سنڌي قوم کي تسليم نه ڪندڙ ملڪ کي تسليم نه ڪريون

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ منظور ڪلهوڙو طرفان آندل موضوعَ ‏24 اپريل 2012۔

  1. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    ٻي ڪا واٽ ناهي ته سنڌي قوم کي تسليم نه ڪندڙ ملڪ کي تسليم نه ڪريون:ابرهيم جويو​


    حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اديبن، سياستدانن ۽ دانشورن جسقم چيئرمين شهيد بشير خان قريشي جي موت کي تاريخي سانحو قرار ڏيندي کيس ڀرپور ڀيٽا پيش ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته بشير خان قريشي جي واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪرائي ان جي ڪرمنل انويسٽيگيٽن ڪرائي وڃي ۽ بشير قريشي سان پيار ڪندڙ قومي ڪارڪنن پاڻ کي جاچ ۾ شامل ڪن، اهڙو مطالبو ڪالهه سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي حيدرآباد ڊويزن پاران شهيد بشير خان قريشي جي ياد ۾ منعقد ڪيل تعزيتي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪيو ويو، ميڙاڪي کي سنڌ جي برک ڏاهي محمد ابراهيم جويي خاص مهمان طور خطاب ڪندي چيو ته پاڪسان ٺهڻ کانپوءِ سنڌين کي قوم طور تسليم نه ڪيو ويو، ان کانپوءِ اسان وٽ ٻيو ڪو رستو به ناهي ته سنڌي قوم کي تسليم نه ڪندڙ ملڪ کي اسان به تسليم نه ڪريون، هن چيو ته سنڌي قوم کي تسليم ڪرائڻ لاءِ ڌرتي ڌڻين کي منظم ٿيڻو پوندو ۽ ڪا به قوم منظم ٿيڻ کانسواءِ پنهنجا مقصد حاصل نه ٿي ڪري سگهي، ابراهيم جويو چيو ته پيپلزپارٽي هڪ وفاقي پارٽي آهي جيڪا ان مقصد لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، جيڪو اسان کي سنڌي قوم ۽ سنڌ کي تسليم نه ٿو ڪري ۽ ايم آر ڊي تحريڪ ۾ سنڌ تي وڏا ظلم ڪيا ويا، هن چيو ته بشير خان قريشي وڏو اڳواڻ هو، هن چيو ته هن وقت صرف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي آهي جنهن مان ڪجهه حاصلات ٿي سگهي ٿي، صدارتي خطاب ڪندي ايس يو پي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه چيو ته بشير خان قريشي جو لاڏاڻو سڄي سنڌ لاءِ هڪ سوال بڻيل آهي، بشير قريشي وٽ هڪ نياز نوڙت وارو هڪ اهڙو گڻ هو جنهن سندس مان مرتبي کي وڌايو، هو سائين جي ايم سيد جو سچو پوئلڳ ۽ سپاهي هو، هن چيو ته سائين جي ايم سيد جو هڪ فڪر واضح ٿيو آهي ته اسين سڀ هڪ قوم آهيون ۽ انهي فڪر تي اسان سڀ گڏ آهيون، سيد جلال محمود شاهه چيو ته بشير خان قريشي جي آيل ميڊيڪل رپورٽ جي بنياد تي ايف آءِ آر داخل ٿيڻ گهرجي، نه ته بينظير ڀٽو قتل جي ايف آءِ آر وانگر سرڪار ايف آءِ آر داخل ڪري ڪيس کي ڪمزور ڪندي، هن چيو ته شهيد بشير خان قريشي جي سانحي جي ڪرمنل جاچ ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته بشير خان قريشي جا وارث قتل جي ايف آءِ آر ڇو نه ٿا ڪٽرائين، هن چيو ته بشير قريشي جي واقعي جي پارٽي جي اڳواڻن، ڪارڪنن ڀاتين ۽ ان سانحي سان لاڳاپيل ماڻهو پاڻمرادو انفرادي طور پاڻ کي جاچ جي دائري ۾ آڻين ۽ اها شروعات ڀلي اسان جي گهر کان ڪئي وڃي، هن چيو ته انهي جاچ کان جيڪو پاسو ڪري ٿو ته پوءِ سمجهون ويندو ته دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي، ڪامريڊ حسين بخش ٿيٻو چيو ته صوبائي گهرو وزير منظور وساڻ چوي ٿو ته بشير خان قريشي منهنجو پڳ مٽ يار هو، سندس جسم جا جزا ٽيسٽ لاءِ لنڊن موڪليا ويندا پر اهو سڀ ڪوڙ آهي، بشير قريشي جا قاتل انهن جي گهر ۾ آهن، بشير خان قريشي کي زهر ڏئي ماريو ويو، اها رياستي حڪمرانن جي چال آهي، بشير خان سنڌي ماڻهن ۾ اميد پيدا ڪئي، هن ڪراچي کي مرڪز بڻائي ڪراچي ۾ رهندڙ ماڻهن ۾ هڪ نئين اميد پيدا ڪئي، ميڙاڪي کي صحت کاتي جي اڳوڻي ڊي جي ڊاڪٽر هادي بخش جتوئي چيو ته آئون چئلينج ٿو ڪريان ته سڌ ۾ حڪومتي ليبارٽيون بشير قريشي جي جزن جي درست رپورٽ ڏيڻ جي سگهه نه ٿيون رکن، هن چيو ته سنڌ اسان جي هٿن مان وڃي پئي اسان کي هڪ ٿيڻو پوندو، ايس يو پي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر دودو مهيري چيو ته بشير خان قريشي سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندي شهادت ماڻي امر ٿي ويو، سندس شهادت هڪ وڏو قومي سانحو آهي، ان موقعي تي ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ روشن ٻرڙو، قمر راڄپر، ڊاڪٽر نظر جوڻيجو، مير شير محمد ٽالپر، امجد ٽالپر ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، ميڙاڪي ۾ ايس يو پي اڳواڻ انور خاصخيلي گيت ڳائي بشير قريشي کي ڀيٽا پيش ڪئي. هوڏانهن سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري روشن علي ٻرڙو پنهنجي پريس پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته اڄ ۽ 24 اپريل تي رات جو سائين جي ايم سيد جي 17 هين ورسي سادگي سان ملهائي ويندي، تقريب جي شروعات رات جو 12 وڳي سنڌ يونائيٽڊ جو سربراهه جلال محمود شاهه مشعل بردار جلوس سان سائين جي ايم سيد جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهيندو. ان کانپوءِ سائين جي ايم سيد جي درياءَ واري بنگلي تي صوفياڻي راڳ جي محفل ٿيندي، جنهن ۾ صوفي فقير امام الدين ڊکڻ، شفيع فقير، مظهر علي ۽ ذوالفقار ۽ ٻيا سنڌ جا صوفي فقير سائين جي ايم سيد کي ڀيٽا پيش ڪندا. سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جا ڪارڪن سڄي سنڌ مان قافلن جي صورت ۾ سڀاڻي شام جو سن پهچندا ۽ شهيد بشير خان قريشي جي وڇوڙي سبب سادگي سان رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي آخري آرامگاهه تي حاضري ڀري، رات جو صوفياڻي محفل ۾ شريڪ ٿيندا.

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@yahoo.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
     
  2. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    جواب: سنڌي قوم کي تسليم نه ڪندڙ ملڪ کي تسليم نه ڪريون

    قبلا پهريائين پاڻ کي قوم ته بڻايون ! پوءِ آهي مڃائڻ وارو مرحلو ۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌي قوم کي تسليم نه ڪندڙ ملڪ کي تسليم نه ڪريون

    هن وقت سنڌ جي هرهڪ جماعت تي ۽ هرهڪ شخص تي اهو فرض ٿو عائد ٿئي ته هو سنڌ ۽ سنڌيت جي مفاد ۾ ڏينهن رات ڪم ڪن

    پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ جهڙي انداز ۾ پاڪستاني قوم جو راڳ ڳائجڻ لڳو هو سو هاڻ ڪيتري حد تائين ختم ٿيڻ شروع ٿيو آهي ۽ پاڪستان ۾ موجود قومن ۽ خاص ڪري، بلوچ ۽ سنڌي قوم جي حيثيت واضح ٿيڻ لڳي آهي، سنڌي يا بلوچ قوم جي مڃتا ميڊيا يا ايجنسيون ڪري چڪيون آهن، ۽ ان مڃتا جي پاداش ۾ ظلمن جو سلسلو به تيز ۽ چٽو ٿيندو وڃي، بلوچن سان سڌي جنگ ۽ سنڌين سان اندروني ۽ سازشي جنگ شروع ٿي چڪي آهي، جنهن ۾ تازو بشير خان جي شهادت ان ئي سلسلي جي ڪڙي آهي

    محترم سائين ابراهيم جويو صاحب جن بلڪل سچ چيو آهي ته جيڪو پاڪستان ٻين قومن کي مڃتا نٿو ڏئي ته قومون به ان ملڪ کي مڃتا نه ڏين ۽ پنهنجي جدوجهد تيز ڪن، سنڌي قوم هميشه پاڻ ملهايو آهي ۽ قومي مفادن خاطر ڪئي معرڪا وڙهندي آئي آهي، اميد ته هن دفعي به سنڌي پاڻ ملهائيندا

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  4. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: سنڌي قوم کي تسليم نه ڪندڙ ملڪ کي تسليم نه ڪريون

    ضرور منهنجا دوست۔۔اڄ جڏهن ته اسان جي رهبر محترم سائين جي ايم سيد جي ورسي جي ڏهاڙي تي کيس عظيم ڀيٽا پيش ڪيان ٿو، ۽ اسان کي هن عظيم رهبر سان اهو پڻ وچن ڪرڻ گهرجي ته تنهنجي ڏسيل واٽ تي اسان کان ڪيترا مور ڪسجي ويا، پر تنهنجي ڏنل واٽ تي اڄ به پيادي پنڌ هلي رهيا آهيون۔۔ موٽڻا ڪين آهيون مرڻا ڪين آهيون، مري مري وري ورڻا آهيون۔۔منهنجا رهبر اڄ تون ڏاڍو ياد ٿو اچين ،اچ اسان جي ڪا سار لهي وڃ۔۔۔

    ڪَڪَرَ مَنجِھ ڪَپارَ، جُھڙُ نيڻَنئُون نه لَهي؛
    اَڄُ مُنھنجي چِتَ ۾، اُٺا پِرِين اَپارَ؛
    آءُ سَڄڻ! لَـھُ سارَ، وِرِھَ ويڙھِي آھِيان.
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌي قوم کي تسليم نه ڪندڙ ملڪ کي تسليم نه ڪريون

    23 مارچ 2012 تي شهيد بشير قريشي هڪ نئين شروعات جو اعلان ڪيو هو جيڪا سائين جي ايم سيد جي تهريڪ جو تسلسل هئي۔ هاڻي ڏسون ته اسان جون سڀ قومپرست ڌريون ڪهڙي ڌاري ۾ ٿيون گڏجن۔ جيستائين هو پاڻ ۾ نه گڏبا تيستائين سنڌ لاء اٿيل ڪابه تحريڪ مان نه ٿو سمجهان ته ڪامياب ٿيندي۔ ڪاميابي ۽ انقلاب جو پهريون اصل آهي اتحاد ۽ ٻڌي ۽ پوء سچائي ۽ ڪمٽمينٽ ۔۔۔۔۔۔۔

    باقي سکڻيون ڳالهيون ڪرڻ سان اسان پاڪستان کي ڪجهه نه ٿا ڪري سگهون، سواء اڀامڻ جي۔ عمل پهرين ترجيح هجڻ گهرجي۔
     
  6. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌي قوم کي تسليم نه ڪندڙ ملڪ کي تسليم نه ڪريون

    زندگيءَ ۾ ته شهيد انقلاب بشير خان قريشي جو ڪنهن قدر نه ڪيو، هاڻي ٿا ان جي سچائي ۽ نياز نوڙت جون ڳالهيون ڪن!!!
    سائين ابڙا صاحب تحرير ۾ ترميم ڪندا ابراهيم جويو صاحب جن کي اوهان جوکيو لکيو آهي، شايد فيس بوڪ تي سائين شفيق جوکيو صاحب ڇانيل آهي ان ڪري!!
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌي قوم کي تسليم نه ڪندڙ ملڪ کي تسليم نه ڪريون

    پيارا دوست طاهر ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جيڪڏهن بشير خان ڪجهه هيو ته دوستن ۽ قوم جي ساٿ سبب ئي هيو۔ ماڻهن سندس قدر ڪندي ئي لکن جي تعداد ۾ گڏ ٿي 23 مارچ واري فرڊم مارچ ۾ حصو ورتو؟؟؟ باقي قدر نه ڪرڻ واري ڳالهه سمجهه ۾ ڪانه آئي۔ سياسي ۽ نظرياتي فرق ٿي سگهن ٿا پر ذاتي طور سندس جدوجهد سنڌي ماڻهن کي گڏ ڪرڻ لاء سٺي هئي۔
     
  8. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌي قوم کي تسليم نه ڪندڙ ملڪ کي تسليم نه ڪريون

    بس ڙي ادا سليمان تون ڪو طاهر کي سمجهاءِ باقي مونکان زور آهي ،،،، سيلاني ماڻهون آهي،،،، ڪڏهن ڪيئن ته ڪڏهن ڪيئن

    باقي سنڌي قوم هميشه هر حال ۾ پاڻ ملهائيندي پئي اچي ،،،، بس ڪمي آهي ته اسانجهڙن ماڻهن جي اتحاد جي قبلن جي اختلاف جي

    ادا طاهر مون جوکيو مٽائي جويو ڪري ڇڏيو آهي ،،،، لک ٿورا ٻڌائڻ جا ،،،، زبان آلو لڪڻ آهي ،،، وهي وڃي ته معاف ڪندا ڪريو

     
  9. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: سنڌي قوم کي تسليم نه ڪندڙ ملڪ کي تسليم نه ڪريون

    ادا منظور علي عباسي صاحب اسلام عليڪم۔ادا اسان سائين نثار ابڙو جي هيٺين ڳاله کان سوء فيصد متفق آهيون۔

    هن وقت سنڌ جي هرهڪ جماعت تي ۽ هرهڪ شخص تي اهو فرض ٿو عائد ٿئي ته هو سنڌ ۽ سنڌيت جي مفاد ۾ ڏينهن رات ڪم ڪن

    اسان جي طرفان ٿوري ترميم سنڌ سان گڏ پاڪستان جي سالميت ۽ ترقي لاء به ڪوششون ڪرڻ گهرجن۔هي ملڪ اسان کي تمام گهڻين قربانين کانپوء مليو آهي،ان جو قدر ڪرڻ گهرجي۔(اها اسان جي ذاتي راء آهي ۽ هن تي ڪنهن به قسم جي ڪمينٽس جي ضرورت نه آهي)
     
  10. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: سنڌي قوم کي تسليم نه ڪندڙ ملڪ کي تسليم نه ڪريون

    وعليڪم اسلام منهنجا ڀا، توهان جي اها ڳالهه مان مڃان ٿو ته پاڪستان وڏين قربانين کان پو مليو آهي،، پاڪستان جي ٺهڻ لا جيڪا قرباني سنڌي قوم ڏني اها ڪنهن به نه ڏني آهي، پاڪستان ٺهڻ کانپو به اسان ڌارين کي جي ۾ جايون ڏنيون، انهن کي اجهو ڏنو سين، ان کانپو اهي ڌاريا اڄ تائين پاڻ کي ڌاريا ئي سمجهندا رهيا، انهي پاڪستان ٺهڻ جي ڪري اسان جي تاريخي ساک جيڪا صدين کان قائم هئي اها مِٽائڻ لا ڪهڙا نه ڪهڙا هيلا هلايا ويا آهن، اسان جي صدين جي تاريخي، تمدني سڃاڻپ کي ميساريو ويو آهي۔۔اها قرباني هن مهل تائين سنڌي قوم ڏئي رهي آهي، انکان علاوه اسان جا وسيلا وفاق جي حوالي ڪري اسان جي علائقائي ماڻهن کي مفلسي واري زندگي گزرارڻ تي ڄاڻي واڻي مجبور ڪيو ويو آهي،، ڇو ته اهي ڄاڻن ٿا ته جيڪڏهن سنڌي معاشي طور تي خوشحال ٿي ويندا ته اهي ملڪي سالميت لا خطرو بڻجي ويندا، جڏهن ته اهي ئي سنڌي هئا جن پاڪستان جي وجود کي اسيمبلي ۾ قرارداد پيش ڪري وڏي انگ ۾ تسليم ڪيو،، اڃا ڪهڙين قربانين جي ڳالهه ڪيو ٿا۔۔جنهن ملڪ ۾ توهان جي قربانين کي لينگ بوٽن جي هيٺان چيچلايو وڃي ته ان رياست کان توهان ڪهڙن قربانين جو ميڊل وٺڻ گهرو ٿا۔۔۔صرف اهو ئي نه ته اچو اسان کي غلام ئي رکو، اسان جي وسيلن تي قبضا ڪيو، اسان کي محڪوم رکو۔۔ڇو ته اسين پاڪستان لا قرباني ڏيڻ جو تهيو ڪري رکيو آهي۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو