هن ٽيڪنالاجي جي دور ۾ سنڌي ٻولي جي ترقي

'سنڌي ادب' فورم ۾ منصور ميراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏25 اپريل 2012۔

  1. منصور ميراڻي

    منصور ميراڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    153
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ڄامشورو
    [JUSTIFY]پنج هزار سالن کان ڳالھائي ويندڙ سنڌي ٻولي دنيا جي انهن عظيم ٻولين منجھان آهي جن ۾ هر دؤر ۾ تحقيق ۽ تخليق جو ڪم ٿيندو رهيو آهي ۽ موجوده جديد ٽيڪنالاجي واري دؤر هر وقت نيون تبديليون ڏسي هميشه اسان کي حيرانگي ٿئي ٿي ۽ پنهنجو پاڻ هلندڙ دؤر کان ويھَ سال پوئتي هجڻ جو احساس به ٿئي ٿو. اهو دؤر جنهن ۾ هڪ ميز جيتري جاءِ ولاريندڙ ڪمپيٽر کي هڪ ڪتاب جهڙي شڪل ۾ آندو ويو اهو اسان وٽ اڃا هاڻي اچي رهيو آهي يعني اڄ کان تقرباً پندرنهن، ويھَ سال اڳ ۾ وارو دؤر.
    سنڌي ٻوليءَ کي ترقي واري نگاھ سان ڏسجي ٿو ته، گذريل ڏهاڪي ۾ تمام سٺي ترقي ٿي آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ کي ڪمپيوٽر تي انٽرنيٽ ذريعي عام ماڻهن تائين پهچايو ويو آهي. ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ سنڌي ٻوليءَ لاءِ پهريون ڀيرو ڪم عبدالماجد ڀرڳڙيءَ ڪيو، جنهن سخت جدوجهد کان پوءِ ڪمپيوٽر کي هڪ سافٽ ويئر جي ذريعي سنڌي ٻولي لکڻ ۽ پڙهڻ جي قابل بڻايو، جيڪو هن وقت ايم بي سنڌي نالي مشهور آهي . ان کان بعد ۾ 1990 ۽ 2000 واري ڏهاڪي ۾ انٽرنيٽ جي شروع واري زماني ۾ سنڌي ٻوليءَ کي ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ بين الاقوامي سطح تي آندو ويو، ان وقت انٽرنيٽ ڪنهن معجزي کان گھٽ ڪانه هئي. سنڌي ميڊيا جيڪا پرنٽ ميڊيا تائين محدود هئي گذريل ٿوري عرصي دوران تمام گھڻي ترقي ڪري چڪي آهي ۽ پنجن کان وڌيڪ سنڌي چئنل براهراست ٽيليڪاسٽ ٿي رهيا ۽ هر وقت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ هر سنڌيءَ تائين سنڌي ٻوليءَ ۾ ڏيک ڏيکاري خدمتون سر انجام ڏيندي رهيا آهن.
    گذريل اڌ صديءَ کان سنڌ جي نگراني چڱيءَ طرح نه هئڻ ڪري سنڌ ٻين ملڪن کان ڏهاڪو سال پوئتي ضرور آهي پر آهسته آهسته سنڌي ماڻهن ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو شعور پيدا ٿي رهيو آهي. هن وقت سنڌ جا فقط ڪجھ علائقا ئي رهجي ويا آهن جن تائين ڪمپيوٽر ۽ انٽريٽ جي فرهامي ٿي نه سگھي آهي.
    انٽرنيٽ جي هن دور ۾ پرنٽ ميڊيا جو قدر گھٽجي رهيو آهي جنهن جو سڀ کان وڏو سبب انٽرنيٽ جي مقبوليت آهي . سموروين اخبارو، رسالا ۽ اشاعات انٽرنيٽ تي مفت ۾ پڙهي سگھجن ٿا.انٽرنيٽ تي ويب سائيٽن ۽ ميگزينن ۾ اضافو ڏيسي اڳتي هلي پرنٽ مڊيا جو زوال نظر اچي ٿو.
    سنڌ ۾ شاھ جي رسالي جو هڪ مقدس ڪتاب وانگر سمجھيو وڃي ٿو ۽ سنڌ ، توڙي ٻين ڪيترن ملڪن ۾ تمام گھڻي شايع ٿئي ٿو، اهو به انٽرنيٽ تي اي بڪ(eBook) جي صورت ۾ شايع ٿي چڪو آهي. IPOD, IPAD, EBOOK, IPhone, واري هن دور ۾ ٻين ڪيترن ئي سنڌي ڪتابن کي ڊجيٽلائيز ڪيو پيو وڃي ۽ هزارن جي تعداد ۾ ڪتاب هن وقت تائين ڊجيٽلائيز ٿي چڪا آهن.
    اسڪولن، ڪاليجن، ورسٽين ۽ افيسن ۾ ڪمپيوٽر جو استعمال تمام گھڻو ٿي چڪو آهي ۽ تقربا هر شاگرد کي ڪمپيوٽر هلائڻ اچي ٿو ۽ ڪافي سارن خانگي ۽ سرڪاري ادارن ۾ شاگرد مطالعو ڪمپيوٽر تي ئي ڪتاب پڙهي ڪن ٿا.

    سنڌي ٻولي جي ڊجيٽلائيز ٿيڻ کان پوءِ سڀ کان وڏو ۽ قابل تعريف ڪارنامو ڄامشوري جي سافٽ ويئر انجنئير علي حسن ملاح ۽انجنيئر سيما ڀٽو سر انجام ڏنو آهي جنهن سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي پهرين درجي جي “ٻاراڻي ڪتاب” کي سافٽ ويئر جي شڪل ڏيئي ننڍڙن ٻارڙن ۽ نون سکندڙن لاءِ تمام وڏي آساني پيدا ڪري ڇڏي آهي. اهو سافٽ ويئر فليش جي مدد سان ٺاهيو ويو آهي. علي حسن ملاح ڄامشوري ۾ انڊس سليڪان (Indusilicon) نالي سافٽ ويئر ڪمپني هلائي رهيو آهي. علي حسن ملاح هن سافٽ ويئر کي ٻارن جي بنيادي سکيا لاءِ اهم ۽ پنهنجي ٻوليءَ جي خدمت سمجھي ان کي عملي شڪل ڏيئي قوم آڏو پيش ڪيو.
    ويجھي مستقبل ۾ سنڌي قوم هڪ شاندار تحفي جو انتظار ڪري رهي آهي ڇو ته ڪمپيوٽر جي ماهرن طرفان سنڌيءَ ۾ آپريٽنگ سسٽم(Operating System OS) تيار ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ هر طرح جو فنڪشن سنڌيءَ ۾ هوندو ۽ ان جا آپشن سنڌيءَ ۾ هوندا اهو آپريٽنگ سسٽم(Operating System OS) اوپن سورس(Open Source) پروگرام Ubuntu کي سنڌيءَ ۾ ترجمو(translate) ڪري تيار ڪيو پيو وڃي. اها يقناً هڪ وڏي ڪاميابي آهي.
    هر دؤر پاڻ سان گڏ نوان چئلينج کڻي ايندو آهي ۽ هن جديد دنيا ۾ سنڌين جي ترقي طرف هن تيز اڏم کي ڏسي ائين محسوس ٿئي ته ٿو ته، اهو ڏينهن ڏور ناهي جڏهن سنڌ کي دنيا جي ترقي يافته قومن ۾ شمار ڪيو ويندو.
    mansoormirani@hotmail.com.
    [/JUSTIFY]
     
  2. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: هن ٽيڪنالاجي جي دور ۾ سنڌي ٻولي جي ترقي

    انشا اللھ سنڌ کي دنيا جي ترقي يافته قومن ۾ شمار ڪيو ويندو.
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: هن ٽيڪنالاجي جي دور ۾ سنڌي ٻولي جي ترقي

    ڀاء منصور سٺو ليک، اهو ليک روزانه عبرت ۾ به پڙهيو هيم۔

    سنڌي ٻوليء کي جديد ٽيڪنالاجي سان همنڪار ڪرڻ لاء حڪومتي ۽ ادارن ڪو خاص ڪم ناهي ڪيو۔ پر ڪجهه سنڌدوست مهربانن جي ڪوشن ذريعي ئي سنڌي ٻولي انٽرنيٽ تي موجود آهي۔ اميد ته حڪومت به سنجيدگي سان سوچيندي ڪي عملي ڪم ڪندي ۽ سنڌي ٻوليء لاء نوان پروجيڪٽ شروع ڪندي۔

    انجنئير علي حسن ملاح ۽ انجنيئر سيما ڀٽو صاحبه کي جس هجي جن عملي ڪاوشُن ڪري تعليم سان لاڳاپيل هڪ اهم پراجيڪٽ آندو آهي۔
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: هن ٽيڪنالاجي جي دور ۾ سنڌي ٻولي جي ترقي

    بهترين ادا تمام سٺو ليک
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو