شاھ عبداللطيف ڀٽائي

'ڊزائين ڪيل شاعري' فورم ۾ تسليم جاويد طرفان آندل موضوعَ ‏23 اپريل 2012۔

  1. تسليم جاويد

    تسليم جاويد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 مئي 2010
    تحريرون:
    45
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: شاھ عبداللطيف ڀٽائي

    ادا تسليم جاويد ۔۔۔” اسين اوهانلا دعاڳو ٿيون ۽ اوهين اسان لا“ ائين مومن هڪٻئي لا دعا گهرن ته ٻيڙا ئي پار ۔۔۔

    بيشڪ جيڏو تنهنجو نان ٻاجهه به اوڏيائي منڱيان۔

    تمام سهڻي دعا ۽ سهڻي چترڪاري

    لک قرب
     
  3. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: شاھ عبداللطيف ڀٽائي

    سائين ڏاڍو مشڪل ڪم آهي ڪو عارف يا سالڪ ان منزل پهچي اسان کي ته اها ٻولي ئي سمجهڻ ۾ ڏکي پئي لڳي اسان کي روح ۽ ان جي مخالف جي خبر به ڪا نه ٿي پوي ۔
    وسلام
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: شاھ عبداللطيف ڀٽائي

    ادا شاهه صاحب ( شاھ عبداللطيف ڀٽائي رح ) جيترو پاڻ سچو ۽ سادو انسان هو، سندس شاعري به اوتري ئي سادي ۽ سچي آهي، بس ڪير سمجهڻ وارو بڻجي، اگر نيت ڪبي ته سندس پيغام جو لفظ به لفظ سمجهه ايندو۔۔ ڀاءُ اسان اگر هر ڳالهه کي ائين چئي پاسي ڪري ڇڏيو ته هي ڪم ته تمام وڏو آهي يا وري هي ڳالهه ته اسان جي سمجهه کان مٿي آهي ته پوء اهڙن بزرگن جو پيغام بسڪتابن ۾ ئي رهجي ويندو، ۽ اسان هميشه اهڙا الفاظ چئي ڪري پسيرا ٿئي ويندا آهيون ڇو جو ائين چئي ڪري پاسيرو ٿيڻ تمام آسان ڪم آهي ۽ اهيو ڪم هر ڪو ڪري ٿو سگهي، مون ڏٺو آهي ته اهڙا تمام گهڻا ماڻهون آهن جيڪي قرآن لاء به اهيو چوندا آهن ته ادا قرآن اسان جي سمجهه کان مٿي آهي، سو ادا ائين به ناهي قرآن به انسانن جي سمجهڻ لاء لاٿو ويو آهي، ۽ جيڪي به صاحبِ قرآن آهي اهي سڀ جا سڀ انسان ئي هئا، الله جي رسول حضرت محمد صلي الله عليه واله وسلم جن کان وٺي صحابه ڪرام ۽ امامن سڳورن تائين۔۔۔ مگر انهن نه صرف قرآن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي پر انهن قرآن تي عمل به ڪيو،
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: شاھ عبداللطيف ڀٽائي

    تمام سهڻي چونڊ ۽ ڊزائن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    لطيف سائين جي هن بيت کي جيترو گهرائي سان سوچيو ته اورروئي ڪمال جو بيت ٿو لڳي۔ هڪ مڪمل دعا ۔۔۔۔۔۔۔ سوچيو ته رب جو نالو ڪيڏو وڏو آهي، هو ڪريم به آهي، رزاق به آهي، رحيم به آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ شاهه سائين چوي ٿو ته مونکي آسرو به ايڏو ئي وڏو آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    لاجواب ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    جيڏو تنهنجو نانء ، ٻاجهه به اوڏيائي مڱان
    ريء ٿنڀي ريء ٿوڻئين، تون ڇپر تون ڇانو
    ڪڄاڙو ڪهان،ء توکي معلوم سڀ ڪي
     
  6. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: شاھ عبداللطيف ڀٽائي

    سبحان اللھ
     
  7. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: شاھ عبداللطيف ڀٽائي

    ادا تسليم جاويد ڀٽو صاحب اسلام عليڪم۔ ادا توهانجون تمام گهڻيون مهربانيون جو دنيا جي عظيم شاعر "شاه عبدالطيف ڀٽائي" جن جي رسالي مان سُر ڏهر جي پهرين داستان جو پهريون بيت ۔جنهن ۾ الله پاڪ جي وڏائي،ان مان اميد ۽ آسري جي ذڪر ٿيل آهي کي چونڊي،پنهنجي محنتن سان وڻندڙ ڊيزائين جي پوشاڪ پهرائي،هن محبتي اڳڻ جي آڪاس تي انڊلٺ جي رنگ وانگر جگمگايو آهي۔

    شاه سائين جي شاعري پنهنجي اندر تمام گهڻي معني ۽ رمز رکي ٿي۔شاه سائين جٿي الله پاڪ جي واحدنيت،رحم،ڪرم،ان جي حڪم کانسواء شفاء نه ملڻ،اميد۔آسري ۽ ٻين صفتن جو ذڪر ڪيو آهي،اتي حضور صلي الله عليه وسلم،جن جي شفاعت،محبت،عزت،احترم ۔انهن جو سهارو گنهگارن لاء جو وردان ڪيو آهي۔نفس جي سرڪشي،شيطان جا دلين ۾ وسوسا پيدا ڪرڻ،ماڻهن جا ڪشالاء،جبل جاڳهڻ ته صحيحي منزل تي پهچي سگهن،ماروڙن جون نه وسارڻ جهڙيون محبتون۔دريائن ۾ پاڻي جون روانيون۔ملاحن جون سلامتيون۔پکي پکڻ سان محبت۔زندگي کي مختلف انداز ۾ گذارڻ،غريبن کي پيش ايندڙ تڪليفون۔هنن کي سهي صلاح ڏيڻ،سنڌ ڌرتي سان محبت۔ان کي سرسبز ڏسڻ ۽ ان جي ترقي ۽ ناپاڪ نگاهن کان بچائڻ جون دعائون۔شاه صاحب جي شاعري جو مرڪزي موضوع آهي۔شاه صاحب الله پاڪ کان سڄي عالم جي لاء خير گهريو آهي۔شاه سائين سُر سهڻي جي داستان ٻارهين ۾ پنهنجي بيتن جي باري ۾ فرمايو آهي ته:-

    جي تو بيتَ ڀانئيا ، سي آيَتُون آهِينِ
    نِئو مَنُ لائِينِ ، پِريان سندي پارَ ڏي۔

    جيئن ته اوهان شاه سائين جي سُر ڏهر مان بيت جي چونڍ ڪئي آهي،انڪري اسان پنهنجو اهو فرض ٿا سمجهون ته سرُ ڏهر جي سولي انداز ۾ تشريح پيش ڪيون ته محترم ميمبرس ان مان مستفيد ڪري شاه سائين جي ان سُر جي مرڪزي موضوع ۽ رمز کي سمجهي سگهن۔

    [B]سرُ ڏهر[/B]

    ذات الهي جو ذڪر ۽ ياد الهي ۾ رتل ولين جي ثنا واري موضوع کي،آڳاٽي وقت کان وٺي صوفين درويشن جي سماع وارين محفلن ۾ "سر ڏهر" ۾ الاپيو ويو۔هن سُر جي پهرئين داستان جو موِضوع ئي آهي ساري جهان جي خالق ۽ پالڻهار مولئ مهربان جي صفت ۽ ساراه،۽ سندس ٻاجھ ،مهر ،ڍڪ ۽ پناه لاء دعا۔انهيء لحاظ سان،انهن بيتن کي فقيرن ذڪر طور سُر ڏهر ۾ الاپيو آهي۔

    الله جئن نالوءِ ، تئن مون وڏو آسرو۔
    ___ ________ __________


    مِٺو جئن نالو ،تئن مون وڏو آسرو۔
    ___ ________ __________

    جيڏو تنهنجو ناءِ ، ٻاجھ به اوڏيائي مڱان۔
    ___ ________ __________

    ان سان گڏ هن زمين تي انسان جي عارضي زندگي جي حوالي سان کيس ترغيب ته هي حياتي هڪ عارضي منزل يا مانجهاندي جو ماڳ آهي;انهي ڪري ڊگهيون رٿائون رٿڻ ۽ وڏيون اميدون رکڻ بي سود آهن۔ننڊ ۽ غفلت بدران بيداري ۽ سجاڳي واري حالت ۾ هجڻ ضروري آهي۔سجاڳي ۽ بيداري ڌڻيءَ کي ياد ڪرڻ سان حاصل ٿيندي۔

    ڊگهي اڏ مَ مَنهين ، پکو اَڏ مَ لانڍ۔
    ____ ________ ________

    ڪيِن سُمھ ڪِين جاڳ، ننڊر ڪجي ايتري۔
    ____ ________ ________

    سُتُي نه سَرندياءِ، ڪَرِ پچارَ پرينءَ جي۔


    داستان ٻئين ۾ جسوڌڻ آگري جي دور ۾ پٽيهل درياء ۾ پاڻي جي موج سببان ملڪ ۾ آبادي ۽ ماڻهن جي خوشحالي،۽ ان بعد وري پٽيهل ۾ پاڻي جو گهٽجڻ ۽ سڪڻ،ماڻهن جو لڏڻ ۽ ملڪ جو ڦٽڻ هن داستان جو مکيه موضوع آهي۔
    ڪو وقت هو جو جسوڌڻ آگري جهڙي نيڪ حاڪم جو دور دورو هو۔پٽيهل درياء پنهنجي جوبن تي وهندو هو۔ملڪ آباد هو،راڄ سکيا هئا ۽ جتي ڪٿي ماڻهن جا ميڙا هئا۔پر هن عارضي دنيا جي جنسار کي ڪو بقاء ڪونهي،درياء رخ بدليو ۽ پٽيهل ڍوري ۾ پاڻي گهٽجڻ لڳو،ملاح پهنجا ٻيڙا پٽيهل مان ڪڍي ويا،واهڙن ۽ سانگن جا گاه ۽ فصل سُڪي ويا ۽ ڍوري جي ڪنڌين سان اڪ ڦلارجڻ لڳا۔آبادي جي گهٽجڻ ڪري
    "ماڙُهن ميڙائو،ڪني ڪنمي ڀيڻيين" جسوڌڻ توڙي ٻيا وڏا وير وزير سڀ وماس ۾ پئجي ويا ۽ چوڻ لڳا ته:-

    پٽيهل ۾ پُور،اڳيون ناهي آب جو
    سُڪين ڪهڙي سُور ،پيئه واري وچ ۾ !


    داستان ٽيئن ۾ اڳيئن وقت جي وڏي ارڏي سردار لاکي ڦُلاڻي جي ڳُڻن ڳالهين ؤ ڏاڍاين جا اهڃاڻ هن داستان جو مکيه موضوع آهن۔سندس ڳڻ اهي جو غريب اوڏڻ سان پرڻيو ۽ اوڏن جي لڄ پت رکيائين ۽ کين پاڻ وٽ اجهو ۽ اوٽ ڏنائين۔سندس ڏاڍائي اها جو هر طرف هَلائون ڪري مال ڦري ڪاهي راڄن کي لڏايائين۔ريٻارين ۽ جاڙيجن(ذآتون) جا ته وڳ ڪاهيائين،پر اهي راڄ جيڪي ملڪ جي حاڪم راء کنگهار جي پناه هيٺ هئا تن جون به لوڙيون هنيائين۔

    داستان چوٿون،سنگهارن يعني مالدارن جي وڏي چاه سان مال ڌارڻ ۽ چارڻ ،پاڻ ۾ گڏ رهڻ ۽ سندس صلح سانت ۽ اطمينان واري سماجي زندگي جو آئينو آهي۔
    نئين شوق سان مينهون ڌاريندڙ کي صلاح ته: جي تون چاهين ته تنهنجيون مينهيون وس چرن ته پوء پنهنجيون ڪنڍيون ڪاهي وڃي سنگهارن(مالدارن) وٽ ويھ جتي هڪ ٽه منڌائتو مينهن وسي ۔ٻيو ته جن وٽ نه ڪا چوري ته نه ڪو ٻيو هاڃو ٿئي۔

    داستان پنٍجون ڪونجن جي اعلئ وصفن جا اهڃاڻ،ڪونجن تي ڪهل ڪرڻ ۽ کين نه مارڻ جي ترغيب هن داستان جو مرڪزي خيال آهي۔ڪونجن جي فطري اعلئ
    وصفون اهي جو ڪونجون قوت ۽ چُوڻي خاطر پرديس ۾ اچن،پر وطن ساري وري پوئتي ورن۔هو ٻاجهاري ٻولي ڪن،وڳر ڪري هلن ۽ هڪ ٻئي کان جدا نه ٿين،۽ جيڪڏهن ڪا منجهائن پوئتي رهجي وڃي ته ان کي سنڀاري ساڻ ڪن۔انهي ڪري کين نه ستائڻ جي ترغيب ۽ سندس واسطي دعا ته:ڌڻي پنهنجي ٻاجھ ڪري کين وري پنهنجي وطن ۾ پنهنجي ٻچن سان ميڙي۔


    ڪُونجن کي ڪيم چئو جي ٻاجهارو ٻولن
    ساريو سانڀيڙن کي رڙيون ڪئو رئن
    سائين سندا تن، ٻچا ميڙيين ٻاجھ سين۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو