• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

منظور وساڻ به موڪل تي ۔۔۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
شايد ڪجهه دوستن کي ياد هجي ته گذريل سال اپريل جي مهيني ۾ ئي سنڌ جو پراڻو وزيرِ داخله مرزا صاحب ڪراچي جي حالتن ۽ پنهنجي بيانن سبب مهيني جي موڪل تي ٻاهرئين ملڪ روانو ٿي ويو هو، جنهن کان پوءِ وزارت منظور وساڻ صاحب کي منتقل ٿي هئي۔۔ هاڻي دوستن لاءِ خبر اها آهي ته منظور وساڻ به ساڳئي ئي صورتحال تحت بيماري جي درخواست تي (پاڻ مرادي يا غير ارادي طور تي ) مهيني جي موڪل منظور ٿيڻ تي ٻاهرئين ملڪ وڃي رهيو آهي۔۔ منظور وساڻ صاحب چيلهه جي سور جي تڪليف جي علاج لاءِ لنڊن وڃي رهيو آهي ۽ سندن بعد اهو قلمدان سنڌ جي وڏي وزير خيرپور واري مُرشد سائين سيد قائم علي شاهه صاحب وٽ هوندو۔۔۔ اوهان پاڻ ئي اميد ڪري سگهو ٿا مستقبل جي حالتن جي۔۔۔۔ زرداري ۽ ملڪ صاحب جي لياري متعلق بيانن، ڪراچي ۾ آل پارٽي امن ڪانفرنس ۽ جسقم اڳواڻن جي وساڻ جي سهڪار واري بيانن کان بعد هن موڪل جي اعلان مان لڳي ٿو ته سنڌ ۾ ڪو نئون ممڻ مچڻ تي آهي۔۔​
 
جواب: منظور وساڻ به موڪل تي ۔۔۔

ادا مست سڀ کان پهرين ته توهان اهيو ٻڌايو ته آهيو ڪاٿي، ڪافي ڏينهن کانپوء نظر آيا آهيو، صحت ته ٺيڪ آهي، ٻيو مڙوئي خير لڳو پيو آ،۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ادا توهان صحيح پيا چئو ته منظور وساڻ صاحب کي به ڪنهن مصلحت تحت ملڪ کان ٻاهر موڪليو ٿو وڃي، سو ادا الله خير پيو ڪري، سائين مرشد صاحب سيد قائم علي شاهه صاحب ته پنهنجو مٽ پاڻ آهي، مون کي ته افسوس ان ڳالهه جو ٿيندو آهي هوڏانهن پنجاب جو وڏو وزير ته پنهنجي صوبي جي ماڻهن لاء ڪا چر پر ڪندي ته نّظر ته اچي پيو مگر ادا اسان جو سائين ته سکڻي چر پر ڪندي به نظر ڪو نه ٿو اچي، ادا سائين جي عمر ته آرام ڪرڻ جي آهي ۽ گهر ۾ ويهي پوٽا ۽ ڏوٽا کيڏارڻ جي آهي، پر ڇا ڪجي سائين جو هرو ڀرو اهيو ضد آهي ته مان پوري سنڌي قوم کي کيڏاريندس ته ڇا ؟ ڪجي،
 
جواب: منظور وساڻ به موڪل تي ۔۔۔

مونکي حيرت ان ڳالهه جي آهي ته پي پي وٽ ٻيو ڪو اهڙو سياستدان آهي ئي ڪونه جيڪو سنڌ جي اعلى وزارت جي عهدي جي لا مقرر ڪري سگهي۔۔الائي جي ڪهڙيون تعويزون وڌيون آهن سائين قائم علي شاهه صاحب جن زرداري کي جو، هٽائڻ چاهي ته به کيس هٽائي نٿا سگهن۔
 
جواب: منظور وساڻ به موڪل تي ۔۔۔

مان سوچيم پئي ته منظور وساڻ جي موڪل تي وڃڻ جي سببن تي روشني وجهان پر مونکي سختي سان منع ڪيو ويو آهي۔ تنهنڪري صرف اهو چوندس ته وساڻ صاحب جو موڪل تي وڃڻ سندس مٿئين سربراهه سان ڪجهه نا اتفاقيون ۽ بشير قريشي واري اشو تي مرڪز ۽ هردلعزيز وزير اعلى سنڌ سان سندس اختلاف آهن۔ هڪ ٻيو سبب مهاجر صوبي واري اشو تي سندس پاران پارٽي اجلاس ۾ پيش ڪيل سخت موقف پڻ آهي۔
 
جواب: منظور وساڻ به موڪل تي ۔۔۔

مان سوچيم پئي ته منظور وساڻ جي موڪل تي وڃڻ جي سببن تي روشني وجهان پر مونکي سختي سان منع ڪيو ويو آهي۔ تنهنڪري صرف اهو چوندس ته وساڻ صاحب جو موڪل تي وڃڻ سندس مٿئين سربراهه سان ڪجهه نا اتفاقيون ۽ بشير قريشي واري اشو تي مرڪز ۽ هردلعزيز وزير اعلى سنڌ سان سندس اختلاف آهن۔ هڪ ٻيو سبب مهاجر صوبي واري اشو تي سندس پاران پارٽي اجلاس ۾ پيش ڪيل سخت موقف پڻ آهي۔

ادا سليمان صاحب وضاحت ڪرڻ تي مهرباني، هن سلسلي ۾ يقينن اوهان جو بيان ئي آخري راءِ جو حامل آهي، اوهان جي وضاحت کان پوءِ هر شيءِ واضح ٿي وئي، لک ٿورا...
 
Back
Top