مست
سينيئر رڪن
شايد ڪجهه دوستن کي ياد هجي ته گذريل سال اپريل جي مهيني ۾ ئي سنڌ جو پراڻو وزيرِ داخله مرزا صاحب ڪراچي جي حالتن ۽ پنهنجي بيانن سبب مهيني جي موڪل تي ٻاهرئين ملڪ روانو ٿي ويو هو، جنهن کان پوءِ وزارت منظور وساڻ صاحب کي منتقل ٿي هئي۔۔ هاڻي دوستن لاءِ خبر اها آهي ته منظور وساڻ به ساڳئي ئي صورتحال تحت بيماري جي درخواست تي (پاڻ مرادي يا غير ارادي طور تي ) مهيني جي موڪل منظور ٿيڻ تي ٻاهرئين ملڪ وڃي رهيو آهي۔۔ منظور وساڻ صاحب چيلهه جي سور جي تڪليف جي علاج لاءِ لنڊن وڃي رهيو آهي ۽ سندن بعد اهو قلمدان سنڌ جي وڏي وزير خيرپور واري مُرشد سائين سيد قائم علي شاهه صاحب وٽ هوندو۔۔۔ اوهان پاڻ ئي اميد ڪري سگهو ٿا مستقبل جي حالتن جي۔۔۔۔ زرداري ۽ ملڪ صاحب جي لياري متعلق بيانن، ڪراچي ۾ آل پارٽي امن ڪانفرنس ۽ جسقم اڳواڻن جي وساڻ جي سهڪار واري بيانن کان بعد هن موڪل جي اعلان مان لڳي ٿو ته سنڌ ۾ ڪو نئون ممڻ مچڻ تي آهي۔۔