اميرِ شهر ني هيري سي خودڪشي ڪرلي

'مقالا' فورم ۾ ڏاڏل شينو طرفان آندل موضوعَ ‏23 اپريل 2012۔

  1. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    اميرِ شهر ني هيري سي خودڪشي ڪرلي


    [JUSTIFY]گهڻن ماڻهن جو خيال آهي ته سڪون انسان کي مال دولت جي گهڻائي ميسر اچڻ سان ملندو آهي ۔ جي اسان پنهنجي رات ڏينهن جي ڪشمڪش ڀري زندگي ڏي نظر وجهون ته 99 جو ڦير ئي ڦير آهي ۔ 99 تي پهچي وري ان کي 100 بڻائڻ جي چڪر ۾ رڌل معاشرو ٻين جا حق غذب ڪرڻ جي لامحدوو ڪوششن ۾ رُڌل ٿو نظر اچي۔ ڪيترائي ۾انهون اهڙا آهن جي پارسا نظر ان لاءِ ٿا اچن جو انهن جو وس نه ٿو پُڄي جي انهن جو وس پُڄي ته هو چکي طرح سان ٻُڌائين ته اهي ڪيترا پارس آهن ۔ جڏهن ته گناه جو موقعو نه ملڻ به الاهي احسان آهي ۔ هي جا معاشري ۾ هيٺائين مٿاهين طبقي جي جنگ آهي اها فقط معاشري جي بي عدلي جي بنياد تي آهي ۔ ڪو ڍاول آهي ته ان کي بدهضمي آهي جي ڪو بکيو آهي ته ان جو پيٽ پاکڙا لڳو پيو آهي ۔ هر ڪو ماڻهون جهپٽا جهپٽي جي عالم ۾ رُڌل آهي نه خوفِ خدائي نه انسان ترسي ڪا نظر پئي اچي ۔ ڪيترا ئي ماڻهون جي دولت مند آهن جي انهن کي ڪو چوي ٿو ته پنهنجي عزيز و اقارب جي مدد ڪن سندن دولت ۾ غريبن مسڪينن محتاجن يتيمن جو حق آهي ته انهن جو ورجائڻ به عجيب آهي ته سائين انهن جو حق وري اسان جي دولت ۾ ڪيئن ٿيو الله اسان کي عطا ڪيو آهي جي الله چاهي ته هنن کي به عطا ڪري ۔ واقعي دنيا ۾ ڪيترا ئي اهڙا ماڻهون آهن جي خدا ترسي رکن ٿا ۔ هي دنيا جي دولت جي پنهنجي صحيح مقام تي استعمال ٿئي ۔ اسلام جيڪو اصول عطا ڪيو آهي جڏهن ته اسلام جا اصول انسان جي بتدريج تريبت ڪندي پهريان ان کي زڪوات و خيرات جي تبيت عطا ڪري ٿو ۔ ايتري تائين جو اسلام جي حڪم ۾ اهو به اچي ٿو ته جيتري اوهان جي ضرورت آهي ان کي رکو باقي الله جي راه ۾ خرچ ڪريو ۔ هاڻي جي هر دولت مند پنهنجي ضرورت کانسواءِ هر شي الله جي راه ۾ خرچ ڪري يعني اها دولت معاشري جي استعمال هيٺ آڻي ته هن معاشري ۾ شايد ڪو به شخص غريب نه هجي نه ئي غربت جي ڪارڻ انساني معاشرن ۾ خودڪشيون هجن ۔ ڏاهن جو قول آهي ته جنهن معاشري ۾ ماني مذدور جي ڪمائي مهانگي ٿي وڃي ته ان معاشري ۾ ٻه شيون سستيون ٿي وينديون آهن هڪ عورت جي عفت ۽ ٻي مرد جي غيرت۔ آءُ صرف پنهنجي معاشري جي ڳالھ نه ٿو ڪريا هر معاشري ۾ ڏسو اوهان کي اهي شيون عام جام ملنديون ۔ اهو نتيجو آهي معاشري ۾ دولت جي غير معياري دولت جي ورڇ جو ۔ هاڻي ڇا الله هر ڪنهن کي دولت نه ٿو ڏئي سگهي جو هن ڪجھ ماڻهن جي هٿ ۾ دولت بي تهاشا ڏني تي فاقن جي عالم ۾ زندگي گذارين پيا ڇا الله جي اهڙي چاهت آهي ؟ نه ائين انهي دراصل نظام الاهي ۾ اهڙي ڪا ورڇ ناهي ۔ان تي ڪجھ لکڻ کان پهريان آءُ اڳي هڪ پروگرام ايندو هو انڪل سرگم ان ۾ هڪ شعر انڪل سرگم پڙهيو هو
    اي ميري پياري الله ميان يه ڪيسي بدنظمي هي
    همارا پيٽ خالي اور ان ڪو بدهضمي هي

    دراصل سالڪن و عارفن اها ڳالھ ائين سمجهائي آهي ته پروردگا انسان کي دولت ڏئي به آزمايو آهي ته دولت نه ڏئي به آزمايو آهي جنهن کي دولت ڏئي آزمايو تنه کي چيو اٿائين ته هي دولت منهنجي بندن تائين پهچايو ۽ جنهن کي دولت ناهي ڏني تنهن کي وري اهو حڪم ڏنو اٿائين ته خبردار ڪنهن اڳيان هٿ کڻجانءِ۔ هاڻي ٻئي آزمائش ۾ جنهن کي ڏنو سو ان جي مٿان ڪارو نانگ ٿي ويهي رهيو آهي ۽ جنهن کي منع ڪيو ويو آهي ته ڪنهن اڳيان هٿ ناهي ٽنگڻو سو پندو ٿو وتي نتيجو حڪمِ الاهي جي عدولي جي پاداش ۾ معاشري بي سڪوني رهزني وغيره جهڙيون هزارين برايون راوزانون نئين انداز ۾ جنم وٺن پيون جنهنجي پاداش ۾ معاشري جو هر ماڻهون لتاڙجندو نظر اچي پيو۔ هتي هر ڪنهن کي پنهنجو اُلو سڌو ڪرڻ جي لڳل آهي ڪنهن تي ڇا پئي گذري ڪنهن کي ڪا پرواه ڪانهي ۔
    حالت هي آهي جو نه مندر نه مسجد نه ڪُلسيا کي بخشيو ٿو وڃي ۔ بي چيني جو عالم نه صرف هيٺئين طبقي ۾ نظر پيو اچي بلڪه اهو عالم مٿيئن طبقي ۾ اڃان وڌيڪ عيان آهي ۔ هتي سڪون جي تلاش ۾ اڪثر اهي ڪم ڪيا پيا وڃن جنهن انسان جي زندگي ۾ بي سڪوني جو سضفو ڪيو آهي ( مرض بڙهتا هي گيا جون جون دوا ڪي) اهو سڀ ڪجھ انساني معاشري لاشعوري طور تي ٿي رهيو آهي ۔ لاشعوري جي ڪري ئي هتي هر مرض گهٽجن بدران وڌندو پيو وڃي ۔دولتمند سڪونم جي خاططر عياشين ۾ رُڌل آهي يا ان دولت جي ميڙ ۾ ايترو ته مشغول آهي جو نه ڪنهن جي حق نه ڪنهن جي عزت جو خال ٿو ڪري ۔ هيٺيون طبقو پڻ دولت جي حصول لاءِ هر روز نئين انداز ۾ جُرم کي متعارف پيو ڪرائي۔
    جتي اسان اها ڳالھ ٿي ڪئي ته اسان اڪثر اهو سمجهندا آهيون ته جنهن وٽ دولت هجي مال ملڪيت يا جي چئجي زر ذمين زن هجي اتي سڪون هوندو ليڪن ائين ناهي يا اسان انهن ماڻهن کي ڪامياب سمجهندا آهيون جن وٽ اهي ٽئي شيون هجن جڏهن ته عارفن و سالڪن معاشري ۾ سڀ کان وڏي فسادي جڙ انهن شين جي حُب کي قرار ڏنو آهي ۔ جي دنيا جي نگاه تي نظر وجهون ۽ ان تي قرآني تجزئي جي ڳالھ ڪريون ته قرآن چوي ٿو ( عصر (زماني) جي قسم انسان خساري ۾ آهي سواءِ انهن ماڻهن جي ) (العصر ) يعني جي هن کي هين پرکجي ته جن ماڻهن کي زماني جو ڪامياب ترين ماڻهون سمجهيو ويندو هو ان زماني اهو ثابت ڪيو ته اهي ماڻهو خساري ۾ رهيا مثال جي طور تي فرعون ،هامان شدادا ،نمرود ،يزيد يا اڃو ڪا اهي دولت مند و طاقتور قومون يا ماڻهون جن پنهنو پاڻ کي زماني جو حاڪم ٿي سمجهيو اهي ماڻهون زماني ناڪام ثابت ڪيا آهن جيئن مير جو شعر آهي
    ڪل تڪ جو صاحبِ نوبت ٿي نشان نهين ان ڪي آج
    بعد فنا ڪي آپ رهي ڪفن ڪي محتاج
    درويش غني اس ڪي رهي شاڪي
    بتلاؤ ڪي دنيا ني ڀي ڪسي سي وفا ڪي


    بلڪه حقيقت هي آهي ته جنهن وٽ جيتري دولت جي حُب آهي ان جي موت جو اوترو عجيب عالم سالڪن سمجهايو ۔ دنيا ۾ جنهن ماڻهون ۾ جنهن شي ۾ جيتري چاهت آهي جڏهن اهو مرندو آهي ان شي مان ان جي روح ايتري مشڪل سان نڪرندي آهي ۔
    ڪڏهن ڪڏهن بي سڪوني اهڙا هاڃا برپا ڪندي آهي جو انسان جو عقل دنگ رهجي ويندو آهي ۔ مثال جي ڪو غريب ڪنهن غربت جي سبب خودڪشي ڪري ته ان جو سبب غربت ڳڻجي پر جي ڪو دولت مند خودڪشي ڪري ته ان جو سبب بي سڪوني ۔ بابا دنيا جي اڪثريت مال و دولت جي فراواني ۾ سڪون کي سمجهندي آهي پوءِ هن امير ڇو خوڪشي ڪئي جنهن وٽ مال به آهي ته دولت به آهي اهي شيون غور طلب آهن جن تي انشاءِ الله ٻئي حصي ۾ ڪجھ بحث ڪندا سين ۔ پهريون حصو ان تي ختم ته
    فقير شهر تو فاقون سي مر گيا عارف
    اميرِ شهر ني هيري سي خودڪشي ڪر لي

    وسلام
    [/JUSTIFY]
     
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: اميرِ شهر ني هيري سي خودڪشي ڪرلي

    جان جان پَسِين پاڻَ کي، تان تان ناهِ سُجُودُ؛ ،وِڃائي وُجُودُ، تِهان پوءِ تَڪبِيرَ چَئو. ادا ڏاڏل توهان جون ڳالهيون سون برابر آهن ۽ هميشه چڱيون ڳالهيون چوڻ لاء ئي سٺيون لڳنديون آهن، باقي يار عمل ڪرڻ وارن مان ته ڪي ڪي،مان ته پنهنجي لاء توهان جي مرشد علامه اقبال صاحب جي الفاظن ۾جواب ڏيندس ته ادا ( دل اپنا پاپي برسون سي نمازي بن نا سڪا ) ادا هي انسان به عجيب سوچ جو مالڪ آهي، مون کي ته افسوس ان ڳالهه جو آهي ته اسان انهن ماڻهن تي ته زندگي ۾ ٽوڪون ڪندا آهيون جيڪي عمل ڪندڙ هوندا آهن، ۽ تارڪ الدنيا هوندا آهن ۽ مال دولت جي پويان ڏينهن رات هڪ ناهن ڪندا، ۽ پنهنجون ضرورتون ماري ڪري ٻين جي مدد ڪندا آهن، پر پوء وري انهن جي مرڻ کانپوء اسان انهن جي قبرن تي وڃي عجيب رنگ پيش ڪندا آهيون، جنهن جي انهن کي انهيء حالت ۾ ضرورت ناهي هوندي، ، يا وري اسان هميشه اهيو به ڏٺو آهي ته جڏهن پنهنجو سڳو ڀاءُ به بيروزگار هوندو آهي ۽ مسڪيني حال هوندواٿس ۽ پريشان هوندو آهي ته ان جي به عزت ناهيون ڪندا ۽ ان کي نفرت جي نگاهه سان ڏسندا آهيون، ۽ ان کي صاحب حيثيت هوندي ٻين جي درن تي ڇڏي ويندا آهيون، جت هو مجبوري ۽ لاچاري جي زندگي بسر ڪندو آهي، ( جنهنجا مثال توهان پاڻ به ڏٺا هوندا ) ۽ ٻين جي رحم و ڪرم هيٺان هوندوآهي، مگر جڏهن اهو ئي ساڳو ڀاءُ جڏهن روزگار سان ٿيندو آهي ۽ صاحب حيثيت ٿيندو آهي ۽ ان جي دنيا ۾ هڪ سماجي حيثت ٺهندي آهي ، ماڻهون ان کي عزت ڏيڻ لڳندا آهن، ته اسان صرف ان وقت ئي ان کي پنهنجن اکين تي ويهاريندا آهيون، ۽ پوء ته ان ننڍي ڀاءُ کي به ادو ڪري سڏيندا آهيون، جنهن کي ماضي ۾ برن نالن سان سڏيندا آهيون، ۽ جنهن ماڻهون تي اک پوڻ سان اکيون ڳاڙهيون ٿئي وينديون هيون، هاڻ ان جي صلاح مشوري کان سواء ڪو فيصلو ناهيون ڪندا ۔۔۔۔۔ ۔۔۔ ادا ڏاڏل آخر ائين ڇو؟،، آخر ائين ڇو؟،، آخر ائين ڇو؟ادا ڏاڏل صاحب دنيا ۾ اهڙا منافق ماڻهون ڇو آهن، توهان ته زماني جا اٿيل ويٺل شخص آهيو، توهان ته مون کي جواب ڏيو،۔۔ هي رشته ناتا دوستيون به هڪ لالچ جي سڳي ۾ جڙيون پيون آهن، جڏهن ان لالچ جو سڳو ٽٽي ٿو ته اهي موتي جيڪي ان سڳي سان جڙيل هئا اهي ڪيڏانهن جو ڪيڏانهن هليا ٿا وڃن، ۽ پوء انهن موتين جو ڪو به قدر ڪو نه ٿو رهي، آخر ڇو ؟ ، آخر ڇو ؟ آخر ڇو ؟ آخر ڇو ؟ آخر ڇو ؟ آخر ڇو ؟اڄ ته مون کي جواب ڏيو، ،،، جڏهن ته درويشن عالمن عارفن ۽ مفڪرن ته هي سبق ڏنو آهي ته۔۔۔ اَکِـيُون سي ئِي ڌارِ، جِنِ سان پَسِين پِرِينءَ کي؛ ،،ٻِئي ڏانهن ڪِيمَ نِهارِ، گَھڻو رِيسارا سُپِرِين.
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اميرِ شهر ني هيري سي خودڪشي ڪرلي

    ڏاڏل سائين مهربانيون

    اوهان جو نصيحت ۽ سچائيء سان ڀريل مضمون پڙهيوسين ۽ پوء ڪجهه پاڻ ڏانهن ۽ دنيا ڏانهن به ڏٺوسين۔ انسان نا شڪر رهيو آهي ۽ بي صبرو به رهيو آهي جنهن جو ذڪر قرآن ۾ پڻ آهي۔ جڏهن من و سلوا جهڙي خوراڪ ملي رهي هئي ته انسان ٿوم ۽ بصر جي فرمائش ڪئي۔ قارون دولت جي ڪڍ لڳو رهيو ته وري ڪي فرعون ٿي طاقت ۽ خدائي جي دعوا ڪندا رهيا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    ڌڻي در دعاگو آهيون ته پنهنجي فرمانبردار ٻانهن ۾ شامل ڪري ۽ رسول صه جي زندگيء جي پيروي ڪرڻ جي توفيق عطا ڪري۔
     
  4. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: اميرِ شهر ني هيري سي خودڪشي ڪرلي

    ڏاڏل جو نصحيت ڀريو مضمون پڙهڻ کان پوء اهو اندازو لڳايوسين ته اسان سڀ ان مهور ۾ داخل آهيون جتي نفس پرستي، دولت پرستي جهڙا عنصر شامل آهن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ان کان هٽي ڪري اسان سوچون ڪاڏي وڃن ئي ڪون ٿيون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    ممتاز وگهيو جون ڳالهيون به تکيون ترار وانگر آهن ۔۔۔۔۔۔۔۔ اها هڪ حقيقت آهي ته ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ بيٺي جو يار سڀڪو ڪرئي جو ڪوبه ڪونهي ڪو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اسان پنهجا سڳا رشتا به دولت جي ڪري وساري ويهون ٿا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    الله سائين اسان سڀني کي سچ ء حق جي راه تي هلڻ جي توفيق ڏئي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڏاڏل جو هڪ بهترين موضوع
     
  5. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: اميرِ شهر ني هيري سي خودڪشي ڪرلي

    تمام سھڻو ۽ نصيحت آموز مضمون
     
  6. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: اميرِ شهر ني هيري سي خودڪشي ڪرلي



    آه آه مايا ڪو مايا ملي ڪر ڪر لمبي هاٿ
    مفلسي ۾ توٽ جاتا هي وه ڀي جو هوتا هي رشته خاص

    سائين اسان ان موضوع تي لکيو ته آهي آخ ائين ڇو آهي ۽ ان جي اصل وجھ حُبِ دنيا آهي انشاءِ الله اڳيئن حصي تي سالڪن و عارفن جو ان مطلق ڪجھ زيرِ بحث آڻينداسين ۔ اصل ۾ نفس پرستي اهڙي بلا آهي جا انسان مان اُنس جي عنصر کي ڪڍيو ڇڏي ٿي نتيجو بي وفائي جي صورت ۾ اسان جي معاشري ۾ ڪئي مثالون ظاهر ڪري ٿو۔ ان خواهشِ نفس جي نفي ڪرڻ سان ذات ۾ هڪ اثبات ظاهري ٿيندو جنهن لُطف کي سو ئي ڄاڻِ جو ان لُطف مان گُذري ٿو ۔ ان ڇوڇوڇو جي پٺيان ڪئي پريشان سوال سمجھ ۾ اچن ٿا ۔
    اوهان هن موضوع تي تفصيلي نوٽ لکيو اوهان جي مهرباني ۔
    وسلام
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو