ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
اميرِ شهر ني هيري سي خودڪشي ڪرلي
گهڻن ماڻهن جو خيال آهي ته سڪون انسان کي مال دولت جي گهڻائي ميسر اچڻ سان ملندو آهي ۔ جي اسان پنهنجي رات ڏينهن جي ڪشمڪش ڀري زندگي ڏي نظر وجهون ته 99 جو ڦير ئي ڦير آهي ۔ 99 تي پهچي وري ان کي 100 بڻائڻ جي چڪر ۾ رڌل معاشرو ٻين جا حق غذب ڪرڻ جي لامحدوو ڪوششن ۾ رُڌل ٿو نظر اچي۔ ڪيترائي ۾انهون اهڙا آهن جي پارسا نظر ان لاءِ ٿا اچن جو انهن جو وس نه ٿو پُڄي جي انهن جو وس پُڄي ته هو چکي طرح سان ٻُڌائين ته اهي ڪيترا پارس آهن ۔ جڏهن ته گناه جو موقعو نه ملڻ به الاهي احسان آهي ۔ هي جا معاشري ۾ هيٺائين مٿاهين طبقي جي جنگ آهي اها فقط معاشري جي بي عدلي جي بنياد تي آهي ۔ ڪو ڍاول آهي ته ان کي بدهضمي آهي جي ڪو بکيو آهي ته ان جو پيٽ پاکڙا لڳو پيو آهي ۔ هر ڪو ماڻهون جهپٽا جهپٽي جي عالم ۾ رُڌل آهي نه خوفِ خدائي نه انسان ترسي ڪا نظر پئي اچي ۔ ڪيترا ئي ماڻهون جي دولت مند آهن جي انهن کي ڪو چوي ٿو ته پنهنجي عزيز و اقارب جي مدد ڪن سندن دولت ۾ غريبن مسڪينن محتاجن يتيمن جو حق آهي ته انهن جو ورجائڻ به عجيب آهي ته سائين انهن جو حق وري اسان جي دولت ۾ ڪيئن ٿيو الله اسان کي عطا ڪيو آهي جي الله چاهي ته هنن کي به عطا ڪري ۔ واقعي دنيا ۾ ڪيترا ئي اهڙا ماڻهون آهن جي خدا ترسي رکن ٿا ۔ هي دنيا جي دولت جي پنهنجي صحيح مقام تي استعمال ٿئي ۔ اسلام جيڪو اصول عطا ڪيو آهي جڏهن ته اسلام جا اصول انسان جي بتدريج تريبت ڪندي پهريان ان کي زڪوات و خيرات جي تبيت عطا ڪري ٿو ۔ ايتري تائين جو اسلام جي حڪم ۾ اهو به اچي ٿو ته جيتري اوهان جي ضرورت آهي ان کي رکو باقي الله جي راه ۾ خرچ ڪريو ۔ هاڻي جي هر دولت مند پنهنجي ضرورت کانسواءِ هر شي الله جي راه ۾ خرچ ڪري يعني اها دولت معاشري جي استعمال هيٺ آڻي ته هن معاشري ۾ شايد ڪو به شخص غريب نه هجي نه ئي غربت جي ڪارڻ انساني معاشرن ۾ خودڪشيون هجن ۔ ڏاهن جو قول آهي ته جنهن معاشري ۾ ماني مذدور جي ڪمائي مهانگي ٿي وڃي ته ان معاشري ۾ ٻه شيون سستيون ٿي وينديون آهن هڪ عورت جي عفت ۽ ٻي مرد جي غيرت۔ آءُ صرف پنهنجي معاشري جي ڳالھ نه ٿو ڪريا هر معاشري ۾ ڏسو اوهان کي اهي شيون عام جام ملنديون ۔ اهو نتيجو آهي معاشري ۾ دولت جي غير معياري دولت جي ورڇ جو ۔ هاڻي ڇا الله هر ڪنهن کي دولت نه ٿو ڏئي سگهي جو هن ڪجھ ماڻهن جي هٿ ۾ دولت بي تهاشا ڏني تي فاقن جي عالم ۾ زندگي گذارين پيا ڇا الله جي اهڙي چاهت آهي ؟ نه ائين انهي دراصل نظام الاهي ۾ اهڙي ڪا ورڇ ناهي ۔ان تي ڪجھ لکڻ کان پهريان آءُ اڳي هڪ پروگرام ايندو هو انڪل سرگم ان ۾ هڪ شعر انڪل سرگم پڙهيو هو
اي ميري پياري الله ميان يه ڪيسي بدنظمي هي
همارا پيٽ خالي اور ان ڪو بدهضمي هي
دراصل سالڪن و عارفن اها ڳالھ ائين سمجهائي آهي ته پروردگا انسان کي دولت ڏئي به آزمايو آهي ته دولت نه ڏئي به آزمايو آهي جنهن کي دولت ڏئي آزمايو تنه کي چيو اٿائين ته هي دولت منهنجي بندن تائين پهچايو ۽ جنهن کي دولت ناهي ڏني تنهن کي وري اهو حڪم ڏنو اٿائين ته خبردار ڪنهن اڳيان هٿ کڻجانءِ۔ هاڻي ٻئي آزمائش ۾ جنهن کي ڏنو سو ان جي مٿان ڪارو نانگ ٿي ويهي رهيو آهي ۽ جنهن کي منع ڪيو ويو آهي ته ڪنهن اڳيان هٿ ناهي ٽنگڻو سو پندو ٿو وتي نتيجو حڪمِ الاهي جي عدولي جي پاداش ۾ معاشري بي سڪوني رهزني وغيره جهڙيون هزارين برايون راوزانون نئين انداز ۾ جنم وٺن پيون جنهنجي پاداش ۾ معاشري جو هر ماڻهون لتاڙجندو نظر اچي پيو۔ هتي هر ڪنهن کي پنهنجو اُلو سڌو ڪرڻ جي لڳل آهي ڪنهن تي ڇا پئي گذري ڪنهن کي ڪا پرواه ڪانهي ۔
حالت هي آهي جو نه مندر نه مسجد نه ڪُلسيا کي بخشيو ٿو وڃي ۔ بي چيني جو عالم نه صرف هيٺئين طبقي ۾ نظر پيو اچي بلڪه اهو عالم مٿيئن طبقي ۾ اڃان وڌيڪ عيان آهي ۔ هتي سڪون جي تلاش ۾ اڪثر اهي ڪم ڪيا پيا وڃن جنهن انسان جي زندگي ۾ بي سڪوني جو سضفو ڪيو آهي ( مرض بڙهتا هي گيا جون جون دوا ڪي) اهو سڀ ڪجھ انساني معاشري لاشعوري طور تي ٿي رهيو آهي ۔ لاشعوري جي ڪري ئي هتي هر مرض گهٽجن بدران وڌندو پيو وڃي ۔دولتمند سڪونم جي خاططر عياشين ۾ رُڌل آهي يا ان دولت جي ميڙ ۾ ايترو ته مشغول آهي جو نه ڪنهن جي حق نه ڪنهن جي عزت جو خال ٿو ڪري ۔ هيٺيون طبقو پڻ دولت جي حصول لاءِ هر روز نئين انداز ۾ جُرم کي متعارف پيو ڪرائي۔
جتي اسان اها ڳالھ ٿي ڪئي ته اسان اڪثر اهو سمجهندا آهيون ته جنهن وٽ دولت هجي مال ملڪيت يا جي چئجي زر ذمين زن هجي اتي سڪون هوندو ليڪن ائين ناهي يا اسان انهن ماڻهن کي ڪامياب سمجهندا آهيون جن وٽ اهي ٽئي شيون هجن جڏهن ته عارفن و سالڪن معاشري ۾ سڀ کان وڏي فسادي جڙ انهن شين جي حُب کي قرار ڏنو آهي ۔ جي دنيا جي نگاه تي نظر وجهون ۽ ان تي قرآني تجزئي جي ڳالھ ڪريون ته قرآن چوي ٿو ( عصر (زماني) جي قسم انسان خساري ۾ آهي سواءِ انهن ماڻهن جي ) (العصر ) يعني جي هن کي هين پرکجي ته جن ماڻهن کي زماني جو ڪامياب ترين ماڻهون سمجهيو ويندو هو ان زماني اهو ثابت ڪيو ته اهي ماڻهو خساري ۾ رهيا مثال جي طور تي فرعون ،هامان شدادا ،نمرود ،يزيد يا اڃو ڪا اهي دولت مند و طاقتور قومون يا ماڻهون جن پنهنو پاڻ کي زماني جو حاڪم ٿي سمجهيو اهي ماڻهون زماني ناڪام ثابت ڪيا آهن جيئن مير جو شعر آهي
ڪل تڪ جو صاحبِ نوبت ٿي نشان نهين ان ڪي آج
بعد فنا ڪي آپ رهي ڪفن ڪي محتاج
درويش غني اس ڪي رهي شاڪي
بتلاؤ ڪي دنيا ني ڀي ڪسي سي وفا ڪي
بلڪه حقيقت هي آهي ته جنهن وٽ جيتري دولت جي حُب آهي ان جي موت جو اوترو عجيب عالم سالڪن سمجهايو ۔ دنيا ۾ جنهن ماڻهون ۾ جنهن شي ۾ جيتري چاهت آهي جڏهن اهو مرندو آهي ان شي مان ان جي روح ايتري مشڪل سان نڪرندي آهي ۔
ڪڏهن ڪڏهن بي سڪوني اهڙا هاڃا برپا ڪندي آهي جو انسان جو عقل دنگ رهجي ويندو آهي ۔ مثال جي ڪو غريب ڪنهن غربت جي سبب خودڪشي ڪري ته ان جو سبب غربت ڳڻجي پر جي ڪو دولت مند خودڪشي ڪري ته ان جو سبب بي سڪوني ۔ بابا دنيا جي اڪثريت مال و دولت جي فراواني ۾ سڪون کي سمجهندي آهي پوءِ هن امير ڇو خوڪشي ڪئي جنهن وٽ مال به آهي ته دولت به آهي اهي شيون غور طلب آهن جن تي انشاءِ الله ٻئي حصي ۾ ڪجھ بحث ڪندا سين ۔ پهريون حصو ان تي ختم ته
فقير شهر تو فاقون سي مر گيا عارف
اميرِ شهر ني هيري سي خودڪشي ڪر لي
وسلام