جواب: اڄ جي افسوسناڪ خبر۔ سنڌي راڳي ماسٽر منظور فوت ٿي ويو!
منهنهجا سڄڻئو، انسان ڏاڍو هيڻو آهي، اسان دنيا داري ني نشي ۾ ايترا ته مهو ٿي ويا آهيون جو اڳتي جي ڪا به ڪل ڪانهي ڪا، ڪلهه گهر ۾ وقت گذريو اها افسوسناڪ خبر پڻ ٻڌي سي، هنيا جهري پيو، پو ٿورو وقت شاهه جي رسالي جو مطالعو ڪرڻ ۾ گزريو، شاه جي رسالي ۾ ”سر سريراڳ“ جي داستان ٻئي ۾ هي وائي پِڙهيم، سچ پڇو ته نير وهي پيا، سوچيم ته منهنجو لطيف ڪيترو نه نفيس انسان هيو، ضرور ان مهل منهنجي لاکيڻي لطيف به هي وائي نهايت سوز منجهان ورنائي هوندي ۽ يقينن پنهنجو پانڌ ڳوڙهن ساڻ پسايو هوندو۔۔ توهان جي نظر ڪيان ٿو۔
وائي
ڪَنڌِي سارِيان ڪانَ، يا اَمَنُ! اَمانَ!
يا اِلاهِي! ٻاجَھ ٻِلاٽِي ڀانئِيان.
ڳَڻَڻَ ڳاڻيٽو ناه ڪو، اَپَرِ ٿيا عِصيانَ؛
خَبرَ ناه قَبرَ جِي، نِسورا نِسيانَ؛
والِي! رَسج وَهِلو، اَرَکِ ٿيا اَنسانَ؛
سُڻُ سَٻاجھا سُپرِين، نَعرو نِگهبانَ!
مَدِيُون پَسِي منهنجون، شَرِمايا شَيطانَ!
هِنَ منهنجي حالَ تي، هَيء هَيء ڪَن حَيوانَ!
سائِين! سُکاڻِي آهِئَين، سامُونڊِي، سُبحانَ!
تُرَهو ڇِنُم تارِ ۾، رَسِج تون رَحمانَ!
ٻيلِي جو ٻُڏنِ جو، مون تي موٽي مانَ؛
ويٺو پِني پِنَڻو، ڪَر ڀيرو مٿي ڀانَ؛
خالِقَ تان خوبُ ڪيا، گولَنِ جا گُذِرانَ؛
آئُون پڻ اَنڌو اُنِ ۾، ويٺو پِنان پانَ؛
سَڀِ سُوالِي سَمِگيا، داتا ڏيئِي دانَ؛
وِلها سڀِ وَنهِيا ڪيا، تنهنجي جُودَ، جُوانَ؛
مَتان مُونکي ڇَڏِئين، ٻيـلِي سندا ٻانَ!
وِيرَ! وَسِيلو آهِئين، داڙوُ ۾ دِيوانَ؛
لاءِ ڏُهارِينِ ڏِينهَن کي، خِيمو اَڏِيو خانَ؛
اُتي عَبۡدُاللَطِيفُ چئي، سُڻِجِ ڪا سُلطانَ!