[JUSTIFY]مون فڪرمند جو پڙهيل لکيل طبقي کي هڪڙو ننڍڙو عرض آهي ته ”ربّ ڌڻيءَ واسطي اچو ته هڪ ٻئي لاءِ جيئڻ جي نئين شروعات ڪيون، متحد ٿيون امن قائم ڪيون ۽ صرف وڏيون ڳالهيون ڪري نه بلڪه عمل ذريعي ثابت ڪري ڏيکاريون. هن وقت معاشري جي حالت ڏسان ٿو ته ڄڻ اسين ڪنهن ڪرشمي جو انتظار ڪيون ٿا پيا ۽ اهو مان پوري اعتماد سان چوان ٿو ته اهڙو ڪوبه ڪرشمو ڪونه ٿيندو جيڪو اسان جي هن صورت حال کي بدلائي ڇڏيندو . اچو ته پنهنجي اندر مان انفرادي مفادن کي ڪلين سويپ ڪيون ۽ اهو ثابت ڪيون ته واقعي اسين پڙهيل لکيل آهيون ۽ پنهنجي ملڪ ۽ قوم جا وارث آهيون. اسان جو عام ماڻهو (هـــاري، مـــزدور وغيره ) جيڪو پنهنجو پيٽ پالڻ ۾ مصروف آهي ۽ ان کي ايتري سمجھ ڪونهي جو معاشري جي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪا رٿابندي ڪري، هو صرف ۽ صرف دانهن ڪندو رهندو. انڪري اچو ته انهن ماڻهن ۽ پنهنجي ڪمزرو ساٿين کي پنهنجي طاقت بڻايون.“ منهنجي هن ننڍڙي پيغام جو مقصد صرف ۽ صرف اهو آهي ته اڇن پنن تي لکيل ڪارا اکر رٽڻ سان ڪو پڙهيل ليکيل ڪونه سڏبو يا ڏسبو آهي پر ان جي عملن ۽ ڪردار مان خبر پوندي آهي ته هو ڪيترو پڙهيل آهي. انڪري مان اها ڪوشش ڪري رهيون آهيان ته پڙهيل لکيل کي اهو احساس ٿئي ته پڙهيل لکيل ٿيڻ جو مقصد ڇا آهي.[/JUSTIFY]
جواب: پڙهيل لکيل طبقي کي ننڍڙو عرض! منهنجا دوست تمام سٺي ۽ سهڻي سوچ آهي، اسان ان سٿ ۾ هميشه کان شامل آهيون، ۽ مرڻ گهڙي تائين ساٿ رهندو، جتي حق سچ جي ڳالهه ٿيندي رهندي، توهان سچ چيو ته اکرن کي رٽو لڳائڻ سان پڙهيل لکيل ڪونه سڏبو آهي، پر منهنجا سڄڻ شعوري سوچ علم جي حاصلات کانپو ئي ممڪن آهي، جيسين اسين مڪمل طور علمي ڄاڻ کان واقف نه ٿيندا سين تيسين اسان ۾ شعوري سوچ پيدا نه ٿيندي، ۽ شعور نه هوندو ته عمل ڪئين ڪري سگهندا سي، پر جڏهن به جتي ان ڳالهه جي ضرورت محسوس ڪيو ته اسان ڪنهن ڪم اچي سگهون ٿا ته خدمت لا حاضر آهيون۔۔۔ سدائين گڏ
جواب: پڙهيل لکيل طبقي کي ننڍڙو عرض! حق سچ سنڌ جي ايڪي ۽ اتحاد ۾ اسين سڀ گڏ آهيون ، سنڌ جي قومي سڏ تي جي جان ڏيڻي پئي به ڏينداسون ۽ في الحال سنڌ سلامت يا فيسبڪ يا ٻين ذريعن ذريعي سنڌيت کي اجاگر ڪرڻ جو فرض ادا ٿئي پيو ۽ جيڪي دوست ان فرض ۾ پاڻ ملهائن ٿا انهن کي ٻنهي هٿن جو سلام عملي طور تي به هاڻ اسانکي پنهنجو پاڻ مان اهڙا ڏاها ماڻهون مٿي آڻي انهن کي سياسي طور سگهارو ڪري اسيمبلين ۾ موڪلي قومي مفادن جي ويڙهه جو رستو صاف ڪرڻ گهرجي ،،،، معاشري ۾، ڪم ڪار ۾ يا زندگيءَ جي هر معاملي ۾ حب الوطنيءَ جي عنصر کي غالب ڪجي ته جيئن سونهن ۽ سچ وڌيڪ سگهارو ٿئي ،،،، ميراڻي صاحب، اوهانجي ڳالهه اسانجي جذبن جي ترجماني آهي ،،، لک ٿورا سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: پڙهيل لکيل طبقي کي ننڍڙو عرض! سائين نثار صاحب جڏهن به سنڌ سلامت جي سڄاڻ ۽ ڏاهن دوستن جي ڪا به گڏجاڻي ڪوٺايو ته مون مسڪين کي به ياد ڪجو، ته جئين اسان به ڌرتي جي ساڃاهه وند ڏاهن جي صحبت مان ڪو لاڀ وٺي سگهون۔ سدائين گڏ
جواب: پڙهيل لکيل طبقي کي ننڍڙو عرض! اسان به اوهان سان گڏ آهيون ۔۔۔۔۔۔۔۔ پر ياد رکو ته اوهان جنهن پاسي ڏانهن ڌيان ڇڪرايو آهي ان لاء عملي ڪم جي ضرورت آهي ۽ اتفاق سان اسان فيسبوڪ ۽ سنڌ سلامت جي اوطاقن تي مختف علائقن مان ڳنڍيل ويٺا آهيون۔ تنهنڪري وقت ۽ موجودگي مسئلو آهي۔ سائين نثار ابڙو سعودي عرب مان ويٺل آهي، مان سچل ڳوٺ مان ۽ اوهان ڄامشوري مان۔ اوهان جون ڳالهيون ڀليون ۽ دل کي وڻيون ته سڀ سنڌي پنهنجي ماروئڙن ۽ سنڌي ٻوليء لاء ڪيڏو اونو ٿا رکن۔ پر شروعات کان اڳ ان تي سوچيو ته هي سڀ ڪيئن ممڪن ٿي سگهندو ۽ شروعات ڪٿان کان ڪجي ۽ اڳتي ڪيئن ڪجي۔ بغير منصوبا بندي جي ڪيل فيصلا سدائين غير فائديمند ۽ غير پائيدار رهيا آهن۔ اميد ته سڀ دوست هڪ نئين سوچ ۽ منصوبه بندي لاء پنهنجا خيال پيش ڪندا۔
جواب: پڙهيل لکيل طبقي کي ننڍڙو عرض! ادا منصور اسان به توهان سان گڏ آهيون هر شخص ڪوشش ڪندو آهي ته منهنجي هٿان ڪنهن جو ڀلو ٿي وڄي اسان کي صرف انتظار هوندو آهي ته ڪو اهڙو موقعو نصيب ٿئي
جواب: پڙهيل لکيل طبقي کي ننڍڙو عرض! سائين سليمان وساڻ صاحب، اسانجي سنڌ سلامت جي سهڻي رڪن عباسي صاحب سنڌ سلامت جي گڏجاڻين ۾ شرڪت لاءِ چيو آهي، جيئن آءُ ته اوهان سان ٻارهين مهيني گڏبو آهيان پر اوهان دوست جيڪي سنڌ م موجود آهيو ۽ سنڌ سلامت لاءِ ڪم ڪريو ٿا ته جڏهن به ڪا گڏجاڻي ٿي ته اسانجي پياري دوست منظور علي عباسي صاحب کي ياد ضرور ڪجو، وڌي واڙِي لڳي ڀاڳُ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: پڙهيل لکيل طبقي کي ننڍڙو عرض! ادا منصور ميراڻي اسلام عليڪم۔ادا توهانجو پيغام ڊيگھ جي حساب سان ته مختصر آهي مگر الفاظن ۽ احساس جي حوالي سان تمام گهڻُي وزن وارو آهي۔ادا اسان کي يقين آهي ته هن فورم جو هر ميمبر جٿي به آهي پنهنجي وس آهر سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جي ترقي لاء ڪوششون ڪري ٿو۔اسان ۽ توهان کي گهرجي ته پنهنجي محنتن سان معاشري ۾ اهڙو مقام حاصل ڪيون جو ٻيون قومون اسان جي محنت ۽ ٽيلنٽ جون واکائڻ ڪن۔ادا نثار ابڙو جي ڳالھ سان اسان متفق آهيون ته اسان کي اسمبلين ۾ اهڙا پڙهيل۔لکيل ماڻهون موڪلڻ گهرجن جيڪي سنڌ جي ترقي جو مشن اڳتي وڌائين۔ادا سليمان وساڻ جا ڪمينٽس به پنهنجي جاء تي وڏي حقيقت رکن ٿا۔توهانجي سٺي سوچ تعريف جي قابل آهي
جواب: پڙهيل لکيل طبقي کي ننڍڙو عرض! محترم دوست سائين نثار ابڙو صاحب توهان جا قرب جو منهنجي سفارش توهان ساڃاهه وندن تائين پهچائي، لک قرب،، ۽ ٻيو ته منهنجي علم ۾ نه هيو ته توهان پرين جي پار ڀلاري ڀون ۾ رهو ٿا، دعا جو طلبگار آهيان ته ڌڻي تعالى اسان جو به ڀيرو ڪرائي پنهنجي پاڪ گهر جو ۽ سهڻي مير مرسل صلعم جي ملڪ تان۔۔ ٻيو ته سائين سليمان صاحب تمام بهترين ڳالهه ڪئي آهي ته”بغير منصوبا بندي جي ڪيل فيصلا سدائين غير فائديمند ۽ غير پائيدار رهيا آهن۔“ ته ان لا سڄڻن کي هڪ بهترين حڪمت عملي جوڙڻ لا سڄاڻ دوستن جي صحبت حاصل ڪرڻي پوندي۔ سدائين گڏ
جواب: پڙهيل لکيل طبقي کي ننڍڙو عرض! سائين سليمان وساڻ صاحب جتي دوستن جي مختلف شهرن ۾ موجودگي جو اشارو ڪري ويا اتي شايد هڪ ڳالھ رهجي وئي ته جيڪڏهن غور سان ڏٺو وڃي ته اهو ئي مضبوط نيٽ ورڪ جو بنياد بڻجي سگهي ٿو!! يعني پنهنجي وطن لا مختلف گڏجاڻيون ڪري، سنافسس ۽ خاڪا تيار ڪجن، ان کان پو سائين نثار ابڙو صاحب چواڻي ڪي ڏاها دوست منتخب ڪجن، ۽ وري سائين سليمان صاحب جي ڳالھ ڏانهن ورجي ته اهي مختلف دوست سنڌ جي پنهنجن علائقن ۾ دوستن جو حلقو وسيع ڪندا وڃن، رابطن کي مضبوط ڪن، نيٽ ورڪ کي سگهارو ڪن، پو هي سارو نيٽ ورڪ سنڌ لا آرام سان ڪم ڪري سگهي ٿو، جيڪڏهن دشمن اسان تي ڪراچي ۾ حملو ڪري ته اسان وٽ ڪراچي ۾ مضبوط نيٽ ورڪ ۽ دوستن جي حلقو ۽ افرادي قوت موجود هوندي، جيڪڏهن اسان کي ڄامشوري ۾ مات ڏيڻ جي ڪوشش ڪن ته اتي رابطن جي مضبوطي ظاهر ٿي سگهي ٿي، ۽ عملي ڪم پڻ سگهارو ٿي سگهي ٿو۔ ان کان علاوه پاڻ وٽ اڄ جي دور ۾ ٻه وڏا ادارا مڪمل طور پنهنجن هٿن ۾ به ته آهن، انهن جو صحيح استعمال ٿئي پيو ۽ وڌيڪ صحيح استعمال ٿي سگهي ٿو يعني سنڌ سلامت ۽ فيسبوڪ!! ڇا خيال آهي دوستن جو؟
جواب: پڙهيل لکيل طبقي کي ننڍڙو عرض! اسلام عليڪم! اوهان دوستن جي وڏي مهرباني ته اوهان مونکي سڍڻ لفظن ۾ موٽ ڏني۔ دعائن ۾ ياد!
جواب: پڙهيل لکيل طبقي کي ننڍڙو عرض! ادا منصور اوهان جي پوسٽ تي ايتري موٽ ملي آهي جنهن جو اوهان پاڻ به اعتراف ڪيو، پر هاڻي اڳتي اوهان جو لائحه عمل ڇا هوندو؟
جواب: پڙهيل لکيل طبقي کي ننڍڙو عرض! اسلام عليڪم! اوهانجي اها ڳالھ سٺي لڳي ته اوهان عمل ًجي ڳالھ ڪئي آهي ۽ سائين پهرين ڳالھ اها ته مان اها ئي ڳالھ لکندو آهيان جنهن تي مان پاڻ عمل ڪندو آهيان۔ ۽ هن ننڍڙي عرض ۾ اهي ئي ڳالهيون لکيون آهن جيڪي هر احساسمند کي چوڻ گهرجن ۽ اوهان سڀني کي به اها ڳالھ تسليم ڪرڻ ًگهرجي ته هلندڙ وقت ۾ جنهن کي اسان جديد دور ٿا چئون ان ۾ توهان سئو سيڪڙو پڙهيل لکيل مان ًگهڻا ماڻهو واقعي ۾ پڙهيل لکيل هوندا آهن۔ منهنجو چوڻ جو مقصد اهو ناهي ته پڙهيل لکيل ماڻهو بالڪل پنهنجي پاڻ لا آهن يا اناپرستي ۾ پورا آهن يا پنهنجون ذمينداريون پوريون نٿا ڪن پر انهن جو هن معاشري ۾ ڪردار ڇا آهي اهو به سمٍجٍهڻ ًگهرجي ۔ هلو ڀلا! ائين به صحيح ته ٻار ٻچن وارا ماڻهو مجبور آهن پر اهي ٻين تائين اهي شعوري عملن پکيڙ ته ڪن نه۔ پنهنجي تجربي ۾ روز اهڙا نوان سامهو ايندا آهن جن جي هٿ ۾ هڪ فائيل هوندو آهي ۽ سڄو ڏينهن پيا سرکاري دفترن چڪر هڻندا آهن، اهو انڪري جو انهن وٽ ايتري صلاحيت ڪونهي جو ڪنهن به موقعي مان فاعدو وٺن۔ توهان آڏو مان اهڙو مثال آهيان۔ اهو ائين جو مان ايترو اهل ناهيان پر ڏسو نه مون اهن ڳالھ تي غور ڪيو ته مان بهتر لکي سًگهان ٿو ۽ مون پنهنجي ليکي لکڻ شروع ڪيو۔ توهان ٻڌايو اوهان جي آڏو آهي، روز بروز بهتري اچي ٿي يا نه؟ مطلب چوڻ جو اهو ته ماڻهو پنهنجي ادر هنر پيدا ڪرن، ڪنهن به ڪم کڻي ته ان تي عبور حاصل ڪري وٺي۔ پو هو پنهنجي خلاف ڪنهن به فيصلي جي اعتراض ڪري سًگهي ٿو ۽ ان کي پنهنجو پاڻ تي اعتماد هوندو۔ هر انسان ڪنهن نه ڪنهن خوبي سان نوزيل هوندو آهي، بس رڳو ان کي پالش ڪرڻ جي دير هوندي۔ هڪڙي بوٽ جو مثال ٿا وٺو۔ بوٽ تي چمڪ تڏهن ئي ايندي جڏهن اسان کي پالش ڪندا ۽ اها چمڪ واري خاصيت ان بوٽ ۾ اڳي ئي موجود هوندي آهي ۽ ڪڏهن اهڙا به بوٽ هوندا آهن جن جي کل اڳ ۾ ئي چمڪدار ٺهيل هوندي آهي جو ان کي پالش ڪري جي ضرورت ناهي پوندي۔ اهڙا بوٽ هوندا آهن جيڪي نه ئي پالش ڪبا آهن ۽ نه وري اهي چمڪدار هوندا آهن۔ انڪري اسان منٍجهه خوبيون موجود آهن رڳو پنهنجو پاڻ کي پالش ڪرڻ جي دير آهي۔