• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اخلاق انصاري : ناليوارو ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار (جنم ڏينهن تي ڀيٽا)

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
8vt9o7.jpg


سنڌ سلامت جي سٿ پاران ناليواري ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار محترم اخلاق انصاري کي سندس جنم ڏينهن جون واڌايون پيش ڪري ٿو۔

اخلاق احمد انصاري 24 اپرل 1957 ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ ناليواري ڪهاڻيڪار ۽ اديب انيس انصاري جي گهر ۾ جنم ورتو. ادبي نالو اخلاق انصاري اٿس ۽ کيس ادبي ورثو سندس والد مرحوم انيس انصاريءَ کان مليو . اخلاق انصاري ننڍي هوندي کان ئي مختلف علمي ادبي تنظيمن ” گلن جهڙا ٻارڙا “ ، سنڌي ادبي سنگت، انڊس لٽرري فورم ، انيس انصاري اڪيڊمي ، ايڪسپلورر ۽ شاهه لطيف اسڪائوٽس جهڙي تنظيمن سان لاڳاپيل رهيو آهي.

اخلاق انصاري اسانجي دور جو تمام سٺو ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار آهي. سندس ڪهاڻيون گهڻو شوق سان پڙهيون وڃن ٿيون۔ سندس ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن :


1۔ رڃ ۾ رابيل : ڪهاڻيون
2۔ مان ڪائنات آهيان : ڪهاڻيون
3۔ اڏوهي : ناول
4۔ زندگي ڪجهه به نه !
5۔ چهرا چهرا چنڊ : خاڪا
6۔ رت جگي مين ديکها هوا سپنا : اردو ڪهاڻين جو مجموعو


اخلاق انصاري هن وقت گورنمينٽ ڪاليج نئين ديري ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ۽ سچل ڪالوني لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير آهي. دعا آهي ته نئون سال سندن زندگيء ۾ نئين بهار جيان کوڙ ساريون خوشيون کڻي اچي۔​
 
جواب: اخلاق انصاري : ناليوارو ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار (جنم ڏينهن تي ڀيٽا)

محترم اخلاق انصاري کي سندس جنم ڏينهن جون واڌايون پيش ڪيون ٿا۔
 
Back
Top