گاڏي جو سفر هاڻي وڌيڪ پرڪشش۔۔۔۔۔ جنرل موٽرز جو نئون پروجيڪٽ

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏23 اپريل 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    توهان مان جيڪي سائينس فڪش موويز ڏسڻ جا شوقين آهن ۔۔۔ انهن لاءِ ته هي ٽيڪنالاجي ڪا نئن ناهي ۔۔۔ جنرل موٽرز هڪ اسرائيلي ڪمپني سان ملي هڪ نئين پروجيڪٽ جو آغاز ڪيو آهي۔۔ جنهن تحت گاڏي جي پوئين سيٽ تي ويٺل ماڻهون پنهنجي سفر کي وڌيڪ لطيف بڻائي سگهي ٿو۔۔۔
    هن پروجيڪٽ تحت گاڏي جي شيشن کي هڪ ٽچ اسڪرين ۾ تبديل ڪيو ويو آهي۔۔ يا وري ائين سمجهو ته گاڏي جا شيشا توهان جي ڪمپيوٽر جي ٽچ اسڪرين بڻجي ويندا جتي توهان دفتر جو ڪم سوشل نيٽ ورڪ يا وڊيو گيمز سميت سمورا ڪم ڪر سگهو ٿا۔۔ جنهن سان يقينن توهان جو سفر وڌيڪ مزيدار بڻجندو۔۔۔

    ان حوالي سان پروجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ ٽيم في الحال ڪجهه ايپليڪيشنس تيار ڪيون آهن جهڙوڪ هڪ اينيميٽڊ ڪارٽون جيڪو توهان جي ڪار سان گڏو گڏ ڊوڙندو رهندو۔۔۔ يا وري ٻي ايپليڪيشن سان توهان پنهنجي ڪار جو ٻاهريون منظر تبديل ڪري دنيا جي ڪهڙي به حصي جو منظر لڳائي سگهندو۔۔۔ ان کانسواءِ سوشل ميڊيا جون به ڪجهه ايپليڪيشنس تيار ڪيون پيون وڃن۔۔۔

    جيتوڻيڪ هن ٽيڪنالاجي سان گاڏي جي شيشن تي آڱرين جا نشان ته ٺهي پوندا پر پوئين سيٽ تي ويهندڙ ماڻهون پنهنجي سفر مان لطف ضرور وٺندو ۔۔ مطلب هاڻي پنهنجي ڪار ۾ شرارتي ٻار ويهارڻ ۾ به ڪو هرج نه ٿيندو جو هو توهان کي ڊرائيونگ دوران تنگ ڪرڻ بجاءِ مختلف ڪارٽونن سان دل وندرائيندو رهندو۔۔۔

    هن ٽيڪنالاجي کي وڌيڪ بهتر نموني سان سمجهڻ لاءِ حاضر آهي هي وڊيو۔۔۔

     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: گاڏي جو سفر هاڻي وڌيڪ پرڪشش۔۔۔۔۔ جنرل موٽرز جو نئون پروجيڪٽ

    ادا ٽيڪنالاجي ته زبردست آهي ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته الله پاڪ انسان کي ذهن ڏنو آهي پر ان کي صرف استعمال ڪرڻو آهي


    لاجواب ونڊ آهي اد ا

    جاري رکجو

    سدائين گڏ
     
  3. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: گاڏي جو سفر هاڻي وڌيڪ پرڪشش۔۔۔۔۔ جنرل موٽرز جو نئون پروجيڪٽ

    ادا رشِد اسلام عليڪم۔هن قسم جون ٽيڪناليجون هون ته انسان ذات لاء مفيد آهن پر اسان جي ملڪ ۾ ٽريفڪ جي قانون تي عمل نه ٿيڻ جي ڪري هن ٽچ اسڪرين جي ڪري حادثن جو تعداد وڌڻ جو انديشو ٿي سگهي ٿو۔ڇاڪاڻ ته ڊرائيونگ سيٽ تي ويٺل همراه پنهنجي توجھ ڊرائيونگ جي پاران ان ونڊو اسڪرين جي طرف ڪندو۔توهان پاڻ اندازو لڳايو ته ڊرائيونگ جي دوران موبائيل فون استعمال ڪرڻ سان حادثن جو تعداد ڪيترو وڌي ويو آهي۔بهرحال هڪ سٺي شي متعارف پئي ڪئي وڃي۔ڏسون ته پاڪستان ۾ ان جي قيمت ڪٿي ٿي وڃي بيهي۔
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: گاڏي جو سفر هاڻي وڌيڪ پرڪشش۔۔۔۔۔ جنرل موٽرز جو نئون پروجيڪٽ

    واهه واهه ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڄاڻ جي حد تائين ته صحيح آهي ، باقي هي گاڏي وٺڻ ۽ ان جي سنڀال ڪرڻ اسان کان چڙهيل آهي۔

    اهو ڪم انٽرنيشنل فقير علي علي ئي ڪري سگهي ٿو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: گاڏي جو سفر هاڻي وڌيڪ پرڪشش۔۔۔۔۔ جنرل موٽرز جو نئون پروجيڪٽ

    وڌي واڙي لڳي ڀاڳ

    دنيا مزا ماڻي ويٺي ۔۔۔ ترقي يافته قومن جي ڳالهه ئي نه ڪريو، سندن ڪم ڪرڻ جي جڳهه، رهڻ جي جڳهه يا وري تفريح گاهون يا وري رابطي ۽ مواسلات جا نمونا اسانجي سوچ کان تمام مٿاهان آهن ۔۔۔

    اسانکي پهريان پنهنجي ملڪ جو نظام سڌارڻو پوندو انکانپو ئي ترقي جي منزل نظر ايندي ۔۔

    آ هن دفعي رات جو لڳ ڀڳ 12 لڳي طارق روڊ واري پاسي کان گذرندي، ٽريفڪ سگنل تي اچي بيٺس جو ڳاڙهو هيو، مونکان پويان ايندڙ ڪار هارن ڏنا ته پاسي ٿي بيٺو ڇو آهين؟ خئير مون پاسو نه ڪيو ته پويان واري گاڏي وارو لنگهي اڳتي ٿيو ۽ مونکي ائين ٿي ڏٺائين ڄڻ آ ڪو عجوبو هجان ۽ مڻ مڻ ۾ شايد ڪجهه گاريون به ڏنائين۔

    مون دوست سان ڳالهه ڪئي ته هي ڇا؟ دوست چيو ابا! اڌ رات جو هڪ ته توکي بيهڻ نه گهرجي جو هزار خطرا ٿي سگهنٿا، ٻيو ته هت اچانڪ بيهڻ سان ڪو پويان اچي گاڏي ٺڪا ڪندو، ۽ ٽين ڳالهه ته ماڻهون توکي بيوقوف سمجهندا ۔۔۔

    هاڻ ڪيو ڳالهه جنهن ملڪ ۾ اهڙي حالت هوندي ته اتي نئين ٽيڪنالاجي واري ڪار جي ڪهڙي ضرورت

    ها! پو به عرب سڳورا شوقين آهن، ممڪن جي مارڪيٽ ۾ اها ڪار آئي ته پاڻ ڏسي وٺنداسون۔ نه ته رشيد زنده آباد
     
  6. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: گاڏي جو سفر هاڻي وڌيڪ پرڪشش۔۔۔۔۔ جنرل موٽرز جو نئون پروجيڪٽ

    تمام سٺي ونڊ،، پر اسانجو ترقي پذير ملڪ ان ٽيڪنالاجي کان ڪوهين ڏور آهي۔۔پر ممڪن آهي اها ٽيڪنالاجي ڪي صديون پو اسان جي وس پهچ ۾ اچي وڃي، ڇو ته اسان کي ان منزل تي پهچڻ ۾ ڪي صديون لڳنديون۔ جئين ادا نثار ابڙو صاحب جن فرمايو ته ”اسانکي پهريان پنهنجي ملڪ جو نظام سڌارڻو پوندو انکانپو ئي ترقي جي منزل نظر ايندي ۔۔“
     
  7. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    جواب: گاڏي جو سفر هاڻي وڌيڪ پرڪشش۔۔۔۔۔ جنرل موٽرز جو نئون پروجيڪٽ

    ادا تمام بهترين ونڊ آهي
     
  8. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: گاڏي جو سفر هاڻي وڌيڪ پرڪشش۔۔۔۔۔ جنرل موٽرز جو نئون پروجيڪٽ

    لاجواب ونڊ آهي اد ا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو