منصور ميراڻي
سينيئر رڪن
مون فڪرمند جو پڙهيل لکيل طبقي کي هڪڙو ننڍڙو عرض آهي ته ”ربّ ڌڻيءَ واسطي اچو ته هڪ ٻئي لاءِ جيئڻ جي نئين شروعات ڪيون، متحد ٿيون امن قائم ڪيون ۽ صرف وڏيون ڳالهيون ڪري نه بلڪه عمل ذريعي ثابت ڪري ڏيکاريون. هن وقت معاشري جي حالت ڏسان ٿو ته ڄڻ اسين ڪنهن ڪرشمي جو انتظار ڪيون ٿا پيا ۽ اهو مان پوري اعتماد سان چوان ٿو ته اهڙو ڪوبه ڪرشمو ڪونه ٿيندو جيڪو اسان جي هن صورت حال کي بدلائي ڇڏيندو . اچو ته پنهنجي اندر مان انفرادي مفادن کي ڪلين سويپ ڪيون ۽ اهو ثابت ڪيون ته واقعي اسين پڙهيل لکيل آهيون ۽ پنهنجي ملڪ ۽ قوم جا وارث آهيون. اسان جو عام ماڻهو (هـــاري، مـــزدور وغيره ) جيڪو پنهنجو پيٽ پالڻ ۾ مصروف آهي ۽ ان کي ايتري سمجھ ڪونهي جو معاشري جي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪا رٿابندي ڪري، هو صرف ۽ صرف دانهن ڪندو رهندو. انڪري اچو ته انهن ماڻهن ۽ پنهنجي ڪمزرو ساٿين کي پنهنجي طاقت بڻايون.“
منهنجي هن ننڍڙي پيغام جو مقصد صرف ۽ صرف اهو آهي ته اڇن پنن تي لکيل ڪارا اکر رٽڻ سان ڪو پڙهيل ليکيل ڪونه سڏبو يا ڏسبو آهي پر ان جي عملن ۽ ڪردار مان خبر پوندي آهي ته هو ڪيترو پڙهيل آهي. انڪري مان اها ڪوشش ڪري رهيون آهيان ته پڙهيل لکيل کي اهو احساس ٿئي ته پڙهيل لکيل ٿيڻ جو مقصد ڇا آهي.