايم جا دهشتگرد آهن ))
    آغا خان يونيورسٽي:آغا خان يونيورسٽي 1983ع ڌاري قائم ٿي . -آغا خان يونيورسٽي- هڪ خانگي ، خودمختيار ادارو آهي ، جيڪو انساني ڀلائيءَ ، تحقيق ، تربيت ۽ برادريءَ جي خدمت سرانجام ڏيئي ٿو . هن جو بنياد معيار ، پهچ ، اثر ۽ ڳانڍاپي جي اصولن تي رکيل آهي . يونيورسٽيءَ جا ڪيمپس پروگرام -افغانستان- ، -اوڀر- آفريقا ، مصر ، پاڪستان ، شام ۽ -برطانيا- ۾ هلي رهيا آهن . هن ۾ تربيتي اسپتالون ، نرسنگ اسڪول ، هڪ ميڊيڪل ڪاليج ، انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشنل ڊولپمينٽ ، هڪ امتحاني بورڊ ۽ مسلم تهذيبن بابت تعليم جون سهولتون موجود آهن .
    ۔۔۔۔۔۔ ڏيارام ڄيٺمل سائنس ڪاليج (المعروف ڊي جي سائنس ڪاليج) ڪراچي، سنڌ ۾ واقع آھي، جيڪو سائنس توڙي آرٽس جي تعليم ڏئي رهيو آهي.ممبئي جي گورنر، لارڊ ريئي 17هين جنوري 1887ع تي ان ڪاليج جو افتتاح بطور سنڌ آرٽس ڪاليج ڪيو، جنھن تي بعد ۾ ڏيارام ڄيٺمل جو نالو رکيو ويو، جنهن ان ڪاليج جي اڏاوت تي خرچ ٿيندڙ سموري خرچ جي ھڪ وڏي حصي جو بندوبست ڪيو ھو. چيو وڃي ٿو تھ ڪاليج جي اڌاوت تي تن ڏينھن ۾ ھڪ لک ڇهاسي هذار پنج سَو چوڏهن (186514) رپيا خرچ آيو ھو، جنھن مان حڪومت جي ڀاڱيداري ستانوي ھزار ھڪ سَو ٽيانوي (97193) رپيا هئي افسوس ته هن ڳالهه جو آهي ته ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي شاگردن سان جيڪو ٽئين درجي جي شهري وارو ورتاءُ ڪيو پيو وڃي، اهو ڪنهن کان به ڳجهو نه آهي چئن صوبن جي تعليمي ادارن کي ڇڏي سنڌ جي تخت گاهه ڪراچي تعليمي ادارن ۾ جن ڪيٽيگريز تحت شاگردن کي داخلا ڏني پئي وڃي اهو عجيب منطق آهي. جيڪو داخلا وٺڻ لاءِ سوين ميل پري کان ايندڙ شاگرد جو مٿو ڦيرائي ڇڏي ٿو. ڪراچي جي باقي تعليمي ادارن کي ڇڏي ڪري ڪراچي يونيورسٽي جو ذڪر ڪجي ته اتي هينئر 3 ڪيٽيگريز تحت داخل ڏني پئي وڃي، پهرين ڪيٽيگري پي (يعني پاڪستان) ٻي ڪيٽيگري ڪي (يعني ڪراچي) ۽ ٽئين ڪيٽيگري ايس (يعني سنڌ) هزارين سالن کان سنڌ جي تخت گاهه تي رهندڙ ڪراچي کي يونيورسٽي انتظاميا هڪ ڌڪ ۾ سنڌ کان الڳ ڪري ڇڏيو، اها ڪيڏي نه وڏي ويساهه گهاتي آهي. جنهن تي سنڌ جا چونڊيل نمائندا خاص ڪري سنڌ سان ناتو نڀائڻ جون دعوائون ڪندڙ متحده جو گورنر پڻ خاموش تماشائي بڻيل آهي. ٻين لفظن ۾ ايئن چئجي ته اها ”ڪراچي“ ۽ سنڌ واري الڳ الڳ داخلا پاليسي انهن ئي نام نهاد سنڌ جي سڄڻن جي جوڙيل آهي جنهن تحت هر سال سنڌ جي هزارين نوجوانن کي تعليم جي سلسلي ۾ دربدريءَ جو منهن ڏسڻو پئي ٿو.سنڌ کي ڇڏي ڪري باقي ٻين صوبن جي يونيورسٽيز کي ڏسبو ته اتي اهڙين ايڊميشن ڪيٽيگريز جو ڪو به وجود نه آهي نه ئي وري ڪنهن شهر کي صوبي کان ڇني ڌار ڪري نسلي تعصب پرستي جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي. هي تعليمي ڏاڍ ۽ بنياد پرستي فقط ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ ئي نظر اچي ٿي. حقيقت جي نظر سان ڏسجي ته ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد، شڪارپور، لاڙڪاڻو، خيرپور ۽ ٻين ضلعن جي شاگردن لاءِ ڪراچي يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ ”ديواني جو خواب“ لڳي ٿو
    ۔۔۔۔۔۔ڪراچي جي روڊ رستن جا پراڻا نالا ۽ انهن جو مٽجڻ۔۔۔۔۔۔ڪراچي شهر جي پراڻن رهاڪن کي ياد هوندو ته هن شهر جي اهم رستن ۽ مارڪيٽن جا نالا انگريزن جي نالن تي رکيل هئا، مثال طور ميڪلوڊ روڊ، فريئر روڊ،( Brecknockshire ) شهر ۾ ڄائو . 1834ع ڌاري هيليبري ڪاليج مان گرئجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ ، انڊين سول سروس ۾ ملازمت جي شروعات ڪيائين . مسٽر -بارٽل فريئر- انگريزن جي اوائلي دور جو هڪ عملدار هو . کيس 1851ع ۾ سنڌ جو ڪمشنر مقرر ڪيو ويو . -ان- وقت فريئر صرف 35 سالن جو هو . فريئر جي دور ۾ ڪراچيءَ ۾ معاشرتي ، تجارتي ۽ تعليمي سرگرمين ۾ -انقلاب- برپا ٿي ويو . هن جي ئي وقت ۾ ڪراچيءَ ۾ پهريون انگلش ميڊيم اسڪول کليو . هن جي ئي وقت ۾ ڪراچيءَ کان ملتان تائين سنڌو درياهه جي رستي ” بوٽ سروس “ شروع ڪئي وئي . ڪراچي -بندرگاهه- جي ترقيءَ لاءِ پڻ هن -بندرگاهه- جي سروي ڪرائي . هن ٽپال کاتي ۾ تمام گهڻيون تبديليون آنديون . فريئر جي دؤر ۾ ڪراچيءَ تمام گهڻي ترقي حاصل ڪئي . 1853ع ۾ هن شهر ۾ پاڻيءَ جي فراهميءَ لاءِ ملير نديءَ ۾ نوان کوهه کوٽايا ويا ۽ 1859ع ۾ ڪياماڙيءَ کان ڪينٽ تائين ريلوي لائين وڇائي وئي . هن جو سڀ کان وڏو ڪارنامو اهو آهي ته هن 1853ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي هڪ لِپي ۽ صورتخطي مقرر ڪرائڻ لاءِ سنڌي عالمن جي ڪاميٽي ، سر ايڇ . بئرو ايلس جي سربراهيءَ ۾ مقرر ڪرائي ، -ان- کي حتمي شڪل ڏياري ۽ سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ۽ دفتري زبان جو درجو ڏياريو . هن 1857ع ۾ هڪ فرمان ذريعي سنڌيءَ کي سرڪاري ۽ دفتري زبان بنايو ۽ حڪم ڏنو ، ڪا به درخواست صرف سنڌيءَ ۾ لکيل قبول ڪئي ويندي ۽ جي فارسيءَ ۾ لکيل هوندي ته -ان- سان سنڌي ترجمو شامل ڪيو وڃي ، ٻيءَ صورت ۾ ٻڌڻ ۾ نه ايندي . فريئر آڪٽوبر 1859ع تائين سنڌ جو ڪمشنر رهيو ، جتان هن کي ترقي ڏيئي بمبئيءَ جو گورنر مقرر ڪيو ويو . ڪجهه وقت هيءُ ڏکڻ آفريقا ۾ به رهيو . هن 29 مئي 1884ع تي ” سري “ جي ” ومبلڊن “ شهر ۾ وفات ڪئي . سندس نالي سان ڪراچيءَ ۾ فريئرهال ۽ ” فريئر روڊ “ مشهور آهن ) پريڊي اسٽريٽ، مينسلفيڊ اسٽريٽ، فريئر هال، لي مارڪيٽ، ايمپريس مارڪيٽ،( ايمپريس مارڪيٽ جي عمارت: 1889ع ۾ -انگريز- سرڪار تعمير ڪرائي . هن بلڊنگ جو افتتاح ڪمشنر سنڌ ، مسٽر پرچرڊ ڪيو . جيئن ته -ان- ئي سال ملڪه وڪٽوريه جي سلور جوبلي ملهائي پئي وئي ، تنهنڪري هن عمارت جو نالو ” ايمپريس “ ، رکيو ويو . هن بلڊنگ جي تعمير تي 55 لک رپيا خرچ آيو . هيءَ عمارت يورپين طرز جي هڪ بهترين عمارت آهي . هن عمارت جي ٽاور جي اوچائي 140 فوٽ آهي . هن مارڪيٽ ۾ 280 دڪانن جي گنجائش آهي . -ان- دور جي هيءَ هڪ بهترين مارڪيٽ هئي ، جنهن مان ڏورانهن علائقن کان ماڻهو اچي خريداري ڪندا هئا ) ميري ويدر ٽاور ۽ ڊائو ميڊيڪل ڪاليج وغيره. پوءِ آهستي آهستي، اهي نالا مَٽجڻ لڳا، فريئر روڊ شاهراهه لياقت ۾ بدلجي ويو، اهم واپاري ادارن جي مرڪز وارو روڊ ميڪلوڊ روڊ، آءِ آءِ چندريگر روڊ ( آءِ آءِ چندريگر روڊ۔۔آءِ آءِ چندريگر جي نالي پٺيان رکيو ويو هو، آءِ آءِ چندريگر: سندس پورو نالو اسماعيل ابراھيم چندريگر ھو ، -احمد آباد- ( ڀارت ) ۾ 15 سيپٽمبر 1897ع ۾ ڄائو ، -بمبئي- يونيورسٽيءَ مان بي . اي ۽ ايل . ايل . بي جا امتحان پاس ڪيائين . 1937 ۾ مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي -احمد آباد- جي ٻھراڙيءَ واري تڪ مان بمبئيءَ جي قانون ساز اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو . 1943ع کان 1947ع تائين -انڊيا- مسلم ليگ'>-آل -انڊيا- مسلم ليگ- جي مرڪزي ڪاميٽيءَ جو ميمبر رھيو . گورنمينٽ آف -انڊيا- جي عبوري حڪومت ( آڪٽوبر 1946ع کان -آگسٽ- 1947ع ) ۾ مسلم ليگ پاران واپار جو وزير ٿيو .
    پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ -آگسٽ- 1947ع کان مئي 1948ع تائين حڪومت پاڪستان جو واپار ، صنعت ۽ تعميرات جو وزير ٿيو . 1948ع ۾ سرحد صوبي جو گورنر ۽ 1953ع ۾ پنجاب صوبي جو گورنر رھيو . 1955ع ۾ چوڌري محمد عليءَ جي مرڪزي ڪابينا ۾ وزير قانون رھيو . 1956ع جي -آئين- جو مسودو ھن تيار ڪيو . 18 آڪٽوبر 1957ع کان 16 ڊسمبر 1957ع تائين پاڪستان جي ڇھين وزيراعظم جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنائين . 26 سيپٽمبر 1960ع تي وفات ڪيائين ، ڪراچي شھر جو ھڪ وڏو روڊ سندس نالي پٺيان آءِ . آءِ . چندريگر روڊ مشھور آھي ، جنهن جو اڳوڻو نالو ميڪلوڊ روڊ هو -ان- روڊ تي پاڪستان ، خصوصاً ڪراچيءَ ، جي فنانشنل ادارن ۽ اسٽيٽ -بئنڪ- سميت اڪثر وڏين بينڪن جا مرڪزي دفتر آهن . هن روڊ تي -اردو- -اخبار- ” جنگ “ جو دفتر آهي . ڪنهن وقت -بند- ٿي ويل سنڌي -اخبار- ” جاڳو “ جو دفتر به هن روڊ تي هو ، جنهن جو -ايڊيٽر- فقير محمد لاشاري هو )
    ۾ بدلجي ويو (جنهن کي ڪراچي جي وال اسٽريٽ جي حيثيت حاصل آهي). اهڙي ريت بندر روڊ بدلجي ايم اي جناح روڊ ٿي ويو. رام باغ، آرام باغ ۽ گرومندر، سبيل والي مسجد جي نالي سان سڏجڻ لڳا. نالن جي مَٽجڻ سان، ڄڻ تاريخ ئي مٽجي ويئي. گرومندر اسان ڪڏهين ڏٺو ته ڪونه، پر اڄڪلهه اتي سينٽرل ايڪسائيز جي آفيس آهي، ۽ منهنجي هڪ دوست ٻڌايو ته ان کان اڳ اتي K.E.S.C. جي آفيس قائم ٿي هئي، جيڪا مندر تي قبضو ڪري ٺاهي ويئي هئي. ان ۾ هندو مت جي ڪنهن رام يا ديوتا جو بت رکيل هو، جيڪو غائب ٿي ويو. ورهاڱي کان پوءِ ڪراچيءَ جي تاريخي ۽ ثقافتي پس منظر کي بدلائڻ جو جيڪو سلسلو شروع ٿيو، سو اڄ به جاري آهي
    ۔۔۔۔۔ڪراچي شهر هاڻ دنيا جي وڏن شهرن ۾ شامل ٿيڻ لڳو آهي، هتان جو ڪاروبار هتان ٽريفڪ پڻ پنهنجو مٽ پاڻ آهي، ڪراچي جي مڪمل معلومات لاء محترم سائين گل حسن ڪلمتي صاحب جو ڪتاب (ڪراچي سنڌ جي مارئي ) پڻ ڪتاب جي مٿان ڪلڪ ڪري پڙهي سگهو ٿا ۔۔۔۔
    ڪراچي جون ڪجهه اهڙيون آباديون پڻ آهن جتي سنڌين تمام گهڻي اڪثريت آهي جنهن ۾ شانتي نگر، ملير گلشن حديد ۽ سچل ڳوٺ شامل آهن جتي اڃان به سنڌي ماڻهن جون سنڌي ثقافت واريون سرگرميون ملهايون وڃن ٿيون۔
    اڄڪلهه نون صوبن بابت بحث مباحثي ۾ سنڌ کي هروڀرو هدف بڻايو پيو وڃي. ڪراچي جي الڳ صوبي بابت شوشو به ان سلسلي جي ڪڙي آهي. ان سازش جي ڀرپور مخالفت ۽ مزاحمت ڪرڻ هر ان ماڻهو جو فرض آهي جيڪو سنڌ امڙ جي پٽ هجڻ جو دعويدار آهي. هتي اهو به واضح ڪندا هلون ته ٻاهرين ماڻهن جي اها آبادي جيڪا هتي روزگار ڪرڻ آئي آهي ۽ ڪراچي کي دبئي ۽ مسقط سمجهي ٿي. ان کي هتي سياسي حق گهرڻ ۽ سياسي منصب حاصل ڪرڻ جي دعويٰ نه ڪرڻ کپي. اهي سياسي حق کين پنهنجي صوبي ۾ حاصل آهن. سنڌ تي فقط سنڌين جي سياسي حق جي پاسداري ٿيڻ کپي ۽ ان تي ڪنهن به مصلحت جي گنجائش نه هجڻ گهرجي. سنڌ جي ڪراچي جي ٺاهڻ ۾ سنڌ جي عظيم شخصيت جمشيد مهتا جو وڏو ڪردار رهيو آهي ، ۽ ڪراچي جي ذڪر ۾ جمشيد مهتا جو ذڪر نه ڪرڻ به ناانصافي ٿيندي،سنڌ سلامت جا دوستو باقي اچو ته هنن وڊيوز ۾ ڪراچي بابت تفصيلي احوال ڏسو ۽ ٻڌون۔۔۔



     
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌ جي راڻي سنڌ جي دل، ڪولاچي، ڪلاچي ۽ ڪراچي شهر

    سنڌ جي راڻي سنڌ جي دل، ڪولاچي، ڪلاچي ۽ ڪراچي شهر​


     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌ جي راڻي سنڌ جي دل، ڪولاچي، ڪلاچي ۽ ڪراچي شهر

    سنڌ جي راڻي سنڌ جي دل، ڪولاچي، ڪلاچي ۽ ڪراچي شهر​


     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌ جي راڻي سنڌ جي دل، ڪولاچي، ڪلاچي ۽ ڪراچي شهر

    سنڌ جي راڻي سنڌ جي دل، ڪولاچي، ڪلاچي ۽ ڪراچي شهر​


     
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌ جي راڻي سنڌ جي دل، ڪولاچي، ڪلاچي ۽ ڪراچي شهر

    سنڌ جي راڻي سنڌ جي دل، ڪولاچي، ڪلاچي ۽ ڪراچي شهر​


     
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌ جي راڻي سنڌ جي دل، ڪولاچي، ڪلاچي ۽ ڪراچي شهر

    سنڌ جي راڻي سنڌ جي دل، ڪولاچي، ڪلاچي ۽ ڪراچي شهر



     
  7. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌ جي راڻي سنڌ جي دل، ڪولاچي، ڪلاچي ۽ ڪراچي شهر

    بشڪريه ۔۔ گوگل، وڪيپيڊيه، ِيوٽيوب، روزانه ڪاوش، روزانه عبرت، روزانه عوامي آواز، ويچار، سنڌي ادبي بورڊ، ڪي تي اين ٽي وي، ڪاوش آرٽيڪل ۽ سنڌ سلامت جي مختلف مضمون مقالا ۽ ونڊون فيس بڪ، ڪتاب ڪلاچي کان ڪراچي تائين، وائيس آف سنڌ، سنڌي ٻولي اختياري ،سنڌيانا، وغيره وغيره ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ممتاز علي وگهيو
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ جي راڻي سنڌ جي دل، ڪولاچي، ڪلاچي ۽ ڪراچي شهر

    مهرباني ادا ممتاز

    هميشه وانگر ڪراچي بابت تفصيلي ليک ۔۔۔۔۔۔۔۔

    وڊيوز لنڪ گهڻيون هجڻ سبب هي صفحو لوڊ ٿيڻ ۾ وقت ٿو وٺي يا وري هينگ پيو ٿئي۔
     
  9. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ جي راڻي سنڌ جي دل، ڪولاچي، ڪلاچي ۽ ڪراچي شهر

    ادا ممتاز ڏاڍي خوشي ٿي آهي جو اوهان هميشه جيان محنت سان مضمون ترتيب ڏئي فورم جي زينت بڻايندا پيا اچو ، مضمون نهايت تفصيل سان آهي ۽ کوڙ ساريون پهلوئن تي روشني وڌي وئي آهي ، ويتر اوهان جيڪي حوالا ڳنڊيا آهن سي به قابلِ تحسين آهن ، جيڪي اوهان جي مضمون جي سليقن ۽ آدابن سان واقفيت ڏانهن دلالت ڪن ٿيون ، رب ڌڻي کان دعا آهي ته اوهان کي پنهنجي ذميداري احسن طريقي سان پورو ڪرڻ ڪي توفيق عطا فرماءِ ، آمين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌ جي راڻي سنڌ جي دل، ڪولاچي، ڪلاچي ۽ ڪراچي شهر

    نوٽ سنڌ سلامت جا دوستو مون پنهنجي حساب سان ڪوشش ڪري ڪراچي جي تاريخ تي وڊيوز کي ڪي ٽي اين تان لوڊ ڪري يوٽيوب ۾ ڪنورڊ ڪيون آهن مگر ڪجهه وڊيوز اهڙيون به آهن جيڪي ڪجهه فني خرابين جي ڪري يوٽيوب تي ڪنورڊ ٿئي ناهن سگهيون، جيڪي مون فيسبڪ تي لوڊ ڪري ڇڏيون آهن جنهن جي ڏسڻ لاء پڻ هت لنڪ ڏيان ٿو، تاڪه توهان انهن لنڪس تي ڪلڪ ڪري باقي رهيل سلسلي جون بقايه قستون به ڏسي سگهو۔ ڪراچي جي تاريخ وڊيو قست نمبر 12 ،، ڪراچي جي تاريخ وڊيو قست نمبر 11 ،،ڪراچي جي تاريخ وڊيو قست نمبر6 ، ڪراچي جي تاريخ وڊيو قست نمبر4 ،،، ،
     
  11. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ جي راڻي سنڌ جي دل، ڪولاچي، ڪلاچي ۽ ڪراچي شهر

    هميشه جيئان ممتاز جو ڪم به ممتاز ۔۔۔ تفصيلي ۽ معلوماتي ليک

    ڪولاچي عرف ڪراچي، سنڌ جو تاريخي، قيمتي ۽ بندرگاهه هجڻ سبب تمام اهم شهر آهي، جنهن شهر تي هن وقت ڌاريون قومون مالڪي جي دعوا ڪندي ڪافي اڳتي وڌي ويون آهن، ايتري حد تائين جو هاڻ ٻاهرين قومن کي جڏهن ڪراچي بابت ڪا صلاح ڪرڻي آهي ته هو انهن ئي قومن سان ڳالهين ٿيون نه ڪي سنڌين سان۔

    جئين تازو برطانيا جي ايلچي 90 تي ۽ مردان هائوس تي وڃي ڪراچي جون ڳالهيون ڪيون پر سنڌين کان پڇيو به نه۔۔۔؟؟؟؟

    جلد از جلد سنڌين کي صلاح ڪري ڪراچي جي مالڪي ڪرڻي پوندي ٻي صورت ۾ ٽپڙ ٽيشن تي هوندا ۔۔۔

    الله ائين نه هو

    ممتاز صاحب لک ٿورا سهڻي ونڊ جا
     
  12. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: سنڌ جي راڻي سنڌ جي دل، ڪولاچي، ڪلاچي ۽ ڪراچي شهر

    مهرباني ادا ممتاز
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو