
توهان مان جيڪي سائينس فڪش موويز ڏسڻ جا شوقين آهن ۔۔۔ انهن لاءِ ته هي ٽيڪنالاجي ڪا نئن ناهي ۔۔۔ جنرل موٽرز هڪ اسرائيلي ڪمپني سان ملي هڪ نئين پروجيڪٽ جو آغاز ڪيو آهي۔۔ جنهن تحت گاڏي جي پوئين سيٽ تي ويٺل ماڻهون پنهنجي سفر کي وڌيڪ لطيف بڻائي سگهي ٿو۔۔۔
هن پروجيڪٽ تحت گاڏي جي شيشن کي هڪ ٽچ اسڪرين ۾ تبديل ڪيو ويو آهي۔۔ يا وري ائين سمجهو ته گاڏي جا شيشا توهان جي ڪمپيوٽر جي ٽچ اسڪرين بڻجي ويندا جتي توهان دفتر جو ڪم سوشل نيٽ ورڪ يا وڊيو گيمز سميت سمورا ڪم ڪر سگهو ٿا۔۔ جنهن سان يقينن توهان جو سفر وڌيڪ مزيدار بڻجندو۔۔۔
ان حوالي سان پروجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ ٽيم في الحال ڪجهه ايپليڪيشنس تيار ڪيون آهن جهڙوڪ هڪ اينيميٽڊ ڪارٽون جيڪو توهان جي ڪار سان گڏو گڏ ڊوڙندو رهندو۔۔۔ يا وري ٻي ايپليڪيشن سان توهان پنهنجي ڪار جو ٻاهريون منظر تبديل ڪري دنيا جي ڪهڙي به حصي جو منظر لڳائي سگهندو۔۔۔ ان کانسواءِ سوشل ميڊيا جون به ڪجهه ايپليڪيشنس تيار ڪيون پيون وڃن۔۔۔
جيتوڻيڪ هن ٽيڪنالاجي سان گاڏي جي شيشن تي آڱرين جا نشان ته ٺهي پوندا پر پوئين سيٽ تي ويهندڙ ماڻهون پنهنجي سفر مان لطف ضرور وٺندو ۔۔ مطلب هاڻي پنهنجي ڪار ۾ شرارتي ٻار ويهارڻ ۾ به ڪو هرج نه ٿيندو جو هو توهان کي ڊرائيونگ دوران تنگ ڪرڻ بجاءِ مختلف ڪارٽونن سان دل وندرائيندو رهندو۔۔۔
هن ٽيڪنالاجي کي وڌيڪ بهتر نموني سان سمجهڻ لاءِ حاضر آهي هي وڊيو۔۔۔