پراجيڪٽ گلاس۔۔۔ گوگل عينڪ جي مدد سان مستقبل ۾ جهاتي پايو۔۔

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏23 اپريل 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    اڄ ئي مون توهان کي هي خبر ٻڌائي ته توهان هاڻي گاڏي جي سفر مان بور نه ٿيندو۔۔۔ پر جيڪا خبر مان هن موضوع ۾ کڻي آيو آهيان ان تحت هاڻي گوگل پروجيڪٽ توهان جي زندگي ئي تبديل ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو۔۔

    گوگل جي خفيه ليبارٽي ايڪس طرفان هڪ نئين پروجيڪٽ جي وڊيو جاري ڪئي وئي آهي ۔۔ جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هي ٽيڪنالاجي ڪهڙي طرح ڪم ڪري ٿي۔۔ هن ۾ هڪ شخص کي ڏيکاريو ويو آهي ته ڪهڙي طرح هو گوگل عينڪ جي مدد سان پنهنجي دوستن سان رابطن، موسم جو حال، وڊيو چيٽنگ، سوشل نيٽ ورڪنگ، نقشن جو استعمال، ۽ ٽريفڪ جي تفصيل وغيره سرانجام ڏئي ٿو۔۔

    توهان ان عينڪ کي ائين سمجهو جهڙوڪ توهان وٽ سمارٽ فون هجي فرق صرف اهو آهي ته هن کي کيسي ۾ رکڻ جي بجاءِ اکين تي چڙهيل رکڻو هوندو آهي۔۔ هن پروجيڪٽ ۾ عينڪ آوازن سان پنهنجي لاءِ حڪم وٺندي آهي۔۔

    هتي هڪ ٻي ڳالهه به ياد ڏيارجي ته ڪجهه ڏينهن اڳ نوڪيا به اهڙي ٽيڪنالاجي مارڪيٽ ۾ آڻڻ جو اعلان ڪيو هيو پر انهن جو ڪم ڪاٿي پهتو ان جي ڪابه خبر نه آهي۔۔ پر گوگل جي هن پروجيڪٽ بابت دلچسپ خبر اها آهي ته گوگل جو شريڪ باني سرجي برن هڪ محفل ۾ اهڙي قسم جو چشمو پائي آيل هيو۔۔۔ ان جي مطابق ته هي صرف ابتدائي ماڊل آهي۔۔ جنهن کي ڏسي هن ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪندڙن جو شوق وڌي ويو آهي۔۔
    گوگل جي ذريعن موجب هي ٽيڪنالاجي هن سال جي آخر تائين مارڪيٽ ۾ پهتي ڪئي ويندي۔۔ جنهن جي قيمت لڳ ڀڳ 600 امريڪي ڊالر هوندي۔۔

    هن ٽيڪنالاجي جي باري ۾ وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ حاضر آهي گوگل پروجيڪٽ طرفان متعارف ڪرايل هي وڊيو۔۔۔

     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: پراجيڪٽ گلاس۔۔۔ گوگل عينڪ جي مدد سان مستقبل ۾ جهاتي پايو۔۔

    دوستن جي سهولت لاءِ هڪ ٻي وڊيو پڻ لڳائجي ٿي ۔۔۔ جنهن ۾ ڏيکارجي ٿو ته آخر گوگل جي هي پروجيڪٽ عينڪ ڪم ڪيئن ٿي ڪري۔۔۔

     
  3. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: پراجيڪٽ گلاس۔۔۔ گوگل عينڪ جي مدد سان مستقبل ۾ جهاتي پايو۔۔

    اھا عينڪ پاڪستان ۾ موجود آھي ان جي قيمت ڪيتري آھي؟
     
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: پراجيڪٽ گلاس۔۔۔ گوگل عينڪ جي مدد سان مستقبل ۾ جهاتي پايو۔۔

    توهان جو جواب ليک ۾ ئي موجود آهي۔۔

     
  5. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    جواب: پراجيڪٽ گلاس۔۔۔ گوگل عينڪ جي مدد سان مستقبل ۾ جهاتي پايو۔۔

    ادا ايترو جلدي پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي نه پهچندي آهي
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: پراجيڪٽ گلاس۔۔۔ گوگل عينڪ جي مدد سان مستقبل ۾ جهاتي پايو۔۔

    يار اهڙيو شيون ونڊ ڪندو آهين جيڪي هونديون ته مزيدار آهن پر رقمون به واهه جو اٿن ۔۔۔۔۔۔
     
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: پراجيڪٽ گلاس۔۔۔ گوگل عينڪ جي مدد سان مستقبل ۾ جهاتي پايو۔۔

    واھ واھ سائين رشيد صاحب هڪ عينڪ پاڻ سان گڏ مون لاءِ به بُڪ ڪرائجو، ٿورا...
     
  8. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    ادا رشيد سمون،اها ته هڪ بهترين ايجاد آهي،ڇا انهي چشمي سان اکين جي روشنئي تي اثر ته نه پوندو؟ڇاڪاڻ ته جيڪي ريزيز ان ڄشمي کي ايڪٽيو ڪندا ،انهن جي تابڪاري جا ڪجھ ته اثرات هوندا۔
     
  9. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    حالانڪه موضون کي موڪليندي اچي سال ٿيو آ پر هي عينڪ گوگل وڃي هاڻي لانچ ڪئي آهي۔۔ اهو ئي سبب آهي ته گوگل جي هن پروجيڪٽ جون خبرون ته کوڙ هيون پر هن جي هارڊويئرس جا تفصيل ڳوليو ڪونه پيا ملن۔۔۔
    آخر گوگل وارن پنهنجي آفيشل ويب سائيٽ تي هن پروجيڪٽ جي هارڊويئر جا تفصيل پبلش ڪري ئي ڇڏيا۔۔۔ سنڌ سلامت جا ساٿي هتي ڪلڪ ڪري گوگل طرفان ڏنل سموري معلومات پڙهي سگهن ٿا۔۔۔
    ها هڪ خبر جنهن ۾ سنگت ضرور دلچسپي ڏيکاريندي ته آخر قيمت ڪيتري هوندي هن عينڪ جي ۔۔۔ ته خبر اها آهي ته گوگل وارن هڪ خاص گروپ کي هي عينڪ 1500 آمريڪي ڊالرس ۾ کپائي هئي ۔۔۔ پر هاڻي هن ڊيوائس کي کپائڻ جو باقائده آغاز ٿي چڪو آهي۔۔۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو