
اڄ ئي مون توهان کي هي خبر ٻڌائي ته توهان هاڻي گاڏي جي سفر مان بور نه ٿيندو۔۔۔ پر جيڪا خبر مان هن موضوع ۾ کڻي آيو آهيان ان تحت هاڻي گوگل پروجيڪٽ توهان جي زندگي ئي تبديل ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو۔۔
گوگل جي خفيه ليبارٽي ايڪس طرفان هڪ نئين پروجيڪٽ جي وڊيو جاري ڪئي وئي آهي ۔۔ جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هي ٽيڪنالاجي ڪهڙي طرح ڪم ڪري ٿي۔۔ هن ۾ هڪ شخص کي ڏيکاريو ويو آهي ته ڪهڙي طرح هو گوگل عينڪ جي مدد سان پنهنجي دوستن سان رابطن، موسم جو حال، وڊيو چيٽنگ، سوشل نيٽ ورڪنگ، نقشن جو استعمال، ۽ ٽريفڪ جي تفصيل وغيره سرانجام ڏئي ٿو۔۔
توهان ان عينڪ کي ائين سمجهو جهڙوڪ توهان وٽ سمارٽ فون هجي فرق صرف اهو آهي ته هن کي کيسي ۾ رکڻ جي بجاءِ اکين تي چڙهيل رکڻو هوندو آهي۔۔ هن پروجيڪٽ ۾ عينڪ آوازن سان پنهنجي لاءِ حڪم وٺندي آهي۔۔
هتي هڪ ٻي ڳالهه به ياد ڏيارجي ته ڪجهه ڏينهن اڳ نوڪيا به اهڙي ٽيڪنالاجي مارڪيٽ ۾ آڻڻ جو اعلان ڪيو هيو پر انهن جو ڪم ڪاٿي پهتو ان جي ڪابه خبر نه آهي۔۔ پر گوگل جي هن پروجيڪٽ بابت دلچسپ خبر اها آهي ته گوگل جو شريڪ باني سرجي برن هڪ محفل ۾ اهڙي قسم جو چشمو پائي آيل هيو۔۔۔ ان جي مطابق ته هي صرف ابتدائي ماڊل آهي۔۔ جنهن کي ڏسي هن ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪندڙن جو شوق وڌي ويو آهي۔۔
گوگل جي ذريعن موجب هي ٽيڪنالاجي هن سال جي آخر تائين مارڪيٽ ۾ پهتي ڪئي ويندي۔۔ جنهن جي قيمت لڳ ڀڳ 600 امريڪي ڊالر هوندي۔۔
هن ٽيڪنالاجي جي باري ۾ وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ حاضر آهي گوگل پروجيڪٽ طرفان متعارف ڪرايل هي وڊيو۔۔۔