ٻي ڪا واٽ ناهي ته سنڌي قوم کي تسليم نه ڪندڙ ملڪ کي تسليم نه ڪريون:ابرهيم جويو
حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اديبن، سياستدانن ۽ دانشورن جسقم چيئرمين شهيد بشير خان قريشي جي موت کي تاريخي سانحو قرار ڏيندي کيس ڀرپور ڀيٽا پيش ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته بشير خان قريشي جي واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪرائي ان جي ڪرمنل انويسٽيگيٽن ڪرائي وڃي ۽ بشير قريشي سان پيار ڪندڙ قومي ڪارڪنن پاڻ کي جاچ ۾ شامل ڪن، اهڙو مطالبو ڪالهه سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي حيدرآباد ڊويزن پاران شهيد بشير خان قريشي جي ياد ۾ منعقد ڪيل تعزيتي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪيو ويو، ميڙاڪي کي سنڌ جي برک ڏاهي محمد ابراهيم جويي خاص مهمان طور خطاب ڪندي چيو ته پاڪسان ٺهڻ کانپوءِ سنڌين کي قوم طور تسليم نه ڪيو ويو، ان کانپوءِ اسان وٽ ٻيو ڪو رستو به ناهي ته سنڌي قوم کي تسليم نه ڪندڙ ملڪ کي اسان به تسليم نه ڪريون، هن چيو ته سنڌي قوم کي تسليم ڪرائڻ لاءِ ڌرتي ڌڻين کي منظم ٿيڻو پوندو ۽ ڪا به قوم منظم ٿيڻ کانسواءِ پنهنجا مقصد حاصل نه ٿي ڪري سگهي، ابراهيم جويو چيو ته پيپلزپارٽي هڪ وفاقي پارٽي آهي جيڪا ان مقصد لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، جيڪو اسان کي سنڌي قوم ۽ سنڌ کي تسليم نه ٿو ڪري ۽ ايم آر ڊي تحريڪ ۾ سنڌ تي وڏا ظلم ڪيا ويا، هن چيو ته بشير خان قريشي وڏو اڳواڻ هو، هن چيو ته هن وقت صرف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي آهي جنهن مان ڪجهه حاصلات ٿي سگهي ٿي، صدارتي خطاب ڪندي ايس يو پي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه چيو ته بشير خان قريشي جو لاڏاڻو سڄي سنڌ لاءِ هڪ سوال بڻيل آهي، بشير قريشي وٽ هڪ نياز نوڙت وارو هڪ اهڙو گڻ هو جنهن سندس مان مرتبي کي وڌايو، هو سائين جي ايم سيد جو سچو پوئلڳ ۽ سپاهي هو، هن چيو ته سائين جي ايم سيد جو هڪ فڪر واضح ٿيو آهي ته اسين سڀ هڪ قوم آهيون ۽ انهي فڪر تي اسان سڀ گڏ آهيون، سيد جلال محمود شاهه چيو ته بشير خان قريشي جي آيل ميڊيڪل رپورٽ جي بنياد تي ايف آءِ آر داخل ٿيڻ گهرجي، نه ته بينظير ڀٽو قتل جي ايف آءِ آر وانگر سرڪار ايف آءِ آر داخل ڪري ڪيس کي ڪمزور ڪندي، هن چيو ته شهيد بشير خان قريشي جي سانحي جي ڪرمنل جاچ ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته بشير خان قريشي جا وارث قتل جي ايف آءِ آر ڇو نه ٿا ڪٽرائين، هن چيو ته بشير قريشي جي واقعي جي پارٽي جي اڳواڻن، ڪارڪنن ڀاتين ۽ ان سانحي سان لاڳاپيل ماڻهو پاڻمرادو انفرادي طور پاڻ کي جاچ جي دائري ۾ آڻين ۽ اها شروعات ڀلي اسان جي گهر کان ڪئي وڃي، هن چيو ته انهي جاچ کان جيڪو پاسو ڪري ٿو ته پوءِ سمجهون ويندو ته دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي، ڪامريڊ حسين بخش ٿيٻو چيو ته صوبائي گهرو وزير منظور وساڻ چوي ٿو ته بشير خان قريشي منهنجو پڳ مٽ يار هو، سندس جسم جا جزا ٽيسٽ لاءِ لنڊن موڪليا ويندا پر اهو سڀ ڪوڙ آهي، بشير قريشي جا قاتل انهن جي گهر ۾ آهن، بشير خان قريشي کي زهر ڏئي ماريو ويو، اها رياستي حڪمرانن جي چال آهي، بشير خان سنڌي ماڻهن ۾ اميد پيدا ڪئي، هن ڪراچي کي مرڪز بڻائي ڪراچي ۾ رهندڙ ماڻهن ۾ هڪ نئين اميد پيدا ڪئي، ميڙاڪي کي صحت کاتي جي اڳوڻي ڊي جي ڊاڪٽر هادي بخش جتوئي چيو ته آئون چئلينج ٿو ڪريان ته سڌ ۾ حڪومتي ليبارٽيون بشير قريشي جي جزن جي درست رپورٽ ڏيڻ جي سگهه نه ٿيون رکن، هن چيو ته سنڌ اسان جي هٿن مان وڃي پئي اسان کي هڪ ٿيڻو پوندو، ايس يو پي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر دودو مهيري چيو ته بشير خان قريشي سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندي شهادت ماڻي امر ٿي ويو، سندس شهادت هڪ وڏو قومي سانحو آهي، ان موقعي تي ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ روشن ٻرڙو، قمر راڄپر، ڊاڪٽر نظر جوڻيجو، مير شير محمد ٽالپر، امجد ٽالپر ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، ميڙاڪي ۾ ايس يو پي اڳواڻ انور خاصخيلي گيت ڳائي بشير قريشي کي ڀيٽا پيش ڪئي. هوڏانهن سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري روشن علي ٻرڙو پنهنجي پريس پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته اڄ ۽ 24 اپريل تي رات جو سائين جي ايم سيد جي 17 هين ورسي سادگي سان ملهائي ويندي، تقريب جي شروعات رات جو 12 وڳي سنڌ يونائيٽڊ جو سربراهه جلال محمود شاهه مشعل بردار جلوس سان سائين جي ايم سيد جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهيندو. ان کانپوءِ سائين جي ايم سيد جي درياءَ واري بنگلي تي صوفياڻي راڳ جي محفل ٿيندي، جنهن ۾ صوفي فقير امام الدين ڊکڻ، شفيع فقير، مظهر علي ۽ ذوالفقار ۽ ٻيا سنڌ جا صوفي فقير سائين جي ايم سيد کي ڀيٽا پيش ڪندا. سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جا ڪارڪن سڄي سنڌ مان قافلن جي صورت ۾ سڀاڻي شام جو سن پهچندا ۽ شهيد بشير خان قريشي جي وڇوڙي سبب سادگي سان رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي آخري آرامگاهه تي حاضري ڀري، رات جو صوفياڻي محفل ۾ شريڪ ٿيندا.
The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@yahoo.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
جواب: سنڌي قوم کي تسليم نه ڪندڙ ملڪ کي تسليم نه ڪريون
هن وقت سنڌ جي هرهڪ جماعت تي ۽ هرهڪ شخص تي اهو فرض ٿو عائد ٿئي ته هو سنڌ ۽ سنڌيت جي مفاد ۾ ڏينهن رات ڪم ڪن
پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ جهڙي انداز ۾ پاڪستاني قوم جو راڳ ڳائجڻ لڳو هو سو هاڻ ڪيتري حد تائين ختم ٿيڻ شروع ٿيو آهي ۽ پاڪستان ۾ موجود قومن ۽ خاص ڪري، بلوچ ۽ سنڌي قوم جي حيثيت واضح ٿيڻ لڳي آهي، سنڌي يا بلوچ قوم جي مڃتا ميڊيا يا ايجنسيون ڪري چڪيون آهن، ۽ ان مڃتا جي پاداش ۾ ظلمن جو سلسلو به تيز ۽ چٽو ٿيندو وڃي، بلوچن سان سڌي جنگ ۽ سنڌين سان اندروني ۽ سازشي جنگ شروع ٿي چڪي آهي، جنهن ۾ تازو بشير خان جي شهادت ان ئي سلسلي جي ڪڙي آهي
محترم سائين ابراهيم جويو صاحب جن بلڪل سچ چيو آهي ته جيڪو پاڪستان ٻين قومن کي مڃتا نٿو ڏئي ته قومون به ان ملڪ کي مڃتا نه ڏين ۽ پنهنجي جدوجهد تيز ڪن، سنڌي قوم هميشه پاڻ ملهايو آهي ۽ قومي مفادن خاطر ڪئي معرڪا وڙهندي آئي آهي، اميد ته هن دفعي به سنڌي پاڻ ملهائيندا
جواب: سنڌي قوم کي تسليم نه ڪندڙ ملڪ کي تسليم نه ڪريون
زندگيءَ ۾ ته شهيد انقلاب بشير خان قريشي جو ڪنهن قدر نه ڪيو، هاڻي ٿا ان جي سچائي ۽ نياز نوڙت جون ڳالهيون ڪن!!!
سائين ابڙا صاحب تحرير ۾ ترميم ڪندا ابراهيم جويو صاحب جن کي اوهان جوکيو لکيو آهي، شايد فيس بوڪ تي سائين شفيق جوکيو صاحب ڇانيل آهي ان ڪري!!
زندگيءَ ۾ ته شهيد انقلاب بشير خان قريشي جو ڪنهن قدر نه ڪيو، هاڻي ٿا ان جي سچائي ۽ نياز نوڙت جون ڳالهيون ڪن!!!
سائين ابڙا صاحب تحرير ۾ ترميم ڪندا ابراهيم جويو صاحب جن کي اوهان جوکيو لکيو آهي، شايد فيس بوڪ تي سائين شفيق جوکيو صاحب ڇانيل آهي ان ڪري!!
پيارا دوست طاهر ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جيڪڏهن بشير خان ڪجهه هيو ته دوستن ۽ قوم جي ساٿ سبب ئي هيو۔ ماڻهن سندس قدر ڪندي ئي لکن جي تعداد ۾ گڏ ٿي 23 مارچ واري فرڊم مارچ ۾ حصو ورتو؟؟؟ باقي قدر نه ڪرڻ واري ڳالهه سمجهه ۾ ڪانه آئي۔ سياسي ۽ نظرياتي فرق ٿي سگهن ٿا پر ذاتي طور سندس جدوجهد سنڌي ماڻهن کي گڏ ڪرڻ لاء سٺي هئي۔
جواب: سنڌي قوم کي تسليم نه ڪندڙ ملڪ کي تسليم نه ڪريون
ادا منظور علي عباسي صاحب اسلام عليڪم۔ادا اسان سائين نثار ابڙو جي هيٺين ڳاله کان سوء فيصد متفق آهيون۔
هن وقت سنڌ جي هرهڪ جماعت تي ۽ هرهڪ شخص تي اهو فرض ٿو عائد ٿئي ته هو سنڌ ۽ سنڌيت جي مفاد ۾ ڏينهن رات ڪم ڪن
اسان جي طرفان ٿوري ترميم سنڌ سان گڏ پاڪستان جي سالميت ۽ ترقي لاء به ڪوششون ڪرڻ گهرجن۔هي ملڪ اسان کي تمام گهڻين قربانين کانپوء مليو آهي،ان جو قدر ڪرڻ گهرجي۔(اها اسان جي ذاتي راء آهي ۽ هن تي ڪنهن به قسم جي ڪمينٽس جي ضرورت نه آهي)